جاويد نواز
سينيئر رڪن
بي دردن کان داد وڏو ڪو سادو آن
دردن جي فرياد وڏو ڪو سادو آن
بربادي جي موڙ تي ويو ٿي بيهاري
اڃان چوين آباد وڏو ڪو سادو آن
قيد وڇوڙي جي پڃري ۾ ۽ پو ڀي
کلين چوين آزاد وڏو ڪو سادو آن
پاڻ کي ڏس ۽ ڏس پنهنجن حالاتن کي
ڪري ويئي برباد وڏو ڪو سادو آن
ڪون هو ٿيندئي شيرين هاڻي وڃ به مُڙي
ٿيندين نه تون فرهاد وڏو ڪو سادو آن
پاڻ نه رو روئار نه پنهنجن نيڻن کي
ڪر نه دل ناشاد وڏو ڪو سادو آن
آٿت جي اميد رکين ٿو ماڻهن ۾
ماڻهون اٿئي جلاد وڏو ڪو سادو آن
جاويد نواز
دردن جي فرياد وڏو ڪو سادو آن
بربادي جي موڙ تي ويو ٿي بيهاري
اڃان چوين آباد وڏو ڪو سادو آن
قيد وڇوڙي جي پڃري ۾ ۽ پو ڀي
کلين چوين آزاد وڏو ڪو سادو آن
پاڻ کي ڏس ۽ ڏس پنهنجن حالاتن کي
ڪري ويئي برباد وڏو ڪو سادو آن
ڪون هو ٿيندئي شيرين هاڻي وڃ به مُڙي
ٿيندين نه تون فرهاد وڏو ڪو سادو آن
پاڻ نه رو روئار نه پنهنجن نيڻن کي
ڪر نه دل ناشاد وڏو ڪو سادو آن
آٿت جي اميد رکين ٿو ماڻهن ۾
ماڻهون اٿئي جلاد وڏو ڪو سادو آن
جاويد نواز