نثارابڙو
نائب منتظم
نوٽ؛
دوستو هي هڪ آکاڻي انگريزي سائيٽ تي نظر آئي، ڪهاڻيءَ متاثر ڪيو ته سوچيم ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي، ممڪن اوهانکي پڻ ڪنهن ڪم اچي وڃي؛
اوهانجو سڄڻ دوست
نثار ابڙو
***********
هڪ ڏاهو ذهين علمي معيار سان سنواريل نوجوان هڪ تمام وڏي اداري ۾ مئنيجر جي نوڪريءَ وٺڻ لاءِ ويو ....دوستو هي هڪ آکاڻي انگريزي سائيٽ تي نظر آئي، ڪهاڻيءَ متاثر ڪيو ته سوچيم ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي، ممڪن اوهانکي پڻ ڪنهن ڪم اچي وڃي؛
اوهانجو سڄڻ دوست
نثار ابڙو
***********
نوجوان پهرين بحث ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، ۽ ان اداري جو مٿيون معزز مئنيجر کائنس آخري بحث ڪرڻ لاءِ آيو ته جيئن نوجوان جي اهليت جي پڪ ڪري
وڏي مئينجر نوجوان جي ڪاغذن مان اهو معلوم ڪيو ته نوجوان جو تعليمي معيار شروع کان انتهائي اعلا آهي، پرائمري کان گريجيوئيشن تائين ۽ تحقيقي ڪم پڻ سهڻو ٿيل اٿس. ۽ ڪو اهڙو سال نه هو جنهن ۾ سندس تعليمي انگ گهٽ هجنس.
وڏي مئنيجر کائنس سوال ڪيو ته ڇا تو ڪڏهن اسڪول ۾ اسڪالرشپ ورتي آهي؟
نوجوان جواب ڏنو؛ نه ڪڏهن به نه.
مئنيجر سوال ڪيو؛ ڇا تنهنجو والد آهي جيڪو تنهنجي اسڪول جا خرچ برداشت ڪندو آهي؟
نواجوان وراڻيو؛ منهنجو پيءَ ته تڏهن گذر ڪري ويو هو جڏهن آءُ هڪ سال جو هيس. منهنجي ماءُ آهي جيڪا منهنجي پڙهائيءَ جا سڀ خرچ برداشت ڪندي آهي.
مئينجر پڇيو؛ ڇا تنهنجي ماءُ ڪو ڪم ڪندي آهي؟
نوجوان وراڻيو؛ جي منهنجي ماءُ ڪپڙن جي صفائي ۽ ڌلائيءَ جو ڪم ڪندي آهي.
مئنيجر نوجوان کي چيو؛ پنهنجا هٿ مون ڏانهن کول، نوجوان پنهنجا ٻئي هٿ مئنيجر جي سامهون کولي رکيا، مئنجر سندس هٿن جي نزاڪت ۽ بي داغي محسوس ڪئي.
مئنيجر نوجوان کان پڇيو؛ ” ڇا تو ڪڏهن پنهنجي ماءُ کي ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مدد ڪئي آهي؟
نوجوان جواب ڏنو؛ ” نه ڪڏهن به نه“ منهنجي ماءُ هميشه اهو چاهيندي آهي ته آءُ پڙهان ۽ پنهنجو سمورو توجهه پڙهائيءَ کي ڏيان، ٻيو ته منهنجي ماءُ مونکان وڌيڪ تڪڙ ۾ ڪپڙا ڌوئي سگهندي آهي.
مئينجر چيو؛ منهنجو هڪ عرض آهي، جڏهن اڄ تون واپس پنهنجي ماءُ وٽ وڃين ته پنهنجي ماءُ جا هٿ وڃي ڏس ۽ انهن کي ڌوئي صاف ڪجانءِ ۽ سڀاڻي صبح جو اچي مونسان ملجانءِ.
نوجوان محسوس ڪيو ته نوڪري ملڻ جو آسرو تمام گهڻو آهي انڪري هو خوشي خوشي گهر ويو ۽ وڃي چاهه سان پنهنجي ماءُ کي هٿ ڌوئڻ جي عرض ڪيو، سندس ماءُ کي حيرت ٿي، ڪجهه خوشي ۽ خوف گاڏڙ احساس ۾ هن پنهنجا هٿ پٽ کي ڏيکاريا.
نوجوان آهستگيءَ سان پنهنجي ماءُ جا هٿ صاف ڪرڻ شروع ڪيا، ماءُ جا هٿ صاف ڪندي سندا اکين مان ڳوڙهي وهي نڪتا ۽ پهريون دفعو کيس محسوس ٿيو هو ته سندس ماءُ جا هٿ ڪيترا سخت ڏريل ۽ گهنجيل هئا ۽ هٿن تي اڻڳڻيون رهڙون آيل هيون. ڪجهه رهڙون ته ايترو گهريون هيون جو انهن تي زور اچڻ سان ايترو سور هو جو سندس ماءُ کي سيسڙاٽيون ٿي نڪتيون.
نوجوان کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو ۽ ڄاڻ ٿي ته هي اهي هٿ آهن جن ڪپڙا ڌوئي منهنجي اسڪول جا خرچا برداشت ڪيا آهن، امڙي جي هٿن جي زخمن تعليم جي قيمت مهيا آهي، ۽ هي ئي هٿ اهن جنهن سبب آءُ ڪنهن قابل ٿيو آهيان ۽ انهن هٿن سبب منهنجو مستقبل سنوارجي ويو آهي.
ماءُ جي هٿن ڌوئڻ کان فارغ ٿي، ان نوجوان چپ چپات سان وڃي رهيل ڪپڙا ڌوئڻ شروع ڪيا جيڪي سندس ماءُ کي ڌوئڻا هئا. ان رات ماءُ پٽ تمام دير تائين پاڻ ۾ رهاڻيون ڪيون.
ٻي صبح تي نوجوان سڌو ان وڏي مينيجر جي آفيس ۾ ويو. مينيجر محسوس ڪيو ته نوجوان جي اکين ۾ ڳوڙها تري رهيا آهن. مينيجر کيڪار کانپوءِ نوجوان کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”نوجوان، ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿو ته ڪالهه تو ڇا ڪيو گهر ۾ ۽ ان مان ڪهڙي ڳالهه جي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي؟“
نوجوان جواب ڏنو؛ ” مون امڙ جا هٿ صاف ڪيا ۽ باقي بچيل سڀ ڪپڙا پڻ ڌوئي ڇڏيا“
مينيجر چيو؛ ”ڇا تون پنهنجا محسوسات بيان ڪري سگهين ٿو؟“
نوجوان وارڻيو؛
اول، مونکي خبر پئي ته تعريف يا ڪنهنجو قدر ڪيئن ڪبو آهي. پنهنجي ماءُ کان بنا اڄ جون سڀ ڪاميابيون مون لاءِ ممڪن نه هيون.
ٻيو، اها ڄاڻ ٿي ته آءُ پنهنجي ماءُ سان گڏجي ڪم ڪري سگهانٿو. ۽ اهو احساس پئدا ٿيو ته ڪنهن شئي کي ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هوندو اهي.
ٽيون، مونکي ڪٽنب جي رشتن جي اهميت ۽ قدر جي ڄاڻ ٿي.
مئينيجر چيو، اهو ئي منهنجو چوڻ آهي ته آءُ اهڙِي ماڻهونءَ کي پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ڪريان جيڪو ٻين جي ڪم ۽ ساهتا جي ساراه ۽ قدر ڪري سگهي ۽ مونکي اهڙي ماڻهونءَ جي ضرورت آهي جيڪو ٻين جي تڪليفن کي محسوس ڪري سگهي ۽ کيس اهو احساس ٿئي ته ڪم ڪيترو ڏکيائيءَ سان ٿيندا اهن. ۽ آءُ نٿو چاهيان ته اهڙي ماڻهونءَ کي هن ڪمپنيءَ جي وڏي عهدي تي ڀرتي ڪريان جنهنجو مقصد صرف پئسو ڪمائي کيسا ڀرڻ هجي ...
توکي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.
انکانپوءِ ان نوجوان تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي ماتحت عملي جي عزتون کٽي ورتيون. هر هڪ عملي جو ماڻهون پنهنجي ايمانداريءَ سان ڪم ڪڻ لڳو ۽ ڪمپنيءَ جي ڪم جي ساراهه پوري شهر ۾ پکڙجي وئي.
ٻار کي جڏهن سڀ ڪجهه مهيا ڪيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهار ٿو ته اهو سندس ” پئدائشي حق“ آهي ۽ هو پنهنجي ضروريات کي هميشه اوليت ڏيندو آهي، ۽ پنهنجي والدين جي ڏکن ۽ محنت کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ جڏهن هو ڪو ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته هو چاهيندو آهي ته هرهڪ کيس ئي ٻڌي ۽ سندس جون ضرورتون ئي اوليت رکن ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن وڏو آفيسر ٿئي ٿو ته هو هيٺين مزورن يا نوڪرن جي تڪليفن کان اڻ واقفيت سبب انهن کي بيعزت ڪري ٿو يا انهن جي ڪا حيثِيت نٿو سمجهي.
اهڙي قسم جا ماڻهون ممڪن ڪجهه سٺا نتيجا ڏين ۽ ڪجهه وقت لاءِ ڪامياب به ٿين پر آخرڪار کين انهن ڪاميابين جي سهي اهميت نه هوندي اٿن. اهي ماڻهون ڪرڪرا ۽ نفرت سان ڀرجي وڃن ٿا ۽ وڌيڪ لاءِ وڙهندا رهنٿا.
اسين جيڪڏهن اهڙي قسم جا والدين آهيون، جيڪي پنهنجي ٻارن کي دنيا جي هر تڪليف کان پري رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيون ته ڇا اسين پنهنجي اولاد سان سهي پيار ڪريونٿا يا کيس تباهه ڪريونٿا؟؟؟؟
بيشڪ اوهين پنهنجي ٻار کي آرامده گهر ۾ رکو، کيس سٺو ۽ متوازن کاڌو کارايو، کيس گهر ۾ وڏي اسڪرين واري ٽي وي مهيا ڪيو، کيس کيڏڻ لاءِ سٺا رانديڪا وٺي ڏيو، پر جڏهن اوهان پنهنجي گهر جو ڪم ڪريو ته کين ان ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي کين ڪجهه سکڻ جو موقعو ضرور مهيا ڪيو. کاڌي کائڻ کانپوءِ کين پنهنجا ٿانوَ ڌوئڻ جي ترغيب ڏيو، انڪري نه ته اوهان وٽ پئسا ناهن ۽ اوهان نوڪرياڻي نه ٿا رکي سگهو، پر انڪري ته اوهان کين سهي پيار ڪيو ٿا، اوهين چاهيو ٿا ته هو ڪجهه سکن، ڪا ڳالهه ناهي ته اوهين ڪيترا امير آهيو، هڪ ڏينهن اوهين ڪراڙا ٿيندا جيئن مٿي قصي ۾ نوجوان جي ماءُ ڪراڙي ٿي وئي.
سڀ کان اهم آهي اوهانجي اولاد ڪيئن ڪنهنجي ساراهه ڪري سگهي ٿي ، ڪيئن ڪنهنجي محنت جو قدر يا انجي قيمت معلوم ڪري سگهي ٿي، ۽ جڏهن هنن کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جو تجربو هوندو ته هو به ٻين جي تڪليفن کي محسوس ڪندي انهن جو ساٿ ڏيندا ۽ هر حال ۾ ڪم ڪرڻ جهڙا ٿيندا ....
اچو ته پنهنجي اولاد کي سهڻن احساسن سان سنواريون ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي سٺا انسان مهيا ڪريون.