مست
سينيئر رڪن
مــــن آ مــــنهنجو مندر پيارا،
جنهن ۾ آهي تنهنجي مورت،
ذهن آ منهنجو تصويري ڪينوس،
چِٽيل آ جنهن ۾ تنهنجي صــورت
دل مـــنهنجو آ کـــيت او جــاني،
پوکيل جنهن ۾ تنهنجي چاهت،
مـــن ۾ دل ۾ ، ذهــــن ۾ تـــون
توکان سواءِ ڪــا ناهي راحـــت،
مست ڀلا توکي ڪيئن وساري،
ساهـه ۾ آهي تنهنجي قــربـــت.