سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو! نصير ميمڻ [JUSTIFY]جڏهن اسان اها ڳالهه ڪريون ٿا ته سنڌ کي جديد دنيا جي تقاضائن آهر تبديل ٿيڻ گهرجي ته ان نئين سنڌ جي تصور جا ڪهڙا بنياد آهن؟ آخر اها تبديل ٿيل سنڌ ڪهڙي شڪل شبيهه جي هجي، جيڪا سنڌ واسين کي هن سياسي ۽ سماجي ڌٻڻ مان ڪڍي ترقيءَ جي دڳ لائي؟ ان تصور کي ٺوس عملي بنياد ڏيڻ لاءِ اسان کي اڄوڪي دور جي اسريل ۽ اسرندڙ سماجن جو غور سان جائزو وٺڻ گهرجي. منهنجي نظر ۾ اڄوڪي دور ۾ اسريل سماج چئن اهم ٿنڀن تي بيٺل آهن. اهي ٿنڀ آهن، موڙي (مضبوط معاشي ڍانچو)، معياري ۽ انساني وسيلا (تعليم، ميرٽ، هنر ۽ سوچ)، ٽيڪنالاجي (جديد سائنسي تعليم ۽ کوجنا) ۽ بهتر حڪمراني (عوام دوست جمهوري ۽ ترقي پسند سياست). اهي چارئي ٿنڀ اڄ جي اسريل سماجن جي عمارت کي ٽيڪ ڏئي بيٺا آهن. جنهن به سماج ۾ انهن مان ڪو هڪ به ٿنڀ ڪمزور آهي، اتي ترقيءَ جو ڦيٿو هڪ سطح تي اچي رڪجي وڃي ٿو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جنهن خطي جو حصو آهي، اتي اهي چارئي ٿنڀ جهريل آهن. اهي ٿنڀ هونءَ ته مجموعي ملڪي صورتحال سبب جهريل آهن، پر سنڌ جي اندروني سطح تي نه رڳو انهن جي حالت وڌيڪ خراب آهي، بلڪه انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪا سياسي نيت يا ڪوشش به نظر نٿي اچي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ بنيادي تبديلي آڻي هڪ نئين سنڌ جي اڏاوت جون تقاضائون آسانيءَ سان سمجهي سگهجن ٿيون. انهن چئن اهڃاڻن جي آڌار تي اڄوڪي سنڌ جو هڪ سرسري جائزو به وٺبو ته به واضح نظر ايندو ته سنڌي ترقيءَ جي شاهراهه کان ڪوهين ڏور بيٺل آهن. جيتوڻيڪ اسان جنهن جاگرافيائي خطي ۽ ملڪ اندر رهون ٿا، ان ۾ هڪ حد تائين اها صورتحال اسان جي مٿان مڙهيل به آهي، پر سنڌي سماج اندر انهن مان آجو ٿيڻ جي لاءِ ڪا سوچ يا ڪوشش به گهٽ نظر اچي ٿي. مان سمجهان ٿو ته ان مڙهيل مجموعي صورتحال اندر به بهتري آڻڻ جي ڪجهه نه ڪجهه گنجائش موجود آهي، جنهن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي. منهنجي ادنيٰ راءِ ۾ سنڌ کي ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هيٺين چئن رخن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. . سنڌ ۾ جاگيرداراڻي معاشي، سماجي ۽ ذهني ڍانچي جو انت اچڻ ۽ سنڌي سماج جو وچولي طبقي واري سماجي ذهني ۽ معاشي ڍانچي کي اختيار ڪرڻ. . سنڌ ۾ پرائمري کان اعليٰ سطح جي تعليمي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آڻي ان کي وڌيڪ ڄاڻ، چٽا ڀيٽي ۽ جديديت واري ماحول ۾ داخل ڪرڻ ته جيئن سنڌ کي معياري انساني وسيلا مهيا ٿي سگهن. . سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن مٿان ڏهاڪن کان مڙهيل بدامنيءَ کي ٻنجو ڏئي، ان کي زنده رهڻ جي قابل نڀائڻ ته جيئن اتي معاشي اوسر ۽ ذهني آزاديءَ جون بند ٿيل راهون کلي سگهن ۽ شهرن ۽ ٻهراڙين وچ ۾ سماجي ترقيءَ جي وڇوٽي ختم ٿي سگهي. . سنڌ ۾ هڪ اهڙي صحتمند سياسي ماحول جي اوسر جنهن ۾ سياسي لڳ لاڳاپا عقيدن بجاءِ اصولن ۽ نظرين تي ٻڌل هجن ۽ جتي سياسي تنظيمون ڏوهارين جون پناهه گاهون نه پر ساڃاهه ۽ سياڻپ جا سرچشما بنجي مجموعي سماجي تبديليءَ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. سوال اهو آهي ته اهي ڪم ڪير ڪندو؟ اصولي طور تي ته چئي سگهجي ٿو ته ڪروڙين ماڻهن تي مشتمل عوام ئي اهي ڪم ڪندو، پر ان جو مڪينزم ته بهرحال سياست آهي، تنهن ڪري اهي ڪم ڪرڻ جي ذميواري سياسي ڌرين ۽ خاص ڪري انهن ڌرين تي لاڳو ٿئي ٿي، جن کي عوام پنهنجون زندگيون تبديل ڪرڻ جو مقدس فرض سونپڻ لاءِ ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن ۾ اماڻي ٿو. ٿورو وڌيڪ فوڪس ڪرڻ سان واضح ٿي ويندو ته سنڌ واسين لاءِ اهو ڪم ڪرڻ جي اخلاقي توڙي اصولي ذميواري پيپلز پارٽيءَ تي عائد ٿئي ٿي، جنهن کي سنڌ واسي آمريتن جي دور ۾ قربانين ۽ نيم جمهوري دور ۾ ووٽ وسيلي چاليهن سالن کان پنهنجو مينڊيٽ ڏنو آهي. ان ڏوهه ۾ سنڌي قوم هر آمر جي ڏمر جو شڪار ٿئي ٿي، ايجنسين ۽ واڳ ڌڻين جي عذابن کي منهن ڏئي ٿي ۽ سنڌ جا ماڻهو سندن حق ۾ نعرا هڻڻ جي ڏوهه ۾ ٻهراڙين اندر وڏيرن ۽ شهرن اندر دهشتگردن جي گولين جو بک بڻجن ٿا ۽ جيلن ۾ جوانيون گذارن ٿا. چئن ڏهاڪن جي قربانين جي ان سفر جو صلو اڄوڪي سنڌ آهي، جتي ڏوهه، قتل، اغوا، قبائلي ۽ شهري دهشتگردي، تباهه حال تعليمي ادارا، برباد ٿيل انفرا اسٽرڪچر، سفارشي جهالت جي حڪمراني ۽ آخري هڏڪيون ڏيندڙ معيشت ۽ وڏيرا شاهي جو بي انت راڄ ڪندڙ راڪاس سنڌين جو مقدر بڻجي چڪا آهن. پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي ڪوتاهه نظريءَ سبب هر ڀيري ۽ خاص طور تي هن ڀيري پنهنجي حڪومت کي سنڌ جو مقدر تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي سياسي ۽ سماجي تبديليون آڻڻ بجاءِ مال ٺاهڻ جو ذريعو بنائي سنڌ واسين سان تمام وڏي زيادتي ڪئي آهي. هاڻوڪي حڪومت جو اڌ کان وڌيڪ مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ هنن جي رويي مان ڪٿي به نظر نٿو اچي ته هنن وٽ سنڌ کي چاليهن سالن جي بي لوث محبتن جي بامعنيٰ موٽ ڏيڻ لاءِ ڪا سوچ يا ڪو جامع پروگرام به موجود آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪجهه ڪنڊائتو ٿيل ماڻهن کي ڇڏي حڪومت ۾ ويٺل سمورن همراهن جي ڏينهن رات جي ڌيان جو مرڪز ٺيڪا، بدليون، مقرريون ۽ اوڳاڙيون آهن. پيپلز پارٽيءَ هن ڀيري ته سنڌ ۾ گهڻ رخي ۽ ڊگهي مدي وارين سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جا بنياد رکڻ واري شاندار موقعي کي ضايع ڪري سنڌ واسين سان تمام وڏي زيادتي ڪئي آهي. 2008ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ وقت پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گهرجي ها ته گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌ اندر ڪجهه بنيادي تبديليون ڪر کڻي رهيون هيون، جن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پيپلز پارٽي غير معمولي ڪردار ادا ڪري پئي سگهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي صحيح معنيٰ ۾ سنڌ واسين جو قرض لاهڻو هجي ها ته کين هيٺيان ڪم ڪرڻ گهرجن ها. . سياسي مصلحتن ۽ مفاهمتن جي آڙ ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين تي والار ڪري ويٺل ڪرمنلز کي پناهه ڏيڻ بجاءِ کين ناس ڪري سنڌ ۾ امن امان کي بحال ڪرائي ها ته جيئن سنڌ اندر ٻاهرين توڙي اندروني سيڙپڪاريءَ وسيلي سنڌ ۾ جمود جو شڪار ٿي ويل معيشت ۾ ڪجهه ساهه پوي ها. جنهن سان تيزيءَ سان وڌندڙ نوجوان آباديءَ لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ٿين ها ۽ سنڌ ۾ بيروزگاري، غربت ۽ آپگهاتن ۾ گهٽتائي اچي ها. پ پ حڪومت شروعاتي ڪجهه مهينن ۾ سنڌ اندر ايماندار ۽ اهل پوليس آفيسر مقرر ڪري ڪجهه اميد پيدا ڪئي هئي، جيڪا اڳتي هلي سياسي مفاهمتن جي ور چڙهي وئي ۽ انهن آفيسرن کي بي اختيار ڪري هوريان هوريان بي اثر بنائي اڳتي هلي سفارشين ۽ ”ڪمائو پٽن“ کي سندن جاءِ تي مقرر ڪيو ويو. نتيجي ۾ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال ارباب رحيم جي دور کان گهڻي مختلف ناهي. اغوا، قتل ۽ ڌاڙا ساڳي شدت سان موجود آهن ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۽ معيشت جو ڦيٿو عملي طور جام ٿيل آهي. پيپلز پارٽيءَ کي ٻيو ڪم سنڌ ۾ سالن کان برباد ٿيل تعليمي ادارن اندر ميرٽ کان وانجهيل ۽ گوسڙو استادن توڙي تعليم کاتي جي ڪرپٽ انتظامي مشينريءَ مان جان آجي ڪرائي هزارن جي تعداد ۾ بند پيل اسڪول کولرائي ٻهراڙين ۾ پويان پساهه کڻندڙ پرائمري تعليم کي نئون جياپو ڏيڻ گهرجي ها ته جيئن سنڌ واسي چٽا ڀيٽيءَ جي هن دور ۾ ڪجهه وکون کڻڻ جهڙا ٿي سگهن ها. سمورين دعوائن ۽ اخباري بيانن جي باوجود صورتحال اڳي کان ابتر آهي. Annual Status of Education Report 2010 موجب سنڌ تعليمي معيار ۾ پختونخواهه ۽ پنجاب کان به گهڻو هيٺ بيٺل آهي. مثال طور ان سروي موجب پختونخوا ۾ 61 سيڪڙو ٻار اردو يا پنهنجي مادري زبان ۾ جملا پڙهي ٿي سگهيا، جڏهن ته سنڌ ۾ اها شرح رڳو 33 سيڪڙو ٿي. پختونخوا ۾ 44 سيڪڙو ٻار انگريزيءَ ۾ جملا پڙهي ٿي سگهيا، جڏهن ته سنڌ ۾ اها صلاحيت رڳو 33.5 سيڪڙو ٻارن ۾ نظر آئي. پختونخوا ۾ 60 سيڪڙو ٻار جوڙ ۽ ڪٽ ڪري ٿي سگهيا، جڏهن ته سنڌ ۾ اهڙن اسڪولي ٻارن جي شرح رڳو 27 سيڪڙو هئي. مزي جي ڳالهه ته بلوچستان ۾ به اهڙن ٻارن جي شرح سنڌ کان بهتر، يعني 28.8 سيڪڙو هئي. اندازو ڪريو ته پختونخوا ۽ بلوچستان جيڪي سالن کان ذري گهٽ جنگ واري حالت ۾ آهن، اتي به پرائمري تعليم جو معيار سنڌ کان بهتر آهي. ساڳي طرح پاڪستان ليبر فورس سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سال 10-2009ع ۾ پختونخوا ۽ پنجاب ۾ خوانده آباديءَ جو تعداد وڌيو آهي، جڏهن ته سنڌ اندر ان ۾ هڪ سيڪڙو لاٿ آئي آهي. ساڳي طرح ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح جي تعليمي ادارن جو حال به خراب آهي. سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊاگرديءَ سبب هفتن جا هفتا يونيورسٽيون بند رهڻ هڪ ڀيرو ٻيهر معمول بنجي ويو آهي ۽ پ پ حڪومت ان صورتحال کان عملي طور لاتعلق بڻيل آهي. ڪراچيءَ جي يونيورسٽين ۾ ٻهراڙيءَ جي شاگردن جي داخلائن تي پابندي مفاهمتي سياست جي مهربانيءَ سان جاري آهي. نتيجي ۾ سنڌ اندر معياري انساني وسيلا پيدا ٿيڻ جا امڪان ڏينهون ڏينهن جهيڻا ٿي رهيا آهن. خانگي شعبي جي خطرناڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جا نوجوان رڳو ڍنگ جي سي وي جمع ڪرائڻ جي قابل به نه رهيا آهن ۽ سندن نمائندگي اڳي کان ڪجهه بهتر ٿيڻ جي باوجود مجموعي سائيز جي حوالي سان اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. يونيورسٽين مان معياري انساني وسيلن جو پيدا ٿيڻ رڳو روزگار جو مسئلو ناهي، پر درحقيقت ملڪي سطح جي ادارن اندر فيصلي سازيءَ ۾ شرڪت ۽ مڊل ڪلاس جي سگهاري ٿيڻ جو به ذريعو آهي. جنهن سان سنڌ جي نيم قبائلي ۽ جاگيرداراڻي سماجي ڍانچي مان جان آجي ڪرائڻ جو بنيادي فائدو پڻ شامل آهي ۽ ظاهر آهي ته ان قسم جي بنيادي سماجي ۽ سياسي تبديلي پيپلز پارٽيءَ جي اوليت ئي ناهي. سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ جو هڪ ٻيو اهم جز ميرٽ کي هر سطح تي عام ڪرڻ آهي. مقررين ۽ تقررين ۾ شفافيت ۽ اهليت کي بنياد بنائڻ سان سنڌ جي قسمت بدلجي سگهي ٿي. بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي اڳوڻين روايتن جي آبياري ڪندي هن ڀيري به سنڌ اندر ميرٽ جي لتاڙ، سياسي پنهنجا-نوازي ۽ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. شايد ئي سرڪاري کاتو اهڙو هجي، جتي ڏوڪڙن عيوض بدلين ۽ مقررين جي راند نه هلندي هجي. ان رويي جي نتيجي ۾ سنڌ اندر اهل ۽ ايماندار سرڪاري عملدار ۽ بيروزگار نوجوان فرسٽريشن جو شڪار آهن ۽ انتظاميا مشينري گهڻو ڪري اهڙن عملدارن جي حوالي آهي، جن جو مقصد سنڌ کي سڌارڻ نه، پر سيزن ڪمائڻ آهي. ان ميرٽ کان وانجهي انتظامي مشينريءَ سنڌ اندر ترقيءَ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اڪثر ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارن شهرن اندر روڊن ۽ نالين جو حال باقي ملڪ جي پٺتي پيل ڏورانهن شهرن کان به خراب آهي. اڪثر ڪري ٻين صوبن مان سنڌ ايندڙ ماڻهو اچرج وچان اهو سوال ڪندا آهن ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هوندي سنڌ جو اهڙو حال ڇو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اها خوشفهمي ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي اها غلط فهمي رهي آهي ته پيپلز پارٽي سنڌين جي نمائنده پارٽي آهي، تنهن ڪري سندن حڪومت ۾ سنڌ اندر ڪا وڏي انقلابي ترقي ٿي رهي هوندي. سفارشي ۽ راشي انتظامي مشينريءَ جو اهو راڄ ميرٽ کان وانجهيل سياسي ۽ انتظامي پاليسيءَ جو نتيجو آهي. ان ئي روش جي نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهري علائقن وچ ۾ انفرا اسٽرڪچر واري ترقيءَ جو توازن وڌيڪ خراب ٿيو آهي. مشرف جي دور ۾ ته اهو چيو ويندو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ خاص ڌر کي نوازي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ بجيٽون ڏنيون ويون آهن، جنهن ڪري ٻهراڙين جي حالت خراب