يوسف هارون: هڪ لبرل سياستدان قاضي آصف پاڪستان قائم ٿيڻ کان ڪيترائي سال اڳ ننڍيءَ عمر ۾ سياست جي شروعات ڪندڙ، ورهاڱي جو اکين ڏٺو شاهد يوسف هارون 95 سالن جي ڄمار ۾ آمريڪا جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. هو آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سر عبدالله هارون جو وڏو پٽ هو. هن 1942ع ۾ پيءُ جي وفات کانپوءِ پنهنجي خاندان کي معاشي ۽ سياسي طور سنڀاليو. هن لياريءَ جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اردو جي انقلابي شاعر فيض احمد فيض کي وٺي اچي حاجي عبدالله هارون ايسوسيئيشن ايجوڪيشن ڪمپليڪس ۾ پرنسپال جون ذميداريو حوالي ڪيون، جنهن ڪري کيس جنرل ايوب خان جي ڪاوڙ جو نشانو بڻجڻو پيو. هو 1944ع ۾ پنهنجي والد جي وفات کان ٻه سال پوءِ نوجواني ۾ ڪراچي جو ميئر بڻيو. هن ڪراچيءَ جي تڏهوڪي ميئر شمڀو ناٿ مولراج کان چارج ورتي هئي. ايوب کهڙي کي وفاقي حڪومت، ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري مرڪز جي حوالي نه ڪرڻ ۽ پنجاب کان وڌيڪ اڍائي لک مهاجر وٺڻ کان انڪار ڪرڻ تي سنڌ جي وزير اعظم جي عهدي تان هٽائي، پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو هو. ان بعد وري نوجوان يوسف هارون کي 1949ع ۾ سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ 1950ع ۾ کيس هٽائي، قاضي فضل الله کي وڏو وزير بڻايو ويو. لياري ۾ يعني پراڻي ڪراچيءَ ۾ تمام گهڻو اثر رکندڙ يوسف هارون کان ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان سخت ناراض ٿي پيو، ڇو ته فيض احمد فيض ڪجهه سالن ۾ لياريءَ جي نوجوانن جي سوچ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. غوث بخش بزنجي سميت هڪ وڏو لڏو هو، جنهن کي فيض احمد فيض تربيت ڏئي تيار ڪيو هو. بعد ۾ ايوب خان جي سخت دٻاءُ هارون خاندان کي ساڻو ڪري ڇڏيو. ايوب خان جو چوڻ هو ته يوسف هارون سميت هارون خاندان في الحال سياست تان دستبر دار ٿي وڃي. يوسف هارون مقابلو ڪرڻ چاهيو پر ڀائرن ۽ خاندان جي ماڻهن جي دٻاءَ تي لياريءَ ۽ سياست تان هٿ کنيو ويو. ان جي بدلي ۾ جنرل ايوب خان يوسف هارون کي آسٽريليا جو هاءِ ڪمشنر ڪري موڪليو. (گهڻا سال پوءِ لياريءَ ۾ هارون خاندان جي خال کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اچي ڀريو.) 1969ع ۾ يوسف هارون کي اولهه پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو، ڇو ته اتان موسيٰ خان کي هٽايو ويو هو. ڪجهه ڏينهن اندر ئي جنرل يحيٰ خان جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ يوسف هارون کي هٽايو ويو. اوڀر پاڪستان ڌار ٿيڻ کانپوءِ يوسف هارون هڪ دفعو ٻيهر لياريءَ ۾ پنهنجو سياسي ورثو سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر خاندان وارن کيس منع ڪئي ته هو سياست ۾ متحرڪ ڪردار ادا نه ڪري. ان بعد يوسف هارون گهڻو وقت ملڪ کان ٻاهر گذارڻ لڳو. سندس اباڻي گهر ”سي فيلڊ“ ۾ هو واپس ڪجهه عرصي لاءِ ايندو هو پر جنرل مشرف جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ هن سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن پارٽي سطح تي نه پر ذاتي حيثيت ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو ان کي برقرار رکي نه سگهيو. اهو ئي زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (ايس ڊي اي) ٺاهڻ لاءِ ڪوششون شروع هيون. امتياز شيخ، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، غلام مرتضيٰ جتوئيءَ سميت ڪجهه ٻين سياستدانن کي سنڌ جي ”تڪليفن“ جو احساس ٿيڻ لڳو هو. سنڌ جي ”احساس محروميءَ“ سبب هو ”پريشان“ ٿي ويا هئا. هنن صوبائي خودمختياريءَ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وچن ڪيو. ايس ڊي اي کي پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ آڻڻ لاءِ ”ٺهرايو“ پئي ويو. جڏهن ان جو منشور هڪ نامياري قانوندان تيار ڪيو هو ۽ ان جي ئي گهر تي ان جي اعلان لاءِ تقريب رکي وئي هئي، جنهن ۾ يوسف هارون کي مبصر جي حيثيت ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. جڏهن امتياز شيخ منشور جو اعلان ڪيو ته، صوبائي خودمختياري جي بنياد تي ٺهندڙ ايس ڊي اي جي منشور ۾ پهرئين نمبر تي اليڪشن جي تياري، جڏهن ته صوبائي خودمختياريءَ کي منشور ۾ ستين (7) نمبر تي آندو ويو. امتياز شيخ جي تقرير پوري ٿيڻ سان مان اٿي بيهي منشور ۾ صوبائي خودمختياريءَ کي ستين نمبر تي آڻڻ جي حوالي سان ڪجهه تيز سوال ڪيو، ڇو ته ان مهل تائين هو صوبائي خودمختياري پهرئين نمبر تي رکندا پئي آيا. ان وقت يوسف هارون توڙي جو مبصر طور اتي موجود هو، تنهن مائيڪ وٺي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ يوسف هارون جي اها تقرير، ايس ڊي اي جو رڪارڊ جنهن وٽ به هوندو، ان ۾ محفوظ هوندي. هن اتي موجود اقتداري سياست جي شوقين ڪردارن سان مخاطب ٿي هڪ جذباتي تقرير ڪئي هئي. مونکي ياد آهي ته يوسف هارون چيو هو ته، ”سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ڊگهي عرصي کان مختلف عذابن جي ور چڙهيل آهن ۽ توهان کي اقتدار ۽ اليڪشن جي اچي لڳي آهي! سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو جيڪڏهن توهان جي ايجنڊا تي نه آهن ته پوءِ هي ٽڪساٽ ڇو آهي؟“ هن وڏيرڪي سياست جو تفصيلي تجزيو ڪري کين احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته، سنڌ اوليت تي هجڻ گهرجي، اقتدار سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلو هجڻ گهرجي. هن چيو هو ته، هو پيرسنيءَ جي حالت ۾ به سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر رڳو شرط اهو آهي ته، سياست ۽ اقتدار سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ هجڻ گهرجي، سنڌ جو نالو وٺي استحصال ڪرڻ لاءِ نه. يوسف هارون ان ڏينهن ايس ڊي اي جي متحرڪ اڳواڻن جو موڊ خراب ڪري ڇڏيو ۽ ماني کائڻ کانسواءِ هليو ويو. ويندي ويندي هن ڪجهه صحsافين کي چيو ته، ٻئي ڏينهن صبح جو سندس گهر تي ضرور اچن. ٻئي ڏينهن تي، اسان چار صحافي جڏهن سندس ”سي فيلڊ“ تي پهتاسين ته هن پنهنجي گهر واريءَ سان اسان جو تعارف سنڌيءَ ۾ ڪرايو، هوءَ به ٺيٺ سنڌي ڳالهائي رهي هئي. يوسف هارون چيو ته، هو ڏاڍو پوڙهو ٿي ويو آهي، جيڪو ٿيو سو گذريو پر هو سنڌين لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن اسان کان صلاح گهري ته ڪهڙي پارٽي صحيح آهي؟ بعد ۾ هن جون ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ٿيون، پوءِ ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو، اها خبر ناهي. يوسف هارون کي سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ۽ ان پيڙهيءَ جي ٻين سياستدانن پنهنجين لکيل يادگيرين ۾ ياد ڪيو آهي. هو ڊگهي عرصي کان آمريڪا ۾ رهيو پئي، ۽ هاڻي هو ڪراچي ۾ پنهنجي گهر سي فيلڊ ۾ ڪڏهن نظر نه ايندو.
جواب: يوسف هارون: هڪ لبرل سياستدان انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ سنڌ جو معتبر سياستدا هو ، سائين جي ايم سيد کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪندو هو ۽ سندس جو ذڪر به ڪيترن ڪتابن ۾ ٿيل آهي ۔۔۔ هي سنڌ جا پراڻا ۽ تجربيڪار سياستدان هئا، هنن سياستدانن کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جي ايم سيد جيئان احساس ضرور ٿيو هو ته سنڌي ٻه ٽنگو ڦاٿا آهن ۔۔۔ انڪري آخري عمر ۾ سنڌ جو سوچيندا هئا ۔۔۔ پر قومپرست اڳواڻن جو معيار ڏسي مايوس ضرور ٿيا هوندا۔ سائينءَ جن جي وفات ڇا تازو ٿي آهي ۔۔۔؟ رب العالمين کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: يوسف هارون: هڪ لبرل سياستدان منهنجو دوست يوسف هارون ۽ ڪجهه تاريخي مونجهارا گل محمد عمراڻي جنهن سال منهنجو جنم ٿيو، (50-1949) ان سال يوسف هارون وزير اعليٰ هو. عبدالله هارون جي وڏي پٽ يوسف هارون سان انهيءَ وقت پهرين ملاقات ٿي، جڏهن 2002ع ۾ مان ڪلچر، اسپورٽس، سوشل ويلفيئر، اين جي اوز ۽ نوجوانن جي وزارت جو سيڪريٽري هئس. هڪ ڏينهن يوسف هارون صاحب جو فون آيو. پيغام هو ته هو بزرگ مون سان ڪنهن ”اهم“ منصوبي جي باري ۾ جلد ملاقات ڪرڻ گهري ٿو. مون هن صاحب سان سنڌي ۾ ڳالهائيندي هن کي چيو ته، محترم سائين توهان هاڻ ئي اچو، ڇاڪاڻ ته مان عبدالله هارون سائنس هال، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ”اڌ في“ تي پڙهي هر روز هارون خاندان کي دعا ڪندو هئس ته هنن جي خاندان مرحوم نور محمد لاکير وڪيل جي دل کولي مدد ڪري سنڌي مسلمانن لاءِ اهڙو شاندار خيراتي رهائشي اسڪول قائم ڪرايو، جنهن ڪري اڄ اسان جهڙا به خير سان ڪامورا (ڪام-وارا) ٿي هڪ وقت ئي 4/4 وزيرن جي ”ماتحتي“ ڪري عوام جي لاءِ ٿورو گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيون. يوسف هارون يڪدم (15 منٽن) ۾ ئي پهچي، منهنجي سامهون هڪدم صدر جنرل مشرف جي ملٽري سيڪريٽري جو خط رکيو ته هي پڙهي ڏسو. مون خط پڙهي پرکي، هن کي چيو ته سائين هي خط اصولن ته وزير اعليٰ ڏي وڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قانون مطابق ته جيڪا تجويز توهان کڻي آيا آهيو، اها بنيادي طرح سان پرڏيهي سيڙپڪاري جي آهي. ان کي ڪابينا مان ئي منظور ڪرائبو آهي. بنيادي شيءِ اها آهي ته منهنجو وزير باتدبير جيڪو گڏيل سرڪار جو رڪن آهي، اهو اَوس هن اسڪيم کي پنهنجي ”لنڊن“ واري هيڊ آفيس مان پاس ڪرائڻ لاءِ توهان جي ڪمپني کان ضرور ڪجهه شرطون ته مڃرائيندو! يوسف هارون صاحب چيو ته کيس هاڻ محترم صدر پاڪستان ۽ وزير اعليٰ جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ۽ توهان ڪامورا هميشه ڪا نه ڪا، ”پخ“ هڻندا آهيو. مون هن کي Rules of business (سرڪاري ڪم ڪار جا قاعدا) هڪدم ڪڍي ڏيکاريا ۽ چيومانس ته هيءُ پروجيڪٽ (منصوبو) هڪ ٻاهرئين ملڪ ۽ سنڌ حڪومت جو Public-private پارٽنرشپ جو ئي منصوبو هو ۽ لازماً انهيءَ کي ڪابينا جي ميٽنگ ۾ رکبو آهي. يوسف هارون اصل خوش نه ٿيو، بلڪه بضد رهيو ته، ڪابينه ۽ وزير اعليٰ کان صدر مشرف گهڻو مٿي آهي ۽ مان بيوقوف بار بار (قانون) Rules کنيو هن جي سياسي دليلن جا جواب ڏيئي رهيو هئس. انهيءَ بهاني نيٺ هن سان