شايد تعليم ترجيح نه آهي!؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    شايد تعليم ترجيح نه آهي!؟

    مٺل جسڪاڻي

    سنڌ (ڪراچي کانسواءِ، يعني اندرون سنڌ) جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولس، انٽرميڊيئيٽ ۽ ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽي ڪيمپسز ۽ يونيورسٽيز ۾ ڳڻتي جوڳي تعليمي صورتحال کان پاڻ سڀ بخوبي واقف آهيون ۽ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جا دعويدار به پاڻ ئي آهيون...!؟

    هڪ اندازي موجب سماجي تنظيمن ۽ صحافت ۾ وڏو تعداد، تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن جو آهي، جنهن ۾ گهڻائي استادن جي آهي، نه ته بس، لکي پڙهي سگهندڙ ڪلارڪ، ليباٽري اسسٽنٽ، نائب قاصد وغيره به صحافي ۽ سماجي ڪارڪن آهن، شاعر آهن، اديب آهن. ڀلي هجن، ان تي اعتراض به نه آهي، پر عجب آهي ته، هو ڪم چور به آهن، ڊيوٽي چور به آهن، پنهنجن تنظيمن جا ليڊر به آهن. هڪڙا پاڻ ڪڪڙ، تتر، رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه جا خفتي آهن، ته ٻيا وري ڪامورن، وڏيرن ۽ سايستدانن جا پڇ لٽڪائو آهن، گهڻو ڪجهه آهن.... سڀني کي خبر به آهي!؟...

    اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري، جڏهن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ، سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جا ڏينهن ملهايا ويا، تڏهن به وڌ ۾ وڌ پروگرام تعليمي ادارن ۾ منعقد ڪري، اٽي ۾ لوڻ برابر ٿيندڙ تعليمي سرگرميون به بند ڪيون ويون! تعليمي هفتا ملهائڻ دوران به، ته اوچتو گسٽا (گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن) کي تعليمي صورتحال سڌارڻ ۽ خود احتسابي جو شوق ٿيو، تڏهن به، انهن جا ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ٿيندڙ سيمينار به، شام جو يا موڪل واري ڏينهن ٿيڻ بدران، صبح جو، يعني پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري وقت منعقد ٿيڻ شروع ٿي ويا!؟

    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تعليم سان واڳيل پگهار تي گذارو ڪندڙن کي اهي سڀ شوق جڳائين به ٿا، ڀلي ڪن به سهي، انهن سميت سڀني کي انيڪ مسئلا به درپيش آهن، جيڪي حل به ٿيڻ گهرجن، انهن کي قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ به، ته علم ۽ ادب لاءِ به ڪجهه ڪرڻ گهرجي، پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته غلط ۽ صحيح جي به تميز نه هجي. ٿلهي ليکي، جيڪڏهن ڏسبو ته اسان منفي جهاد ۾ ته اڳتي آهيون، پر مثبت پاسو ڏاڍو ڪمزور آهي.... تڏهن ته اڄڪلهه تعليم تي ڳالهائڻ، بحث ڪرڻ، ۽ گهڻو ڪري استادن تي ڇوهه ڇنڊڻ وڌيڪ سولو ٿي پيو آهي، نه ته موجوده خراب تعليمي صورتحال ۾ سڀني جو هڪ جهڙو ئي هٿ آهي!؟

    اهي عام رواجي عمل ۽ ردعمل پنهنجي جاءِ تي، اڄڪلهه سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ ننڍن ملازمن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ شروع ٿي پيل احتجاج جون خبرون به ڪنهن کان ڳُجهيون ڪونه آهن. ڪجهه يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن کي پهچائيندڙ بسون به بند، يونيورسٽي عملي ۽ شاگردن کي بنيادي صحت جون سهوليتون ڏيندڙ، يونيورسٽين جي ماتحت هلندڙ اسپتالن جو عملو به هڙتال تي. بُک، بي روزگاري، مهانگائي ۽ ٻين سماجي براين سبب وڌيل بي ايماني ۽ چوري چڪاري واري ماحول ۾ به، يونيورسٽين جا چوڪيدار احتجاج ۾ شامل، جنهن ڪري يونيورسٽين جي هر ملڪيت کي بي گانو ڪيو ويو!؟ (ٻُڌو آهي ته چوريون به ٿيون آهن ۽ چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته انتظاميه کي گوڏا کوڙائڻ، پريشر وڌائڻ لاءِ اهي هٿ وٺي، ڏس ڏئي چوريون ڪيون، ڪرايون وينديون آهن!؟ انهن ڳالهين جي مون کي ڪا گهڻي خبر نه آهي، پر ڪن ٻُڌڻ لاءِ آهن، جيترو ٻُڌو آهي، اوترو لکيو آهي.).

    بهرحال، اندرون سنڌ جون سڀ يونيورسٽيون مفلوج آهن، پر ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءَ به ڪانه ٿي سُري!؟ ان حد تائين جو ڪٿي امتحاني نتيجا رڪجي ويا، ته ڪٿي پاس ۽ مارڪس سرٽيفڪيٽ ملڻ محال ٿي پيا، جنهن ڪري نوڪرين ۽ اسڪالرشپس لاءَ درخواستن جون آخري تاريخون به گذري ويون!؟

    ڪنهن ”شاگرد“ پاڻ ڄاڻ سواليه انداز ۾ ٻُڌايو يا شايد پڇيو ته ”سائين، ٻين ملڪن جي يونيورسٽين ۾، جيڪڏهن احتجاج جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، ته اهي ڪلاس وقت کانپوءِ، شام جو احتجاجي مظاهرا ڪندا آهن، انهن جا مهذب طريقا آهن، هتي هڙتالون، مظاهرا صبح جو ڇو ٿيندا آهن؟“ ان کان اڳ ڪنهن ٻئي شاگرد پڇيو هو ته ”سائين، سنڌ ۾ ٽي ٽي مهينا ملازمن جا احتجاج ڇو هلي ويندا آهن!؟“ ڪجهه اهي سوال به ٿيندا رهندا آهن، ته، ”تعليمي ادارن ۾ احتجاج جو ڪهڙو طريقو هجڻ گهرجي؟“ ڪنهن چيو ته، ”تنظيمون ماهوار فند ته گڏ ڪنديون آهن، پر احتجاج دوران خاص فند جمع ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن في ملازم 100 رپيه ٻڌجي ۽ ڪنهن يونيورسٽي ۾ 1500 ملازم هجن، ته 150000 رپيه ٿين ٿا، جيڪي هڙتالن ۾ ايندڙ خفن ۾ خرچ ڪبا آهن. ڇا اهو ممڪن نه آهي ته ڪو وڪيل ڪري عدالت جو در کڙڪائجي!؟“ ڪنهن وري چيو ته ”ٻين معاملن تي ته پنهنجي ليکي عدالتي قدم کنيو وڃي ٿو، پر تعليمي معاملن کي ڇو نظر انداز ڪيو وڃي ٿو؟“ اهڙيءَ طرح بي شمار سوال، ڳالهيون، رايا گشت ۾ آهن!؟

    اهڙي ماحول تي ويچاريندي، مون کي ”هن“ جون هيءَ سٽون ذهن تي تري آيون آهن:

    هو چئي ٿو:

    جڏهن ادارا نوان قائم ٿيا،

    تڏهن منهنجي ڳوٺ جي،

    چند ماڻهن کي نوڪريون مليون.

    ان کان پوءِ،

    الاءِ ته ڪٿان ڪٿان،

    ڪير ڪير آيا،

    نوڪرين ۾ لڳا ته،

    ٻين کي به لڳائيندا ويا،

    ۽ اسان لاءِ،

    اهڙا در بند ٿيا جو،

    نيون نوڪريون ته نه مليون پر،

    جڏهن فوتي ڪوٽا ملندي هئي،

    تڏهن به ڪنهن کي،

    ڪا نوڪري نصيب نه ٿي!

    هو چئي ٿو:

    سڏ پنڌ تي آهي،

    ڳوٺ اسان جو،

    پوءِ به ڳوٺ وارن کي،

    نه پڙهڻ لاءِ داخلا ملي ٿي،

    نه پيٽ گذر لاءِ نوڪري ملي ٿي،

    ڇاڪاڻ ته،

    ڪنهن ڪنهن وٽ نه آهي،

    ڊوميسائيل هتي جو!؟

    هو چئي ٿو:

    اڄ جڏهن،

    منجهند جي ماني کائي،

    آفيس موٽيس ته،

    منهنجي زال ڳايو پئي:

    ”بي وفا، بي قدري جي،

    دانهن ڀلا ڪنهن کي ڏيان؟“.

    هوڏانهن هو چئي ٿو:

    هيءَ ڪهڙي فرض شناسي آهي؟

    ڪم سان ڪهڙي سچائي آهي؟

    اهي شابسون سڀ پاڻ وٽ رکو،

    هر مڃتا پاڻ وٽ رکو،

    ها، هو چئي ٿو:

    مطالبن جا بهانا بنائي،

    مظاهرا ڪندڙ شاگرد،

    توڙي ملازم به،

    ڪم ڪندڙن کي ڏسي،

    ’چمچن تي لعنت‘ جا نعرا هڻن ٿا!

    ۽ هوءَ،

    هو وڌيڪ چئي ٿو:

    هو جيڪا،

    منهنجي جيون ساٿي آهي،

    مون سان گڏجي،

    جيئڻ - مرڻ جا وچن ڪيائين،

    مڙس کي ڀائيندڙ،

    هڪ مثالي زال آهي،

    هاڻي ته اها به،

    ڏائڻ ٿي پئي آهي!؟

    هوءَ به،

    اخبارون پڙهي ٿي،

    ٽي وي به روز،

    ڏسي ٿي،

    ٻُڌي ٿي....

    ان ڪري ئي شايد،

    ڏاڍو دڙي ٿي،

    ۽ هاڻي ته هوءَ،

    خبر نه آهي ته،

    ڪهڙا ڪهڙا شڪ به ڪري ٿي!

    هوءَ چوندي آهي،

    ”هاڻي تنهنجي آفيس اچبو،

    اتان ئي خبر پوندي ته،

    ڇا تون واقعي ئي،

    هڪ پگهار ۾،

    ٻن نوڪرين جيترو،

    ڪم ڪرين ٿو،

    يا نوڪريءَ جي بهاني،

    ٻه زالون پادرين پيو!؟“

    هو به ۽ هيءَ به چئي ٿو

    هر ڪو چئي ٿو،

    ڇا ڇا نه چئي ٿو!

    گهڻو ڪجهه چئي ٿو،

    پر مون وٽ هاڻي،

    ٻُڌڻ جي سگهه به نه آهي،

    ۽ سندن ڪنهن به ڳالهه جو،

    مون وٽ ڪو جواب نه آهي،

    ڪو جواب نه آهي؟



    آرٽيڪل


    حقيقتن کان ڪير به ڪن لاٽار نه ٿو ڪري سگهي... سچ ته جيستائين تعليم متاثر ٿيندي، تيستائين ٻولي، ثقافت، علم، ادب، صحت، بک، بي روزگاري، ڪارو ڪاري، چوري چڪاري، اغوا، ڦُرون، ڌاڙا، .... ڪنهن به مسئلي جو حل مشڪل آهي، ڪنهن به سماجي برائي مان جان نه ڇٽندي، پر ڇا ڪجي؟

    مسئلن ۽ مطالبن جي حل لاءِ،

    نڪرندڙ ريلين ۽،

    ٿيندڙ مظاهرن دوران،

    پاڻ وٽ ڇا ڇا نه ٿيندو آهي!؟

    هرڪو پنهنجي راند ڪندو آهي

    ڪو پاسو نه ڇڏبو آهي،

    تقريرون ۽ نعرا به،

    نشاني سان ٿيندا آهن....

    ***

    مون کان،

    منهنجو ضمير پڇندو آهي،

    ”تون ڇا ٿو سمجهين؟

    ٻيا ڪجهه ڪونه ڄاڻن!

    يا کين لکڻ نه ٿو اچي!؟

    نه،

    ائين نه آهي.

    هرڪو،

    سوڙ آهي پير ڊگهيري ٿو“.

    ***

    چريا کريا آهيون،

    پر سمجهون سڀ ڪجهه ٿا.

    سچ هيءَ آهي ته،

    ٻچڙن ۽ ٻچڙن جي ماءُ-

    ماري وڌو آهي.

    ***

    منهنجو اندر،

    اڳ ئي ٻري پيو،

    ڪجهه رحم ڪر،

    ڪا سمجهه ڌار،

    تون وسارڻ پيو چاهين،

    آئون ياد پيو ڏياريان،

    لڳي ٿو،

    تون وسائڻ ٿو چاهين،

    آئون ٻارڻ ٿو چاهيان....

    اختلافِ راءِ جو هر ڪنهن کي حق آهي.... اهڙي ماحول تي ويچاريندي، سوچ جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي، مون کي صحت جي حوالي سان ظاهر ڪئي ويندڙ رپورٽ به ياد اچي پئي.

    چون ٿا ته،

    ”پاڪستان ۾-

    هر چوٿون ماڻهو،

    ذهني مريض آهي“.

    منهنجي خيال ۾،

    آئون به اهڙو ئي،

    ڪو چوٿون ماڻهو آهيان،

    منهنجي پاڙي،

    ۽ ڳوٺ جو چڱو مڙس به،

    هو به شايد،

    اهڙا چوٿان ماڻهو ٿي سگهن ٿا.

    خبر نه آهي ڇو؟

    پنهنجو علاج ڪرائڻ بدران،

    نه ڄاڻ ڪهڙا خواب کڻي؟

    ڳوٺ ڇڏي،

    شهر لڏي آيس!؟

    شهرن ۾ ڄڻ ته

    سڀ چاڪ چڱا ڀلا آهن!؟

    قول ۽ فعل ۾ فرق جو اصل ڪارڻ به شايد اهڙي ڪا بيماري ئي آهي. حقيقتن جي خبر هوندي به بي خبر هجڻ، ڪجهه به نه ڪڇڻ، نا انصافي نه آهي، ته ٻيو ڇا آهي؟ پنهنجي پاڻ سان، ان کان وڌيڪ ٻيءَ ڪهڙي ويساهه گهاتي آهي. ذهن تي هاڻي، هيءَ راءِ حاوي ٿي پئي آهي، ته صحت جي ان رپورٽ جي پيش نظر، تعليمي ادارن ۾ موجود، جيڪو به استاد، آفيسر، ننڍو يا وڏو ملازم يا شاگرد، توڙي جيڪو جيڪو به مريض آهي، ان جو علاج ٿيڻ کپي. تعليمي ادارن ۾ موجود ۽ تعليم جو پٽڻو پٽيندڙ، سرگرم بيمار تعليمدان، قلمدان، هر بيمار ’ساڃاهه وند‘، سماجدان، سياستدان جو به علاج ٿيڻ کپي، ته جيئن سنڌ ۾ تعليم وڌيڪ متاثر نه ٿئي.

    مون کي لڳي ٿو،

    هيءَ به ۽ هوءَ به،

    چريا کريا به آهن،

    سمجهن به سڀ ڪجهه ٿا...

    پر شايد،

    شايد تعليم ترجيح نه آهي!؟

    عبرت جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شايد تعليم ترجيح نه آهي!؟

    ڪنهن ”شاگرد“ پاڻ ڄاڻ سواليه انداز ۾ ٻُڌايو يا شايد پڇيو ته ”سائين، ٻين ملڪن جي يونيورسٽين ۾، جيڪڏهن احتجاج جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، ته اهي ڪلاس وقت کانپوءِ، شام جو احتجاجي مظاهرا ڪندا آهن، انهن جا مهذب طريقا آهن، هتي هڙتالون، مظاهرا صبح جو ڇو ٿيندا آهن؟“ ان کان اڳ ڪنهن ٻئي شاگرد پڇيو هو ته ”سائين، سنڌ ۾ ٽي ٽي مهينا ملازمن جا احتجاج ڇو هلي ويندا آهن!؟“ ڪجهه اهي سوال به ٿيندا رهندا آهن، ته، ”تعليمي ادارن ۾ احتجاج جو ڪهڙو طريقو هجڻ گهرجي؟

    مان جڏهن شاه لطيف يونيورسٽيء ۾ بي ايس سي ڪندو هوس ته مونکي ياد آهي ته استادن جي هڪ تنظيم هڙتال تي هئي پر اها هڙتال ڪلاس وٺڻ جي راه ۾ رڪاوٽ ڪانه هئي۔ استاد پنهنجو ڪلاس وٺي پوء ٻيهر اچي هڙتال تي ويهندا هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اڄڪله سڀ ڪجه مختلف آهي، استادن سان بحث ڪبو ته هو اها زور ڏئي ڳاله ڪندا ته اسان صحي آهيون ، جتي استاد ذميوار آهي اتي انتظاميه ۽ والدين جي به ايتري ئي ذميواري آهي۔ انتظاميه ڪرپشن سبب ڪجه ڪري ڪونه ٿي سگهي ۽ والدين کي فڪر ڪونهي ته اسڪول ۾ ڇا پيو ٿي۔۔۔۔۔۔۔

    جيستائين سڄو معاشرو تعليم جي سڌاري لاء قدم نه ٿو کڻي تيستائين ڪنهن به بهتريء جي اميد نظر ڪانه ٿي اچي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شايد تعليم ترجيح نه آهي!؟

    مان جڏهن شاه لطيف يونيورسٽيء ۾ بي ايس سي ڪندو هوس ته مونکي ياد آهي ته استادن جي هڪ تنظيم هڙتال تي هئي پر اها هڙتال ڪلاس وٺڻ جي راه ۾ رڪاوٽ ڪانه هئي۔ استاد پنهنجو ڪلاس وٺي پوء ٻيهر اچي هڙتال تي ويهندا هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اڄڪله سڀ ڪجه مختلف آهي، استادن سان بحث ڪبو ته هو اها زور ڏئي ڳاله ڪندا ته اسان صحي آهيون ، جتي استاد ذميوار آهي اتي انتظاميه ۽ والدين جي به ايتري ئي ذميواري آهي۔ انتظاميه ڪرپشن سبب ڪجه ڪري ڪونه ٿي سگهي ۽ والدين کي فڪر ڪونهي ته اسڪول ۾ ڇا پيو ٿي۔۔۔۔۔۔۔

    جيستائين سڄو معاشرو تعليم جي سڌاري لاء قدم نه ٿو کڻي تيستائين ڪنهن به بهتريء جي اميد نظر ڪانه ٿي اچي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو