السلام عليڪم! سمورا دوست سلامت هجن! ڪجهه وقت اڳ انپيج 3 پروفيشنل ۾ وقت سنڌي ۽ عربيءَ تي ٻارن جو قاعدو ڪمپوز ڪري پارٽيءَ کي ڏنو هئم، جڏهن ان طرفان ڪريڪشن ٿي آئي ته ڪريڪشن ڪرڻ وقت هڪڙو عجيب مسئلو پيش آيو. مهرباني ڪري ان جو حل ڪڍي ڏيو...! ڪمپوزنگ پيج جو اسڪرين شاٽ هن طرح آهي: پيج لي آئوٽ جي صحيح پوزيشن مٿي ڄاڻايل اسڪرين شاٽ مطابق آهي۔ جڏهن پارٽيءَ طرفان ڪيل ڪريڪشن ڪرڻ لڳم، ته جتي به لائين جو اضافو پيو ٿئي، ته اتي اکر هن طرح پيا ظاهر ٿين: واضح رهي ته اها ڪمپوز انپيج ۾ ئي ٿيل آهي، ۽ پوائنٽ سائيز، لائين اسپيسنگ ۽ فونٽ وغيره چيڪ ڪري چڪو آهيان. ان کان سواءِ ساڳئي فائل کي بند ڪري، ٻيهر پڻ کوليو اٿم، پر مسئلو حل نه ٿيو آهي. انپيج ڪيترائي ڀيرا ان انسٽال ڪري، ري انسٽال ڪيو اٿم، اهڙيءَ طرح ونڊوز جو گهوسٽ پڻ ٻيهر لڳايو اٿم، جنهن کان پوءِ به مسئلو حل نه ٿيو آهي.
جواب: انپيج 3 ۾ مدد ڪريو سائين ابو واصف، السلام عليڪم ورحمت الله ممڪن ادو رشيد اچي اوهانجي مسئلي کي سلجهائي يا وري ڪو فقير يا مست پڻ ان ڪم ۾ مدد ڪري يا وري اڄڪلهه اسانجي فورم تي هڪ نئون رڪن آهي ڪرم الاهي چنا صاحب، ممڪن اهي دوست اچن ته ڳالهه اڳتي وڌي ۔۔۔ پر هڪ ڳالهه ته شڪر الحمد الله ان مسئلي سبب اوهان هن اڱڻ تي آيا ۽ اوهانجي موجودگي جو احساس ٿيو، هاڻ آ ائين ته نه چوندس ته ڪاش اوهان سان اهڙا مسئله ٿيندا رهن پر اهو ضرور چوندس ته اوهان دوستن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي۔ دعائن ۾ ياد سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: انپيج 3 ۾ مدد ڪريو ادا ابوواصف۔۔۔ تصوير موجود نه آهي، اها ڏيکاريو ته من ڪجهه مسئلي جو حل ڪڍي اوهان کي ٻڌائي سگهون۔۔۔
جواب: انپيج 3 ۾ مدد ڪريو هائو ٻيلي بروبر! هن فورم کان ايترو ته گهڻو پري وڃي چڪو آهيان، جو تصوير به صحيح طور تي لڳائي نه سگهيس. الائجي ادو علي علي مون کي پنهنجي پوڙهن واري ٽيم ۾ شامل ڪندو يا نه؟ لنڪ ٻيهر لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. اميد ته هاڻي مسئلي جو حل نڪرندو.
جواب: انپيج 3 ۾ مدد ڪريو ادا مون مسڪين کي انپيج جي ايتري ته ڄاڻ نه آهي پر ٿي سگهي ٿو ته هن ۾ توهان پيج جي اندر لکيو هجي ۽ ڪريڪشن ڪرڻ واري وري ننڍڙو ٽيڪسٽ باڪس ٺاهي ان جڳهه تي ڪريڪشن جي ڪوشش ڪئي هجي۔۔۔ توهان ان پيج جي ٽول بار مان ٽيڪسٽ واري ٽول جي جڳهه تي تير وارو نشان سليڪٽ ڪري پوءِ ڪوشش ڪري ڏسو ته ڇا اهو ننڍڙو ٽيڪس سليڪٽ ٿئي ٿو يا نه۔۔۔
جواب: انپيج 3 ۾ مدد ڪريو السلام عليڪم ورحمة الله، مهرباني ڪري ڪتاب اپ لوڊ ڪري، لنڪ موڪليندا. اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو. مون کي فونٽ جو مسئلو لڳي رهيو آهي.
جواب: انپيج 3 ۾ مدد ڪريو مهرباني دوستؤ! مون جڏهن ساڳئي ڊيٽا ٻئي ڪمپيوٽر ۾ لڳائي ته اُتي منهنجو ٺاهيل لي آئوٽ بالڪل ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ مون پاڻ واري ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز7 جو ٿيم لڳايو هو، جنهن ڪري اهو مسئلو پيدا پئي ٿيو. جڏهن اهو ٿيم ۽ ان جا ايڪسيسريز اَن انسٽال ڪيم ته اهو مسئلو حل ٿي ويو.