• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي مرضي آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
تنهنجي مرضي آهي
تون اعتبار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي
مونسان پيار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

تن من ۾ تنهنجي تات آهي تو بن ڏينهن به رات آهي
دوستن ۾ شمار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

قيدي تنهنجي قرب جو آهيان ٻئي کي مور نه چاهيان
مونکي گرفتار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

تو بن جيئڻ جنجال آهي تو بن زندگي وبال آهي
غير ڪري لاچار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

تو سان خوشي ۽ غمي جو ناتو جڙيل آهي ازل کان
پري ڪري بيمار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

غير ته گهرن ٿا توسان نه گذرن گڏ ڪي گهڙيون ڪڏهن
پوءِ پاڻ کان ڌار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

مون ڪڏهن گهري آهي تو کان محبت جي بدلي محبت
دلڙي باغ بهار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي

تو بنان ديس ۾ ڏاڏل جا ڏينهن ڏکيا گزرن ٿا ڏاڍا
گهٽ منهنجا آزار ڪرين نه ڪرين تنهنجي مرضي آهي​
 
جواب: تنهنجي مرضي آهي

واه سائين واه
لاجواب

شاعري ڪرڻ سکي وايا آهيو
بهترين
 
جواب: تنهنجي مرضي آهي

ادا مرضي ته محبوب جي ئي هوندي آهي عشق ڪرڻ مطلب پاڻ کي ڪنهنجي حوالي ڪرڻ آهي پوءِ جيئين ان جي مرضي آهي رکي ۔ادا اوهان جي پسند جي مهرباني ۔
وسلام
 
Back
Top