25 فيبروري 2010 تي اسان جي ڀائرن جهڙي دوست ادا طاهر سنڌي سنڌ سلامت جي اوطاق تي پير پاتو هو جنهن کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿيو آهي۔ هڪ سال ۾ طاهر سنڌ سلامت تي 665 موضوع ۽ 4684 تحريرون ونڊ ڪيون آهن۔
سنڌ سلامت سان هڪ سال مڪمل ڪرڻ تي ادا طاهر کي مبارڪون
ان هڪ سال ۾ طاهر مختلف ڪمرن ۾ بهترين ليک ونڊ ڪيا آهن۔ طاهر جي دوستي به ناياب آهي اها ٻي ڳاله آهي ته ڪڏهن ڪڏهن فورم تي ڪا اهڙي ڳاله به ڇيڙي کڏيندو جو اڳلو ڀلي آپي مان نڪري وڃي۔ ان جو سبب آهي وڏ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ، هو هميشه ڪوشش ڪندو آهي ته دوستن کان مختلف حربن سان ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي۔ دل جو صاف ڪڏهن دل ۾ ڪونه ڪندو، مهمان نواز دوستن جو دوست ، سيلاني ڪڏهن هِت ته ڪڏهن هُت۔
هن جا روپ به اڻ ڳڻيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪڏهن صحافي ته ڪڏهن انٽرويوئر، ڪڏهن مولوي ته ڪڏهن فقير ، ڪڏهن سيلاني ته ڪڏهن گوشه نشيني ، ڪڏهن شاعر ته ڪڏهن صاحب ڪتاب۔۔۔۔۔ ڇا لکي ڇا لکون سندس خوبيون ته گهڻيون آهن ۔ ڪڏهن فورم تان مهينو گم هوندو ڪڏهن ته وري فورم تي طاهر ئي طاهر هوندو۔
سنڌ سلامت کي سينگارڻ ۾ طاهر جو ڪردار به بي مثال رهيو آهي۔ کيس سنڌ سلامت جي سهڻي فورم کي جوائن ڪرڻ جي سالگره تي کيس سلام ۽ واڌايون۔ دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش رهي ، سنڌ جي خدمت ڪندو رهي ۽ دوستن سان نڀائيندو رهي۔