محمد عثمان ڏيپلائي جيڪو درياهه وانگي مستقل مزاج هو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محمد عثمان ڏيپلائي جيڪو درياهه وانگي مستقل مزاج هو​


    پروفيسر اعجاز قريشي

    In the confrontation of stream and rock the stream wins not through strength but through perseverance واهڙ ۽ پهاڙ جي ويڙهه ۾ سوڀ سدائين اوهڙ ماڻيندو آهي، ان ڪري نه جو اهو سگهارو هوندو آهي پر ان ڪري جو ان ۾ مستقل مزاجي هوندي آهي. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب واهڙ اونگي ثابت قدم متحرڪ ۽ مستقل مزاج رهيو، سندس ڪامياب زندگي جو راز اهو ئي آهي. هن هوريان هوريان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ڏينهن رات جي ڦيري هن لاءِ به ڪيئي ڏک ڏاکڙا آندا پر هو ”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ“ واري سٽ جو ورد ڪندو وڌندو رهيو. ايئن جيئن درياهه اڳتي وڌندو ويندو آهي. ان جي راهه ۾ پهاڙ پهڻ پوندا آهن. انهن کي ريڙهيندو ۽ لوڙهيندو ويندو آهي ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي منزل مقصود رسي ويندو آهي. ڏيپلائي صاحب جيڪو سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين ڪٽنب ۾ پيدا هو ان ڳتي هلي علم ادب جي ميدان ۾ پنهنجي ذات ۽ پورهئي وسيلي اهو مقام ماڻيو جيڪو تمام ٿورڙن قلم ڌڻين کي نصيب ٿيو آهي:
    ڏات نه آهي ذات جو وهي سو لهي
    ”هستي جو ڌراڙ“ لقب رکندڙ مشهور وجودي فلسفي هائيڊيگر چيو آهي” انسان هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو پنهنجين ڳجهين طاقتن کي ڪتب آڻڻ جي ساندهه لوڙ ووڙ ۾ رڌل آهي“ اها چوڻي ڏيپلائي صاحب تي سؤ سيڪڙو پورو لهي ٿي، سنوت وسيلي ووڙ ۽ جاکوڙ ڪئي ارادي، نفس جي صفائي ۽ مستقل مزاجي لاءِ پنهنجي وطن لاءِ هو هڪ صوفي منش ۽ اندر جي صاف سٿرو انسان هو سچ جو پارکو ۽ طرفدار هو. هن ڪڏهن به ماسو مال ميڙڻ لاءِ ڪچ نه ڪمايو، نه ته اڄ اسين ڏسون ٿا ته ماڻهو ادارا فقط ڪمائڻ خاطر ٺاهين ٿا هر ڪنهن مٿي ۾ موڙي جي ڀاونا جو واسو آهي. ڏيپلائي صاحب پهرين دستي اخبار ”فرحت آثار“ (19 -1918ع ) کان وٺي ”اسلاميه داراالاشاعت-ميرپورخاص“ تائين جيڪو ڪم ڪيا اهي ان ڪري نه ڪيا جو هن کي دولت جا ڍير کپندا هئا يا هو مايا جي موهه ۾ ورتل هو پرانڪري ڪيا ته جيئن هن جي ديس جا ماڻهو جاهليت واري دور کان ٻاهر نڪري اچن ۽ جديد دور جا جديد انسان بنجن. نين تقاضائن جي سانچي/قالب ۾ پنهنجي زندگي ڍالڻ لاءِ جستجو ڪن. پنهنجن ديس واسين حالتن لاءِ هن لڳاتار ويڙهه ڪئي هو زندگي جي آخري پل تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو ڇو ته:
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي
    متان ٿئي اونداهه، ته پير نه لهين پنهونءَ جو.
