• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد جي مار ٻار جي سنوار

شبير جتوئي

سينيئر رڪن
مطلب ته استاد سئين واٽ ڏيکارڻ مهل جيڪڏهن مجبور ٿي ٻار کي ماري ته تنهجي شڪايت نه ڪرڻ گهرجي۔ ڇاڪاڻ ته اها مار ٻار لاء فائديمند آهي۔ فارسي ۾ پڻ چوڻي آهي ته ”"جور استاد به زمهر پدر“ يعني استاد جو ظلم پيء جي مهرباني کان چڱو آهي۔
 
مطلب ته استاد سئين واٽ ڏيکارڻ مهل جيڪڏهن مجبور ٿي ٻار کي ماري ته تنهجي شڪايت نه ڪرڻ گهرجي۔ ڇاڪاڻ ته اها مار ٻار لاء فائديمند آهي۔ فارسي ۾ پڻ چوڻي آهي ته ”"جور استاد به زمهر پدر“ يعني استاد جو ظلم پيء جي مهرباني کان چڱو آهي۔

ادا شبير جتوئي توهان جي هن بهترين شيئرنگ تي مونکي هڪ واقعو ياد اچي ويو۔
وڏيري (م) جو پٽ اسان سان گڏ پڙهندو هو، اميراڻو ٻار ٻيو وري دادلو ، سو اسڪول جو ڪم ئي گهٽ ڪري اچي، هڪ ڏينهن استاد محمد علي جيڪو اسان جو انگريزي جو استاد هو انهي هن کي اسڪول جو ڪم نه ڪري اچڻ تي ٻهه ٽي چماٽون ۽ ڏنڊيون وهائي ڪڍيون، سائين موڪل کان ٿوري دير اڳ پوليس آئي ۽ سائين کي کنڀي وئي، سائين پڇين ته منهنجو گناهه ڪهڙو آهي، ته چيائين ته تنهنجي ايتري همت جو تون ٽڪي جو استاد ٿي ڪري وڏيري (م)جي پٽ کي مار ڏني آهي، اسان جي استاد محترم کي اهڙي ته مار ڏنائون جو هن ويچاري ڪنهن به ٻار تي هٿ کڻڻ ئي ڇڏي ڏنو۔

ادا شبير جتوئي هاڻي ٻڌايو، ڇا اڳ وارا استاد ۽ شاگرد رهيا آهن؟
ڇا اُها تعليم انهن اسڪولن ۾ رهي آهي جيڪي اسان جي وقت ۾ هئي؟
اڃڪلهه جو شاگرد استاد جي عزت ڇو نه ڪري؟
 
سائين وهاب اسان جي سنڌي استادن سان اهو ئي ته ظلم آهي
ڪو وڏيري جو ٻار ڪوڪمدار جوٻار ڪو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سواسان واري تعليم اتي ئي آهي
 
Back
Top