• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چهرو تنهنجو موتي داڻو

جاويد نواز

سينيئر رڪن
تنهنجو چهرو موتي داڻو
نڪ جو ڪوڪو موتي داڻو
ڳلڙن مٿڙان واسينگن جو
واهه جو پهرو موتي داڻو
ويٺي تون جهونگارين جو ٿي
سوئي سهرو موتي داڻو
مان ڇا هي آئينو چئي ٿو
پاتل چولو موتي داڻو
هجرّاسود مان ٿو ڀانيان
چپ جو تر سو موتي داڻو
جهڙو تهڙو اکڙين تي آ
تنهنجو تحفو موتي داڻو
مان دل اکڙيون ۽ سر توکي
ڪن ٿا سجدو موتي داڻو
يار چون ٿا جاويد توکي
مرڪڻ تنهنجو موتي داڻو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: چهرو تنهنجو موتي داڻو

سائين اوهان دوستن جو وڏيون مهربانيون جو مونکي مائناتي موٽ ڏيو ٿا
لک لک مهربانيون
 
Back
Top