تقريباً روزانو هڪ ميٽنگ ٿيندي هئي ۽ ان مان مون کي اهو فائدو ٿيو ته هن سان مون ڄاڻي واڻي ان منصوبي کي ڇڏي، سنڌ جي تاريخ، قائد اعظم، محترمه فاطمه جناح ۽ محترم سائين جي ايم سيد جي باري ۾ مسلسل زباني سوال پڇڻ شروع ڪيا. وري هن کي اهو بار بار مودبانه طرح ٻڌايم ته ڪابينه ۾ منصوبي کي پيش ڪرڻ لاءِ ان رٿا جون 60/50 ڪاپيون سمري جي شڪل ۾ ٺاهي پوءِ وزير مُحڪمي کان اڳواٽ منظوري وٺي، پوءِ الله توهار ڪبي آهي! هن منهنجي متواتر سوالن جا جواب ته خنده پيشاني سان ڏنا پئي، ڇاڪاڻ ته هو منهنجي تاريخي تجسس کي ته پسند ڪندو هو، پر پوءِ چيائين ته ٻيلي اهي علمي، ادبي ڳالهيون هاڻي Sea field (سندس رهائشگاهه تي ٿيڻ گهرجن. منهنجي گهر کي هارون فيملي جي گهر سان ڳنڍڻ واري فقط هڪ عدد پٿر جي ٺهيل پُل آهي، جنهن جو نالو انگريزن Lover's bridge (عاشقن جي پُل) الائي ڇو رکيو هو؟ بعد ۾ منهنجون، مرحوم يوسف هارون سان متواتر 7/8 ملاقاتون سندس اباڻي Sea field واري گهر ۾ ٿينديون رهيون، جنهن ۾ گهڻو ڪري موجوده وزير خزانه ۽ ان وقت به مشرف جو خاص مشير اقتصاديات ڊاڪٽر حفيظ شيخ موجود هوندو هو. يوسف هارون وارو Investments (سيڙپڪاري) وارو منصوبو متعلقه وزير جي ڪنهن وڏي ”فرمائش“ ۽ پارٽي جي نارضامندي ڪري ڪابينه ۾ اچي آخري ڏاڪي ۾ اٽڪي پيو ۽ پوءِ هن جهوني سياستدان هڪ ڏينهن وڏو ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”هاڻ هن ملڪ مان ايمانداري ته موڪلائي وئي آهي.“ مون هن کي آخر ۾ اهو چيو ته هن عمر ۾ ٻڌايو ته توهان سنڌ مسلم ليگ وارن سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي غلطي ڪئي هئي؟ سوچي سوچي پاڻ چيائين ته ”ڪاش اسين سائين جي ايم سيد جهڙي ليڊر کي ڪڏهن به پاڪستان مسلم ليگ مان نه ڪڍون ها، يا هن کي نه وڃايون ها.“ مون هن کان اهو بار بار پئي پڇيو ته جي ايم سيد ۽ قائد اعظم کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ وارا ڪير هئا؟ جهوني مدبر يوسف هارون کلي چيو ته پنجاب سرحد جا ليڊر (خاص طور غلام محمد، چوڌري محمد علي، مشتاق گورماني ۽ ممتاز دولتانه جهڙا پنجابي-پٺاڻ سيد جي صوبائي خود انحصاري ۽ خودمختياري ۽ اصول پسندي قومپرستي کان خائف هئا ۽ هو چاهين پيا ته غلام حسين شيخ، هدايت الله جهڙا Yes man (ها ۾ ها ملائيندڙ) قائد جي چوڌاري موجود سهڻا سخن ٻوليندا رهن. يوسف هارون ٻڌايو ته پنجاب جي اردو پريس ان وقت (1946) ۾ به سخت Anti-syed (سيد مخالف) هئي. مسلم ليگ موجب پاڪستان ۾ فقط هڪ تهذيب هوندي، جيڪا اسلامي هوندي ۽ هن نئين مملڪت خداداد ۾ ڪا به جاگرافيائي تهذيب ڪا به معنيٰ نه ٿي رکي. هندستان ٽائيمز پنهنجي ايڊيٽوريل (English) ۾ به لکيو ته ”اگر صوبن جي گروهه بندي ڪئي وئي ته ان جو سڀ کان اگرو نتيجو اهو ئي نڪرندو ته سنڌي زبان تي اردو زبان مسلط ڪئي ويندي ۽ سنڌ پنهنجي مادري قومي زبان کان محرو ٿي ويندو“. يوسف هارون کي انهيءَ ڳالهه جو افسوس رهيو ته اها پاڪستان ۽ سنڌ مسلم ليگ جي غلط روش هئي، جنهن ڪري قائد اعظم، جي ايم سيد جهڙي مدبر، داناءَ، دلير ۽ همدرد سنڌي کان محروم ٿي ويو. ان جي ڪري سنڌ حڪومت (کهڙي واري) ۽ وفاقي حڪومت به پاڻ ۾ اڳيان هلي اٽڪيون ۽ جي ايم سيد به آخري عمر ۾ 96/95 سالن کان به مٿي هوندي به قيد و بند جو شڪار ٿي ڪري، عوامي ڪاوڙ جو ”مجسم احتجاج ۽ غيرت جو اظهار رهيو.“ بشڪريه ڪاوش