افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
تعليم، استاد ۽ ميڙ منٿ قافلو
4 فيبروري جي ڪاوش ۾ فرنٽ پيج تي ”خدارا اسانجا ٻار پڙهايو“ خبر کي باڪس ۾ هاءِ لائيٽ ڪري ڪاوش سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ان خبر کي 3 هفتا کن گذري ويا آهن پر پوءِ به استادن جي هر محفل ۾ اها ئي خبر زير بحث آهي ته عوام تعليم جي تباهيءَ کي ڏسي انتهائي قدم کڻندي اسڪولن جو رخ ڪيو آهي. جيڪڏهن هاڻي به پڙهائي نه ڪئي وئي ته پوءِ ان کان وڌيڪ ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ٻيو ڪوبه قدم نٿو ٿي سگهي. تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالرزاق عابد لاکي جو وڳڻ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي ساڻ ڪري جيڪو ميڙ منٿ قافلو وڳڻ جي تعليمي ادارن ڏانهن ويو هو، حقيقت ۾ اهو رڳو وڳڻ جي تعليمي ادارن ڏانهن نه هو پر سنڌ جي هر تعليمي اداري ڏانهن ميڙ هو. اڄ انهيءَ ميڙ کي مان ڏيندي سنڌ جا استاد، شاگردن جي مستقبل کي بچائيندي پڙهائيءَ ڏانهن توجهه ڏين، ڇو ته قوم ۽ ڌرتيءَ جو آجپو تعليم سان سلهاڙيل آهي. اڄ جيڪڏهن اسين محڪوميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون ته ان جو ڪارڻ به تعليم جي تباهي آهي. اسان کي خوشي ٿي آهي ته، خبر موجب، وڳڻ جي مدرسي مان هڪ مولويءَ اسڪول جي تعليم جي سڌاري لاءِ ايڏو قدم کنيو آهي. مون کي شيخ الهند محمود الحسن جي تاريخ ياد اچي وئي، جنهن دارالعلوم ديو بند کان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ وڃي تاريخي خطاب ڪندي چيو هو ته، ”مونکي انقلاب جي خوشبوءِ خانقاهن مان گهٽ ۽ اسڪولن جي در ۽ ديوارن مان وڌيڪ اچي ٿي.“ اڄ سنڌ جي تعليمي ادارن جا ڏيئا اجهامي ويا آهن ۽ مونکي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو اهو خط به ياد آهي، جيڪو هن سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيو هو ۽ انهيءَ ۾ قاضي صاحب لکيو هو ته، ”مان چاهيان ٿو ته سن مان علم جو سج اُڀري“ پر افسوس ته سنڌ جا تعليمي ادارا اڄ تباهيءَ جي ڪناري پهچي ويا آهن، جنهن لاءِ به اهي ذميوار آهن، جن جي وڏڙن علم سان ڳنڍيل آجپي جا خواب ڏٺا آهن. جس آهي وري به انهيءَ مولوي صاحب کي، جنهن سنڌي ماڻهن، سنڌ جي استادن جي ضمير کي جهنجهوڙيو آهي.
عبدالفتاح چنو/ڄامشورو
ڪاوش جي ٿورن سان