جاويد نواز
سينيئر رڪن
هٿ سان ٻوڏ ڪرين ٿو ظالم
پنهنجا پيٽ ڀرين ٿو ظالم
ٻين جا ٻچڙا لوڙهي ماري
پاڻ ته ڪون مرين ٿو ظالم
مسڪينن جو حق مُرن جان
چوري روز چرين ٿو ظالم
قهر ڌڻي جي کان ٿو اصُلي
پهر ڀي ڪون ڏرين ٿو ظالم
پاڻ ۾ ويڙهائي سڀ سنڌي
ڪيڏو هاڻ ٺرين ٿو ظالم
آخر تون ڀي لُڙهندين ٻُڏندين
اڄ جي تار ترين ٿو ظالم
جاويد نواز
پنهنجا پيٽ ڀرين ٿو ظالم
ٻين جا ٻچڙا لوڙهي ماري
پاڻ ته ڪون مرين ٿو ظالم
مسڪينن جو حق مُرن جان
چوري روز چرين ٿو ظالم
قهر ڌڻي جي کان ٿو اصُلي
پهر ڀي ڪون ڏرين ٿو ظالم
پاڻ ۾ ويڙهائي سڀ سنڌي
ڪيڏو هاڻ ٺرين ٿو ظالم
آخر تون ڀي لُڙهندين ٻُڏندين
اڄ جي تار ترين ٿو ظالم
جاويد نواز