جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
توکي چاهيو پيارن وانگي
ڌار ڪيو تو ڌارين وانگي
ظالم ڪنهن وڏيري جهڙو
ظلم ڪيو تو هارين وانگي
بيٺا ها سين واھ وڻيا سين
سٽجي ويا سين سارين وانگي
پنهنجي ديس ۾ سولي تي ڄڻ
لٽڪيا پيا هون ٽارين وانگي
هڙتالن ۾ بي دردي سان
ساڙيا ويا هون لارين وانگي
روز نوان عنوان کڻي ٿا
ڇپجئون ٿا اخبارن وانگي
هر شئي هوندي پو ڀي دردر
ڀٽڪون ٿا ويچارن وانگي
نسلي جهڳڙا گهر گهر ماتم
ڪربل جي اُڃارن وانگي
جاويد نوازتوکي چاهيو پيارن وانگي
ڌار ڪيو تو ڌارين وانگي
ظالم ڪنهن وڏيري جهڙو
ظلم ڪيو تو هارين وانگي
بيٺا ها سين واھ وڻيا سين
سٽجي ويا سين سارين وانگي
پنهنجي ديس ۾ سولي تي ڄڻ
لٽڪيا پيا هون ٽارين وانگي
هڙتالن ۾ بي دردي سان
ساڙيا ويا هون لارين وانگي
روز نوان عنوان کڻي ٿا
ڇپجئون ٿا اخبارن وانگي
هر شئي هوندي پو ڀي دردر
ڀٽڪون ٿا ويچارن وانگي
نسلي جهڳڙا گهر گهر ماتم
ڪربل جي اُڃارن وانگي
دعائن ۾ ياد