آهي، پر هاڻي ته اهو دليل به نٿو ڏئي سگهجي. هڪ پاسي سنڌي عوام کي اين ايف سي هيٺ اربين رپيا وڌيڪ حصو ملڻ جون مبارڪون ڏنيون ويون، ٻئي پاسي سنڌ واسي اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته جڏهن اڳواٽ مليل اربين رپين مان فائدو به رڳو هڪ خاص ٽولي کي ٿيو هو ته وڌيڪ ملندڙ رقمون به سندن ئي کيسن جو کاڄ بنجي وينديون. پاڻي توڙي ناڻي ۾ واڌو شيئر وٺڻ لاءِ جدوجهدن ڪندڙن جي اها جائز فرسٽريشن آهي ته اهي ته رڳو ڀولڙن جيان لٺيون کائن ٿا، باقي کٽيو ته اهي سڄو حڪومت ۾ ويٺل فقيرن جي کيسي ۾ وڃي ٿو. ان فرسٽريشن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر هڪ ويچارپ ۽ وائڙائپ واري صورتحال آهي، جنهن جا سياسي نتيجا نهايت خراب ثابت ٿي سگهن ٿا. پ پ حڪومت جتي پاليسي سطح تي ڪجهه چڱا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اتي انتظامي سطح جي غير ذميواراڻي رويي سان هن پنهنجي چڱاين تي پاڻ ئي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. سوال هي آهي ته جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ اندر بنيادي تبديليون آڻڻ واري هن اهم موقعي کي ضايع ڪري چڪي آهي ته سنڌ واسين وٽ هن ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ ڪهڙيون واٽون موجود آهن؟ ان سوال تي ايندڙ مضمون ۾ بحث ڪنداسين.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو! محترم سليمان صاحب۔جناب نصير صاحب جو ليک جيڪو توهان هن آڱڻ جي زينت بنايو آهي سچي اسٽيڪٽس تي مبني آهي ۽ هر ذي شعور سنڌي جو رايو آهي۔جيڪڏهن هاڻي به اسانجا صاحب اختيار انطرف توجھ نه ٿا ڏين ته هميشه سنڌ ۽ انجي سنڌي عوام جا مياري رهندا۔ ڪاش هي ليک صاحب اقتدار پڙهي ۽ سنڌ جي ترقي لاء ڪجه قدم کڻي۔ تمام سٺو مواد توهان فراهم ڪيو آهي۔شاباس هجوئي۔هميشه الله پاڪ توهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي۔آمين۔
جواب: سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو! ادا سليمان بهترين مضمون آهي جنهن کي مون منجهند ونڊ ڪري ڇڏيو هو۔ سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو!
جواب: سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو! بلڪل سوچ جو مقام آهي۔ نصير ميمڻ هميشه اهڙا سچئي تي مبني لکڻيون لکندو آهي۔ ڪاش اقتدار ٿيڻ سان گڏ سنڌي عوام به هن ڳاله کي سمجهي
جواب: سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو! سائين معذرت ڪجه ڏينهن کان آفيس جي مصروفيت آهي تنهنڪري هن ليک سان گڏ اوهان جي ٻين قيمتي ليکن کي پڙهي ناهيان سگهيو۔ واقعي هي هڪ بهترين مضمون آهي۔
جواب: سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو! فقير مهرباني نصير جو لکيل هي ليک اسان جون اکيون کولڻ لاء ڪافي آهي۔ نصير کي مان سچل ڳوٺ جي هڪ پروگرام ۾ سنڌ جي انگن اکرن ۽ سنڌ جا وسيلا تي هڪ مقالو پڙهندي ٻڌو هو جنهن مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو۔ اڄوڪو ليک به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي