انسان هميشه، جيئري ۽ صحتمند رهڻ جو راز ڳولي ورتو

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انسان هميشه، جيئري ۽ صحتمند رهڻ جو راز ڳولي ورتو ​


    [justify]نيويارڪ ۾ رهندڙ ڪرزوائل سائسندان جيڪو ڪمپيوٽر جو ماهر به آهي، هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به آهي جن ۾ هن دنيا ۽ انسانيت جي مستقبل جي باري ۾ اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ۽ پنهنجا نظريا پيش ڪيا آهن. هو ڪيتريون ئي ايجادون ڪري چڪو آهي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ جا بورڊ ۽ اهڙو اوزار به شامل آهي جنهن جي مدد سان انڌا ماڻهو به هر ڪتاب پڙهي سگهن ٿا. هو گذريل ڪيترن سالن کان اهڙي خوراڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن سان انسان ڊگهي عرصي تائين جيئرو رهي سگهي. انهيءَ کوجنا ۾ رُڌل سائنسدان جو نالو ريمنڊ ڪرزوائل آهي انهيءَ جي هن وقت عمر 63 سال آهي هن کي پڪ آهي ته جيڪڏهن هو 2050ع سالن تائين پاڻ کي جيئرو رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته انهيءَ کي ڪڏهن به موت نه ايندو. ڪرزوائل کي ان جي ايجادن ۽ ڪتابن لکڻ تي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن وٽ 13 يونيورسٽين جون اعزازي ڊگريون موجود آهن. هو فلسفي روحانيت ۽سائنس جي باري ۾ ڪيترين ئي تنظيمن جو عهديدار آهي. ڪرزوائل جو چوڻ آهي ته هو 21 هين صديءَ جي انسان هئڻ جي لحاظ کان خوش قسمت آهي. هن وٽ هميشه زندهه رهڻ جو موقعو موجود آهي ۽ انهيءَ موقعي مان فائدو حاصل ڪندڙ پهريون شخص بڻجڻ چاهي ٿو. ڪرزوائل جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ ترقي سان انسان جي سراسري عمر ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ڪيترن ئي ترقي يافتا ملڪن ۾ ماڻهن جي سراسري عمر 80 سالن تائين وڌي چڪي آهي. ماهرن جو خيا ل آهي ته 2050ع تائين اهڙا ماڻهو وڏي تعداد ۾ نظر ايندا جن جون عمريون سئو سال کان وڌيڪ هونديون انهن جي عضون ۾ طاقت ۽ ذهني صلاحيت برقرار هوندي ۽ اهي پنهنجي عام زندگي عام ماڻهن جيان سرانجام ڏيندا رهندا.

    ڪرزوائل جو چوڻ آهي ته 2050ع کان اڳ ئي طبي شعبي ۾ حيرت انگيز تبديليون اينديون علاج جا طور طريقا هڪ دم تبديل ٿي ويندا.ٽيڪنالوجيءَ جي واڌاري سان عضوا ٺاهڻ جو ڪم آسان ٿي ويندو ۽ مشينن ۽ موٽر گاڏين جي پرزن جيان انسان پنهنجا خراب عضوا علاج ڪرائڻ جي بجاءِ انهيءَ کي آسانيءَ سان تبديل ڪري سگهندا.
    مستقبل جو نقشو پيش ڪندي هو چوي ٿو ته بيمارين جي علاج جي لاءِ اڄ ڪلهه جيان دوائن جي بجاءِ ٽيڪنالوجيءَ کان ڪم ورتو ويندو ۽ ايٽمي ٽيڪنالوجي جسم جي بيمار حصي ۾ پهچي ڪنهن به ٻئي حصي کي متاثر ڪرڻ بجاءِ انهيءَ کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندي.

    ڪرزوائل چوي ٿو ته مستقبل ۾ انسان جي کاڌ خوراڪ گهڻو ڪري وٽامن ۽ معدنيات تي مشتمل هوندي جيڪا انهيءَ کي ڊگهي عرصي تائين جيئرو رکڻ جي لاءِ صحتمند رکندي. هو پنهنجو پاڻ کي 2050ع تائين جيئرو ۽ صحتمند رکڻ جي لاءِ 150 کان وڌيڪ وٽامن معدنيات استعمال ڪري رهيو آهي. هو روزانو پاڻي جا 8 گلاس ۽ سبز چانهه جا ڏهه ڪوپ پيئندو آهي گوشت، سڻڀ ۽ کنڊ کان پرهيز ڪندو آهي ۽ باقاعدي ورزش ڪرڻ ۽ هر مهيني پنهنجو طبي معائنو ڪرائيندو آهي.

    جڏهن ته ڪرزوائل جو چوڻ آهي ته هو هميشه جيئري رهڻ لاءِ صرف ميڊيڪل جي شعبي جي ترقي تي ئي ڀروسو نه ٿو ڪري ۽ هو ان کي هميشه جيئري رهڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ سمجهي ٿو. هن جو خيال آهي ته انسان انهيءَ ڏاڪڻ تي ڪجهه قدم وڌيڪ چڙهي هميشه جي لاءِ جيئرو رهي سگهي ٿو. سوال اهو آهي ته گهڻن سائنسدانن جو خيال آهي ته سائنس جي سڀني ترقين جي باوجود به انساني جسم کان لامحدود عرصي تائين ڪم وٺي نه ٿو سگهجي ۽ نه جيئرو ئي رکي سگهجي ٿو. گوشت ۽ هڏ سان ٺاهيل انساني جسم آخر ڪيتري حد تائين ساٿ ڏيئي سگهي ٿو ڏيڍ سئو سال يا ان کان به ڪجهه وڌيڪ ۽ ان کان پوءِ....؟

    جڏهن ته ان بابت ڪرزوائل جو جواب سادو ئي آهي هو چوي ٿو ته تڏهن به انسان جيئرو ئي رهي سگهي ٿو پر ڪيئن؟

    ڪرزوائل جو چوڻ آهي ته ان کان پوءِ جي ٽيڪنالوجي انسان کي جيئرو رکندي، هو ڪمپيوٽر ۾ انسان جو مستقبل ڏسي رهيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ويجهڙي مستقبل ۾ڪمپيوٽر کي انساني حڪمن کي پوري ڪرڻ جي بجاءِ پاڻ سوچڻ ۽ پاڻ فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو ۽ هو عقل ۾ انسان کي پوئتي ڇڏي ويندو. ڪرزوائل پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي جي بابت ڪيتريون ئي اڳ ڪٿيون ڪري چڪو آهي جن مان ڪيتريون ئي اکر به اکر ۽ ڪيتريون ئي جزوي طور تي پوريون ٿي چڪيون آهن. ويجهڙائيءَ ۾آءِ بي ايم جي هڪ ڪمپيوٽر واٽسن جي ذهانت جي مقابلي ۾ سڀني انسانن کي شڪست ڏيئي 77 هزار ڊالرن جو انعام کٽيو هو. ڪرزوائل جو نظريو اهو آهي ته ان کان اڳ جو ذهانت رکڻ وارو ڪمپيوٽر انسان تي حاوي ٿي ان کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏي انسان کي انهيءَ ۾ اندر وڃڻو پوندو.

    ظاهري طور تي اهو نظريو ڪنهن سائنسي فڪشن فلم جهڙو لڳي ٿو پر ڪرزوائل مستقبل ۾ ايئن ٿيندو ڏسي رهيو آهي. ڪيترا ئي تجزيو ڪندڙ انهيءَ جي ان تصور کي روحانيت جي ويجهو سمجهي رهيا آهن، جنهن موجب جسم فنا ٿي ويندو آهي پر روح هميشه جيئرو رهندو آهي ۽ ڪيترن روحاني علمن جي ماهرن جو خيال آهي ته روح هڪ جسم مان ٻئي جسم ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو. ڪرزوائل به منتقلي جي ئي ڳالهه ڪري ٿو.

    ڪرزوائل جي نظريي جي وضاحت ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان کي انهيءَ جو دماغ ڪنٽرول ڪندو آهي. دماغ ڪمپيوٽر وانگر هڪ مخصوص برقي نظام تحت ڪم ڪندو آهي ۽ اهو ئي نظام گهڻو ڪري اصل روح آهي، ڪمپيوٽر کي برقي نظام، انهيءَ جي آپريٽنگ سسٽم، ياداشت ۽ ٻين ڪجهه شين تي مشتمل آهي. اهو ٻئي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ جو نقل تيار ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ کي ٻيهر استعمال ڪري سگهجي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ويجهڙائي ۾ روبوٽ جي شڪل جهڙن ذهين ڪمپيوٽرن ۾ اهڙي چپ لڳل هوندي جنهن تي انساني دماغ جو برقي آپريٽنگ سسٽم ۽ ان جي ياداشت کي منتقل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو.

    پر اهي عام روبوٽ نه هوندا پر انسان ئي هوندا پر روبوٽ جهڙي شڪل جا هوندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪرزوائل هميشه جيئري رهڻ جي لاءِ ٽيڪنالوجي جي منتقلي جو نظريو پيش ڪندي انهيءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته 2050ع کان اڳ ئي ريمنڊ ڪرزوائل ئي پهريون انساني روبوٽ هجي. [/justify]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو