ادا ڪهڙو نشان ؟؟؟؟
نشان ته ظاهر ئي نه آهي
تصوير ٻيهر اپ لوڊ ڪندا
سدائين گڏ
سرڪار رسولِ ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم جن جي روضه مبارڪ جي مٿان جيڪو هي نشان آهي ان مان مراد ڇا آهي؟؟؟![]()
ادا فيسبوڪ تي به اهڙي قسم جا ڪمينٽس پڙهيا اٿم پر سعودي عرب سان لاڳپيل دوستن کي گذارش آهي ته ان باري ۾ تصديق ڪري ٻڌاين۔۔ باقي ان نشان جي نوعيت کي ڏسي ڳالهه اها ئي ٿي سمجهه ۾ اچي۔۔
ادا مست ڳالھ سمجه کان چڙهيل آهي! عربي عبارت صاف نظر نٿي اچي ، زور لڳائي پڙهيم ته معلوم ٿئي پيو ڪو گستاخ هيو جنهن نعوذبالله روضه مبارڪ جي گنبد کي شهيد ڪرڻ پئي ڇاهيو، سو گنبد تي لڙڪي پيو ۽ هيٽ به نه لهي پيو سگهي ، هتي مري ويو ۽ هن کي اتي ئي دفن ڪيو ويو ۔ حقيقت ڇاهي ڪا خبر ناهي ۔ اها ڳالھ عبارت مان سمجه ۾ آئي ۔ هن ڳالھ جي تحقيق ڪرڻ گهرجي۔
ترجمو: شيخ زبيدي (حفظہ الله) نقل ڪري ٿو:
اسان جي نبي (صلي الله عليه وسلم) جي دشمنن جي بقيع جي قبرستان کي ڊاهڻ کان پوءِ انهن ڪوشش ڪئي ته رسول الله (صلي الله عليه وسلم) جي مزار مبارڪ کي ڊاهين. پوءِ انهن مان هڪڙو شخص قبي جي مٿان چڙهيو ته جيئن ان کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري. مگر الله تعالي انهيءَ شخص کي اتي ئي قبر شريف ۾ چنبڙائي ڇڏيو. تانجو اهو اتي مري ويو ۽ پوءِ ان کي اتان لاهڻ جي ڪڏهن به ڪنهن کي طاقت نه ٿي. پوءِ اتي ئي قبي جي مٿان ان کي ڪفن ڏئي ڇڏيائون، جيئن ٻين جي لاءِ عبرتناڪ ٿئي.