ساٿيو! جئين ته اسان ۽ توهان بحثيت سنڌي هجڻ جي ڪري ڏيهه ۾ امن جي علامت ۽ پرڏيهه ۾ امن جا سفير آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جو تعلق انهي ديس سان آهي جتي هميشه امن جي آبياري ڪئي وئي آهي. نفرت، هوڏ، انتها پسندي جو ٻڄ ان ڌرتي تي ڇٽيو ئي ناهي ويو. اُخوت، رواداري ۽ انسانيت جي احترام جا عنصر ان ديس جي مٽي ۾ ڳوهيل آهن. جتان جيڪڏهن ڪو آواز گونجي ته ان جي پڪار اهائي هجي ته؛ سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛ دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
جواب: ڀليڪار يا پوءِ اهو آواز هي هجي ته؛ جنهنجو نالو جنگ، اُن جو انگ انگ آڳ آ، تنهن کان سڀڪو تنگ، او شل، باهه تباهه ٿئي!
جواب: ڀليڪار ڀا گوپانگ جاني ڀليڪار اوهان کي اسان جي هن سهڻي اوطاق تي۔ ادا اوهان پنهنجو پورو تعارف ڪرايو ته ڪٿي رهو ٿا ڇا ڪندا آهيو۔ ۽ مصروفيات ڇا آهن۔
جواب: ڀليڪار سائين طارق علي گوپانگ کي سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سائين محترم اوهانجو ٻولي سچ ۽ حق جو ٻولي آهي بيشڪ اسين سنڌ واسي امن جا سفير ۽ امن جا ضامن رهيا اهيون، تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو اهي، جيتوڻيڪ ان ساٿ ڏيڻ سبب ڪيترائي گهاٽا ڳچي ۾ پيا آهن پر پو به اسانجي ريت اها ئي پيار ۔۔۔ محبت ۔۔۔ امن بحث ته تمام گهڻا پيا ٿيندا پر جيڪڏهن اوهانجو تفصيلي تعرف ملي وڃي ته ممڪن دوستي جا پيڄ ڪسڻ ۾ آساني ٿي پوي ۔۔۔ اوهانکي هي سنڌ دوست اوطاق ڪيئن لڳي؟ ۽ اوهانکي ڪٿان ڏس پتو مليو؟ ڪجهه اهڙا ڏس پتا ملن ته لک ٿورا ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ سنڌ سلامت سان دوستي واري دائري ۾ اچي اسانجا حال ڀائي ضرور ٿيندا ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڀليڪار دوست اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿئي چئجي اميد ته جلد کان جلد سنگت سان پنهنجون لکڻيون شيئر ڪندا سدائين گڏ
جواب: ڀليڪار ادا طارق علي ڀاء هن اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا اميد ته سائين نثار جن جي تحرير ۾ ڄاڻايل اشارن مطابق پنهنجو تفصيلي تعارف به دوستن کي ٻڌائيندا ۽ پنهنجي علمي خزاني مان ڪجهه ذرو اسان سان به شيئر ڪري اسان جي معلومات اضافو ڪندا رهندا.