تنوير عباسي رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]نامياري شاعر ، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا۔

    پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا

    ٽم ٽم ٽانداڻا – 1981 جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو

    اماس ۾ به سوجهرو – 2001 جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو

    پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن۔ فيس بوڪ تي سندس وال تي هڪ غزل پڙهڻ لاء مليو۔ دوستن سان وند ڪجي ٿو۔
    [/JUSTIFY]

    همسـفر کـان سـواءِ عـمـر ســاري اڃا
    زندگــيءَ جــو ســفـر آهـي جــاري اڃا

    رات جِـــي ٻـــاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛
    تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا

    کـيت مهـڪـن پـيا، سنگَ جهومـن پيا،
    ڪنهن ته سپني ۾ گُم سُم آ ناري اڃا

    تـون سـُتو آن پـيو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾،
    تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا

    مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي؛
    منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا

    سـمنـڊ جي وِير ميٽي ڇـڏيون لکَـتون؛
    سـي سنڀاري ٿي ساحل جي واري اڃا


    [​IMG]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    سائين توهان جي ونڊ ڪيل شاعري سائين محترم حڪيم عبدالقادر جن کي ڏاڍي پسند آئي اوهان جي مهرباني جو اهڙي بهترين شاعري ونڊ ڪيو ٿا.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    سائين توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي هڪ مهان شاعر جي عظيم غزل ونڊ ڪئي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    سائين رحيم بخش صاحب قرب

    مهرباني سائين حڪيم عبدالقادر جن جي۔ سائين جن کي اسان جا سلام ڏيو۔

    دعائن ۾ ياد
     
  5. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    سائين توهان جو ونڊ ڪيل مختيارملڪ جو غزل ڏاڍو وڻيو.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    سائين حڪيم صاحب اوهان جون مهربانيو

    مختيار ملڪ سنڌ جي موجوده ٽهيء جو سيبتو ۽ پختو شاعر آهي۔ سندس ڪجه سٽون آهن ته :

    توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين ، صحرائن ۾ چور ٿياسين
    ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون، يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين
    قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون، ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين
    ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا، اسان به اڄ منصور ٿياسين
    لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون ، ايڏو اڄ مجبور ٿياسين


    پسند ڪرڻ ۽ همت افزائيء لاء ٿورا
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    مهرباني فقير جي

    پاڻ کان شاعري ڪونه پڄي باقي سٺي شاعري ٻڌڻ جا شوقين آهيون۔ مختيار ملڪ سنڌ جو بهترين شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ، اسان کيس سالن کان ريڊيو تي ۽ اسٽيج تي ڪمپيرنگ ڪندي ٻڌو آهي ۽ ڏٺو آهي۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  9. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: رات جِـي ٻـاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛ تــو ڀلا ڇـو نــه آ، لاٽ ٻــاري اڃان

    مختيار ملڪ جڏهن به سچل جي عرس جي موقعي تي پنهنجي مخصوص انداز سان ڪمپيئرنگ ڪندو هو ، ممتاز مرزا کانپوء اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض تمام سهڻي انداز سان هلائيندو آهي۔ ريڊيو خيرپور تي سندس ڪوششون زبردست رهيون آهن

    تمام ڀلوڙ شاعري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو