پهريان ته سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي ۽ دل گُهري دوستن کي منهنجو سڪ ڀريو سلام قبول هجي جيئن ته منهنجو نالو وحيد کوسو آهي مان هڪ نڍڙي ڳوٺ ڌنڱ شريف جو رهواسي آهيان ان سان گڏو گڏ نيشنل بئنڪ ۾og-ii officer آهيان۔ ڪجه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيو آهيان مان سمجهان ٿو۽ مونکي اميد به آهي ته مونکي سنڌ سلامت طرفان موچاري موٽ ملندي۔ انشا الله اوهان سان سدائين سهڪار رهندو اوهنجو پنهنجو وحيد کوسو بلوچ
جواب: سڪ ڀريو سلام [justify] سائين وحيد کوسا صاحب، اسانجي اکين تي، دوست وڌن ميلا لڳن، هو جمالا ڳائجن ۔۔۔ اوهانکي سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اڱڻ تي اچڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهان ۽ اسان جا لفظ ته هون چوڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته اسين سڀ هڪ روح مختلف جانيون آهيون، انڪري اسين ئي اسين آهيون ۔۔ اوهان آهي ئي ڪون۔ اوهان به شايد ان ئي ڳوٺ جا آهيو جنهن ڳوٺ جو جاويد نواز کوسو صاحب آهن، جي پڻ هن اڱڻ تي تازو رڪن جي حيثيت سان آيا آهن. اوهانکي موٽ ڇا اسين ته اوهان کان ڪجهه سکڻ لا آتا آهيون، اوهين حڪم ڪريو، اسانجون دوستيون ۽ اسانجون سنڌ پرستيون اوهان لا ئي ته آهن۔ اوهان هن اوطاق کي پنهنجي اوطاق سمجهندا ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي مد ۾ ٿيندڙ هلچل جا رهنما ٿي اسانجو ساٿ نڀائيندا ۽ اسانجي اڳواڻي ڪندا۔ اوهانکي هي اوطاق ڪيئن لڳي ۽ اوهانکي ڏس پتو ڪيئن پيو، اهو پڻ ٻڌائيندا ته واه واه۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: سڪ ڀريو سلام دوست اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿئي چئجي اميد ته جلد کان جلد سنگت سان پنهنجون لکڻيون شيئر ڪندا سدائين گڏ
جواب: سڪ ڀريو سلام سائين منهنجا۔آسلام عليڪم توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چون ٿا۔آميد ت توهان هن آوطاق تي بهترين معلومات ونڍ ڪندا۔توهانجي لکڻين جو انتظار رهندو۔
جواب: سڪ ڀريو سلام ادا اوهان کي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔ هي محبتي اڱڻ آهي هتي سڀ دوست محبتي آهن اوهان جي آجيان لا ڪافي دوستن سٺي نموني سان آجياڻو ڪيو آهي۔۔۔۔ اميد اوهان کي هن سنگت ۾ ڪافي مزو ايندو ۽ ڪافي ڳالهيون اوهان کان سکبيون سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڪ ڀريو سلام دوست اڱڻ تي اچڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار ادا انشاالله توهان کي پهنجائپ محسوس ٿيندي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا رهندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڪ ڀريو سلام ادا وحيد کوسو صاحب اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔
جواب: سڪ ڀريو سلام وعليڪم السلام ادا وحيد صاحب اتفاق سان آ اڄ تازو ئي ميمبر ٿيس اوهان جي سهڻين ۽ موچارين لکڻين جي پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي اوهان جي تصوير ڏسندي ئي چهرو آشنا لڳو ۽ جڏهن اوهان جي ماڳ ڏانهن نگاه ڪئي ڌنڱ پڙهندي ئي شڪ يقين ۾ تبديل ٿي ويو نيشنل بئنڪ جوائن ڪرڻ تي اوهان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ڇا اوهان اڃا تائين ڪرڪيٽ کيڏندا آهيو؟ استاد عبدالرشيد کوسي سميت تمام دوستن کي سلام چوندا