جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
محبت جي منزل نه ماڻي سگهيا سين
خوشيون ڪون جيون ۾ آڻي سگهيا سين
وڏي ڪئي سين ڪوشش به محنت ڪرڻ جي
مگر هڪڙي کٽڙي نه واڻي سگهيا سين
ڏُڪر ۾ ٻُهارياسين جيڪي مٽي مان
اُهي ڇڃ ۾ داڻا نه ڇاڻي سگهيا سين
ڇڏيو ساٿ هٿڙن قلم ڀي ڪري پيو
نه خطڙو سڄڻ ڏي اُماڻي سگهيا سين
اسان کي جنهين پيڙهيو گهاڻي ۾ يارو
انهي کي به پيڙهي نه گهاڻي سگهيا سين
اسان جي به منهن تي هو آهن اسان جا
ڇاهي تن جي دل ۾ نه ڄاڻي سگهيا سين
زمانو ڇڪي ويو محبت جي ڏوري
انهي کي نه جاويد تاڻي سگهيا سين
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
محبت جي منزل نه ماڻي سگهيا سين
خوشيون ڪون جيون ۾ آڻي سگهيا سين
وڏي ڪئي سين ڪوشش به محنت ڪرڻ جي
مگر هڪڙي کٽڙي نه واڻي سگهيا سين
ڏُڪر ۾ ٻُهارياسين جيڪي مٽي مان
اُهي ڇڃ ۾ داڻا نه ڇاڻي سگهيا سين
ڇڏيو ساٿ هٿڙن قلم ڀي ڪري پيو
نه خطڙو سڄڻ ڏي اُماڻي سگهيا سين
اسان کي جنهين پيڙهيو گهاڻي ۾ يارو
انهي کي به پيڙهي نه گهاڻي سگهيا سين
اسان جي به منهن تي هو آهن اسان جا
ڇاهي تن جي دل ۾ نه ڄاڻي سگهيا سين
زمانو ڇڪي ويو محبت جي ڏوري
انهي کي نه جاويد تاڻي سگهيا سين
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد