سنڌ لاءِ ناسور بڻيل ذات برادرين واري سياست [justify] 19 فيبروري 2011ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ جهڏي جي ڊاڪٽر محب ڀيل جو خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن صاحب برادري سياست کي سنڌ لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو آهي. ڊاڪٽر محب ڀيل بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي آهي. شروع ۾ سائين جي ايم سيد به سيد برادريءَ کي اڳتي آندو. سندس لکيل ڪتابن ۾ ان جي جهلڪ ظاهر نظر ايندي. ”رهاڻ“ (مرتب سائين جي ايم سيد) ۾ گهڻا خط اهڙا ملندا، جن ۾ سيدن جي شجرن، گڏجاڻين جو ذڪر ملي ٿو. 1946ع وارين چونڊن ۾ سائين جي ايم سيد هڪ سيد صاحب کي ٽڪيٽ ڏيارڻ ٿي چاهي، ٻئي طرف مسلم ليگ وارن رئيس غلام محمد وساڻ کي موزون اميدوار قرار ڏنو، جيڪو آسانيءَ سان چونڊ کٽي ٿي سگهيو. ميڊم حميده کهڙو پنهنجي ڪتاب ”محمد ايوب کهڙي جي جرئتمندانه سياسي زندگي“ ۾ لکي ته، جڏهن سائين جي ايم سيد جي نامزد ڪيل اميدوار کي ٽڪيٽ نه ملي، جيڪو سيد غلام حيدر شاهه هو، ته سائين احتجاج ڪندي گڏجاڻيءَ مان اٿي آيو ۽ پوءِ هن مسلم ليگ کي به خيرباد چيو. مگر جلد سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ برادريءَ واري سياست نه هلندي، هتي سنڌي قوم جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ ائين ٿيو. سنڌ جا ماڻهو اڄ کيس عزت، احترام، پيار ۽ محبت سان ياد ڪن ٿا، ڇو ته سائينءَ انهن جي دلين جي ڳالهه ڪئي، سڀني سنڌين جي ڳالهه ڪئي، انهن پيڙائن کي منظر تي آندو، جيڪي فرقيواريت جي نالي ۾ ملڪ جي ننڍن صوبن سان زيادتيون ڪري رهيا هئا، انهن کي وائکو ڪيو. بدين کي ضلعي جو درجو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڏنو، ڇو ته بدين حيدرآباد کان پري هو، اتي جا ماڻهو حيدرآباد وڏي تڪليف سان پهچندا هئا. نئين ضلعي بدين ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هڪ گڏجاڻي رکي، جيئن تر جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪري سگهجي. ڪجهه وفد ڀٽي صاحب سان ملڻ لاءِ ترتيب ڏنا ويا. ان زماني ۾ شايد نجم الدين سريوال mna هو ۽ پير علي بهادر شاهه mpa. انهن وفدن ۾ هڪ ذات سان تعلق رکندڙ همراهه جو نالو به هو، جيڪو پنهنجي برادريءَ جي صدر طور ڀٽي صاحب سان ملڻو هو. ڀٽي صاحب وٽ جڏهن لسٽ ويئي ته ان پهرين ان ئي شخص کي ملاقات لاءِ طلب ڪيو. ڊيوٽيءَ تي موجود سرڪاري اهلڪار ٻاهر اچي چيو ته فلاڻي ماڻهوءَ کي ڀٽي صاحب ملاقات لاءِ گهرايو آهي، يعني ان ذات واري اڳواڻ کي. همراهه ڏاڍو خوش ٿيو ته ڀٽي صاحب هن ذات جي طاقت کي تسليم ڪندي کيس پهرين فرصت ۾ گهرايو آهي، هاڻ ته ٿي وينديون ”موجان ئي موجان“. جڏهن اهو همراهه ڀٽي صاحب اڳيان آيو ته ڪراچيءَ کان نڪرندڙ سنڌي اخبار، جيڪا ان زماني ۾ پ پ جي نمائنده اخبار هئي، لکيو ته، ڀٽي صاحب هن کان پڇيو: تنهنجي ”قوم“ جا گهڻا ماڻهو هن ضلعي ۾ رهن ٿا؟ هن چيو ته، اڌ آبادي اسانجي ”قوم“ جي آهي. ڀٽي صاحب چيو ته، آئون سروي ٿوڪرايان، اگر ايترا ماڻهو تو واري ذات جا نه نڪتا ته توکي جيل موڪليو ويندو. اها ڳالهه ٻڌي ان همراهه کي پگهر اچي ويا، ڇو ته هن غلط بياني ڪئي. ان بعد ڀٽي صاحب ان محترم کي چيو ته قوم صرف هڪ آهي، سنڌي قوم- جنهن لاءِ خدمت ڪرڻي آهي، ان کي خوشحال ڪرڻو آهي، مضبوط ڪرڻو آهي. توهان سڀئي گڏجي قوم جي خدمت ڪريو، ذاتين واري چڪر مان نڪرو. ڀٽي صاحب بلڪل صحيح چيو هو ته ذاتين واري سياست سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيندي، گهر گهر ۾ انشار پيدا ٿيندو، دشمني وڌندي. برادري سياست سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي، جيڪا نفرت کي جنم ڏئي ٿي، ان کان پري رهڻ گهرجي. خانداني حڪومتن جو خاتمو ٿيندو پيو اچي. نيپال، مصر ان جا مثال آهن. هاڻ اها لهر ٻين عرب ملڪن تائين پهچي چڪي آهي. بنگالي قوم هڪ آهي، اتي سياسي اختلاف ته ٿي سگهن ٿا، پر قومي نه. اهو ئي سبب آهي جو ورلڊ ڪپ جو افتتاح بنگلا ديش ۾ ٿيو آهي. سو اسانکي سنڌ ۾ ذات برادريءَ واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، قومي سطح تي سوچڻ گهرجي، ان ۾ ئي سنڌ جو فائدو آهي. [/justify] ذوالقرنين شاهه/ڀٽ شاهه روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: سنڌ لاءِ ناسور بڻيل ذات برادرين واري سياست بلڪل دوست، دينا جون قومون ترقي ڪندي قومي منزلون طع ڪري انساني رتبي تائين پهچنديون وڃن ۽ سنڌي آهن جو، ابڙا قوم، وساڻ قوم، چانڊيا قوم ۽ ٻين انيڪ قومن جي نالي ۾ وراهجندي وڃي، جنهن جو انت تباهي ۽ خود غرضي کان علاوه ڪجهه به ناهي ۔۔۔ ها ان جو اهو مطلب ناهي ته قبيلن جي ڪا اهميت ناهي، نه، قبيلا پڻ فطري هوندا اهن، انهن جي اهميت هوندي آهي جيئن ڪنهن فرد، گهراڻي جي هوندي آهي ،،، فرد، گهراڻا، قبيلا ۽ ذاتيون ملي قوم ٺاهينديون آهن ۔۔۔ ۽ قوم ٺهڻ کانپو انهن جي اهميت ٻي درجي تي هوندي آهي اوليت قوم کي هوندي آهي ۔۔۔ اسان سڀني کي گهرجي ته ان قسم جي ٿيندڙ ڪمن جي نندا ڪريون ۽ انهن جو ساٿ نه ڏيون ۔۔۔ ۽ هر فورم تي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪريون ۔۔۔ تمام ڪارائتو ليک ونڊ ڪري سنڌين جي رهنمائي ڪرڻ تي ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت