• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي هارڊ ڊسڪ جا بيڊ سيڪٽر ختم ڪريو

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم​
سنڌ سلامت جا دوستو اڄ ڪلهه هڪ عام مسئلو ڏسڻ ۾ پيو اچي اهو آهي بيڊ سيڪٽرس جو
جيڪڏهن اسان جي هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽر اچي ٿا وڃن ته اسان پريشان ٿئي ويندا آهيون ته هاڻي ڇا ٿيندو ڦلپوٽي فقير جي هوندي توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت بلڪل نه آهي ان جو تمام سٺو ۽ آسان حل مان اوهان کي اڄ ٻڌائيندس ،
توهان سڀ کان پهريائين ته هيٺ ڏنل لنڪ تان سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪري وٺو
(نوٽ) هن سافٽ ويئر کي نيرو جي ذريعي بوُٽُ ايبل ٺاهڻو آهي پر جيڪڏهن توهان ان کي بوٽ ايبل نه ٿا ٺاهي سگهو ته توهان ڪنهن به بوٽ ايبل سي ڊي جي ذريعي سسٽم کي بوٽ ڪرائي پو۽ سي ميپ واري رائيٽ ڪيل سي ڊي ، سي ڊي روم ۾ داخل ڪريو)

downloadboooks.png


هاڻي توهان جيئن ئي سي ڊي کان سيٽ اپ اسٽارٽ ڪندو ته توهان جي اڳيان هي اسڪرين هوندي

25363208.jpg

هاڻي توهان اتي SD لکي ڪري انٽر ڪري ڇڏيو پو۽ سيٽ ڊرائيو آپشن ايندو پو۽ توهان اتي ڏسندو ته ٽارگيٽ ڊرائيو موجود هوندي
74243878.jpg
توهان 0 يا 1 ڪي بورڊ جي مدد سان دٻائي ڪري انٽر ڪري ڇڏيو ان کان پو۽ ڪي بورڊ جي مدد سان 2 کي دٻايو ڇو جو هارڊ دسڪ رائيٽ پروٽيڪٽ آهي هتي اوهان کان YES/NO جو آپشن ايندو هتي اوهان کي NO ڪرڻو آهي اهو انهي لا۽ ته هارڊ ڊسڪ تي رائيٽنگ ممڪن ٿئي سگهي ان کان پو۽ ESC جي بٽڻ کي دٻايو مين مينيو ۾ اچڻ لا۽
69503749.jpg

ان کان پو۽ ڪمانڊ لائين ۾ FD يعني فارميٽ ڊرائيو هاڻي لو ليول فارميٽ شروع ڪرڻ لا۽ Y کي پريس ڪري ڇڏيو
42114031.jpg

79852517.jpg

هاڻي ڪلاڪ يا ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو سي ميپ سافٽ ويئر کي فارميٽ ڪرڻ ۾ اهو توهان جي هارڊ ڊسڪ جي سائيز تي دارومدار ٿو ڪري فارميٽ مڪمل ٿيڻ کان پو۽ اتي Format Over جو ميسيج ايندو .
ان عمل مڪمل ٿيڻ کان پو۽ توهان ڪنهن به سافٽ ويئر سان هارڊ ڊسڪ جي پارٽيشن ٺاهي سگهو ٿا پارٽيشن ٺاهي ڪري توهان هاڻي نارمل فارميٽ به ڪري ڇڏيو ته بهتر رهندو .
سنڌ سلامت جو دوستوڪافي ماڻهو اهو ئي سوال ڪندا آهن ته سي ميپ سافٽ ويئر سان به ڪو مسئلو حل ناهي ٿيو انهن جي فارميٽ ڪرڻ جا طريقو مختلف هوندو آهي ۽ هن سافٽ ويئر جا 5 طريقا آهن فارميٽ ڪرڻ جا پر جيڪو هي طريقو هتي شيئر ڪيو ويو آهي اهو بهترين آهي وڏي ڳالهه ته اهو فقير جو آزمايل آهي .
دعائن ۾ ياد
suhnan saan


sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top