• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اها زبان اُس ۾ به ويهاري ۽ اها زبان ڇانو ۾ به ويهاري

شبير جتوئي

سينيئر رڪن
مطلب ته جيڪو ماڻهون ٻين سان ادب ۽ مٺو ڳالهائيندو تنهن کي سڀڪو ڀائيندو ۽ پيار ڪندو۔ جتي تتي اهو ماڻهون مان پائيندو۔ بي ادب ، بد اخلاق، ڪوڙو ۽ زباندراز هر وقت بي مانائتو ۽ بڇڙو ٿيندو آهي۔ هر ڪو هن کان پري ڀڄڻ جي ڪندو۔ ا'ئين به چوندا آهن ته ” زبان آهي ننڍڙي پر آهي وه جي ڳنڍڙي"“
 
مطلب ته جيڪو ماڻهون ٻين سان ادب ۽ مٺو ڳالهائيندو تنهن کي سڀڪو ڀائيندو ۽ پيار ڪندو۔ جتي تتي اهو ماڻهون مان پائيندو۔ بي ادب ، بد اخلاق، ڪوڙو ۽ زباندراز هر وقت بي مانائتو ۽ بڇڙو ٿيندو آهي۔ هر ڪو هن کان پري ڀڄڻ جي ڪندو۔ ا'ئين به چوندا آهن ته ” زبان آهي ننڍڙي پر آهي وه جي ڳنڍڙي"“
تمام سُٺو پيغام تمام بهترين حڪايت ادا شبير جتوئي جي۔
 
بلڪل ادا مان توهان سان متفق آهيان ته اها زبان ئي آهي جيڪا انسان کي ڇانوء تي به ويهاري ۽ اُسَ تي به ويهاري
مهرباني ادا
 
اوهانجي ئي ڳالهه کي اڳتي ڪندي چوان ته اسانجي رسول ڪريم صلعم جن فرمايو ته انسان جي جسم جا ٻه اهڙا گوشت جا ٽڪڙا آهن جي اهي صحيح ٿي وڃن ته جنت جا حقدار، هڪ دل ٻيو زبان ...“

اهڙي سٺي ڳالهه ونڊڻ تي، مهرباني ادا جتوئي ...
 
مهرباني ادا ّشبير۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چوندا آهن ته جيترو ادب اوترو نصيب۔۔۔۔۔۔ زبان ئي آهي جيڪا اسان کي ڇانو يا اس تي ويهاري۔۔۔۔۔
 
ادا شبير اوهان تمام بهترين پيغام ڏنو آهي ڪنهن معصوم جو قول آهي ته

الانسان مخبوء تحت السان

انسان پهننجي زبان هيٺان لڪيل آهي جڏهن هو ڳالهائيندو آهي تڏهن ان جي خبر پوندي آهي ته هو سٺو انسان آهي يا نه ڇو ته زبان اندا جر ترجماني ڪندي آهي
 
ادا شبير توهان جي ڳالهه برابر صحيح آهي، پر ادا شبير اڪثر ماڻهون زبان جا ته مٺا هوندا آهن پر انهن جي دل جي اندر اُها مٺاڻ ناهي هوندي،
منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جهڙو ماڻهون ٻاهريان هجي ته اندران به اهڙو ئي هجي، باقي صرف زبان مٺڙي اٿس ۽ دل مٺڙي ڪانه اٿس ته ان جو نتيجي ٻيو ئي نڪرندو آهي،

انهي ڪري ته شاه سائين مٺڙي ٻولي ڳالهائڻ وارن لاءِ فرمايو آهي ته :

ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانو ،
اهڙو ڪنو ٿانو ڀڃي ڇونه ڀورا ڪجي۔

منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته زبان سان گڏو گڏ انسان پنهنجي اندر کي به مٺڙو ڪري ته هُن جو هي جهان به بهتر ته اڳيون جهان به بهتر۔
 
Back
Top