    هيءُ پنهون ڪير آهي؟ اهو استعارو هر ڪنهن لاءِ پنهنجي پنهنجي معنيٰ رکي سگهي ٿو پر ڏيپلائي صاحب لاءِ ”پنهون“ ان جو دلارو ۽ پيارو ديس هو جنهن سان اننت عشق ۽ لامحمود انس جي سزا طور هن ڀانت ڀانت تڪليفون ۽ سهسين صعوبتون سٺيون، جيل ڪٽيا، ايتري تائين جو مٿس ملحد ۽ دهريي هئڻ جون فتوائون رکيون ويون پر هي مرد مومن پنهنجي ديس ان جي خوشي ان جي سڪار ان جي سک کي اوليت تي رکندي چوندي رهيو:
    ”هان وه نهين خدا پرست، جاؤ وه بي وفا سهي،
    جن ڪو هو دين و دل عزيز، اس ڪي گلي مين جائي ڪيون؟
    انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي:
    Success is always within reach
    (سوڀ سدائين رسڻ جوڳي هوندي آهي)
    جيڪڏهن ان جوچوڻيءَ جي ڪسوٽي تي ڏيپلائي صاحب کي پرکبو ته اها سورنهن آنا سچ ثابت ٿيندي. سندس دور ايترو سهنجو به نه هو. هڪ پاسي سندس وطن واسي جسماني طرح جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن وٽ باندي هئا ته ٻئي پاسي روحاني طرح پيرن، سيد ۽ مذهبي دعويدارن جي ور چڙهيل هئا. ان صورتحال ۾ اهو ضروري ٿي پيو هو ته نئون روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ سڀني بدي جي قوتن سان ٽڪر کائجي. ان ويڙهه ۾ ڏيپلائي صاحب اڳ اڳ ۾ رهيو هن پنهنجن اخباري ڪالمن، ايڊيٽوريلن، ڪهاڻين، مضمونن، ناولن توڻي افسانن وسيلي مرشد ۽ وڏيري جو اصل روپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ۾ پاڻ وڏي حد تائين ڪامياب به ٿي ويو. جيتوڻيڪ اسان جو معاشرو اڄ ڏينهن تائين ان ٻٽي(جسماني ۽ روحاني) غلامي مان گذري رهيو آهي پر هاڻي گهڻو ڪجهه تبديل به ٿيو آهي. پير مرشد ۽ ڀوتار وڏيري جي اها لئه، اهو رعب ۽ دٻدٻو ناهي رهيو. جيڪو اڄ کان 50 ورهيه اڳ هو، ماڻهن جو ذهن گهڻو مٽجي ويو آهي ۽ اهڙي تبديلي ۾ جيڪا هوريان هوريا عمل ۾ آئي آهي، ڏيپلائي صاحب جهڙن جاکوڙي، باعمل ۽ ورچي نه ويهندڙ امر ڪردارن جو تمام وڏو هٿ آهي. سچ پچ ته اسين وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ اهڙا همٿ ڀريا انسان پيدا ٿيا، جن پنهنجي زندگي جي خوشي ٻين جي خوشي ڏٺي ۽ ٻين جا ڏک ڀري پنهنجي جهولي ۾ کنيان، اڄ اسين ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان فيض پرايون ٿا، سکون ٿا، پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. سچ چوندا آهن ته:
    ”وڻ پنهنجو ميوو پاڻ نه چکندو آهي“
    ڏيپلائي صاحب جي زندگي ۽ ان جي ڪم تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اهو پڙهندڙ تائين پهچايو به ويو آهي. هتي آئون رڳو سندس ٻن پهلوئن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو. هڪ سندس شاهڪار ناول ”سانگهڙ“ ۽ ٻيو سندس سنڌ دوستي وارو پاسو. هونءَ ته ڏيپلائي صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڳڻيو ويندو ته اهو ڀانيان ته 200 تائين ته وڃي رسندو. پاڻ صحافي به هو، ته پبليشر به هو، ناول نگار به هو ته افساني نگار به هو، ڊراما نويس به هو ته ڪهاڻيڪار به هو، ان ڪري سندس لکڻيون به گهڻيون ئي آهن. سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن.
    ”ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري“
    پر ڏيپلائي صاحب جي جن لکڻين کي تمام گهڻو مان مليو، انهن مان .”سانگهڙ“ ناول به هڪ آهي. اهو ناول هڪ ئي وقت رپورٽ به آهي ته تاريخ به آهي. جيڪڏهن ان کي ادبي ترتيب ۾ بيهاريو ته اهو ناول بنيادي مزاحمتي ادب جي دائري ۾ اچي ٿو. ان ناول کان اڳ سنڌي ادب ۾ انهي موضوع تي انهي قسم جو ڪوبه طبع زاد جامع قسم جو شهپارو موجود نٿو ملي، انڪري جيڪڏهن پاڻ هيئن چئون ته سانگهڙ وسيلي ڏيپلائي صاحب سنڌي ۾ مزاحمتي نثر جي پيڙهه وڌي ته مان ڀانيان ته ڪنهن کي به مٺيان نه لڳڻ کپي. ان ناول ۾ انگريزن خلاف وڙهندڙ سنڌي سورمن جا واقعا بيان ڪيا آهن. جن سان ڏيپلائي صاحب جي ملاقات جيل ۾ ٿي. ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ انهن سان ڪچهريون ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ ادبي فن پارو سرجڻ ٻي ڳالهه آهي. ان لاءِ لکڻ جي ڏات ۽ فن جي گهرج آهي. اهي شيون ڏيپلائي صاحب وٽ موجود هيون. ان کان سواءِ ڏيپلائي صاحب ۾ نثر خاص طور تي ناول لکڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود هئي. ان جو اندازو اتان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ساٺيڪو کن ناول لکيائين، جيڪي مختلف موضوعن تي پڌاريل آهن. جڏهن تاريخ يا تاريخ سان واسطو رکندڙ اهم واقعن تي ناول لکڻ لاءِ ڪوبه ليکڪ ٺهي سنڀري ويهندو آهي ته ان مٿان ذميواري هيڪاري وڌي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان کي اهو خيال رکڻو پوندو آهي ڪٿي ڪردار نگاري ۽ فني پيچيدگين جي رولي ۾ اصل حقيقتون نه ميسارجي وڃن. ڏيپلائي صاحب في مهارت ۽ حاضر دماغي سان ٻنهي ڌارائن سان گڏگڏ ڪميابي سان هلندو رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سانگهڙ ناول لکڻ لاءِ کيس جيل ۾ ۾ قيين سان ملاقاتن وسيلي ڪچو مواد ضرور مليو، جنهن کي ڏيپلائي صاحب سوڌي سنواري پيش ڪيو پر سندس هن شاهڪار سرجڻ جو اصل محرڪ انگريز سامراج سان سندس نفرت هئي. ڏيپلائي صاحب پنهنجي سرشت ۽ فطري سٽاءَ ۾ هڪ باغي ماڻهو هو، باغي ماڻهو هر قسم جي ظلم، ناانصافي، بربريت، استعماريت، پرماريت، زور، زبردستي ۽ ڪوڙ کي برداشت نه ڪندا آهن. جيڪڏهن اهو باغي ليکڪ جي روپ ۾ آهي ته اهي ستم روا رکندڙ، قبضي گير قوتن ۽ ناانصافي جي بڇڙن ڪردارن جي تصوير پنهنجي قلم وسيلي چٽيندا آهن. سانگهڙ ناول ۾ ڏيپلائي صاحب جو گهڻو تڻو زور سنڌين جي سورهيائي کان وڌيڪ انگريزن جي ظلم ۽ ڏاڍ انهن جي حڪمران لهجي ۽ سندن سامراجي ذهنيت کي پڌري ڪرڻ تي رهيو آهي. هونءَ ته هن ناول کي سنڌي ماڻهن جي انگريزن خلاف جوٽيل جنگ ۽ ان جنگ جي مارڳ ۾ مرندڙ ڪردارن خاص طور تي پير پاڳاري صبغت الله شاهه جي شهادت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر هن ناول جو اهم پاسو انگريزي سامراج کان ڀرپور نفرت جو اظهار آهي ۽ اها نفرت ڏيپلائي صاحب پنهنجي من ۾ هڪ سنڌي جي حيثيت سان پالي هئي. هونءَ پاڻ سموري ڄمار پير مرشدن خلاف لکندو رهيو پر سانگهڙ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ته پاڻ پيرن سان نه پر انهن جي ڪرتوتن ۽ پرڪارن سان نفرت ڪندو هو. هن کي ڪنهن ذات کان ڌڪار نه هئي پر ذات جي آڙ ۾ ماڻهن کي ٺڳڻ، ڀلائن ۽ پٽڪائڻ ۽ انهن کي جاهليت جي دائري ۾ رکڻ وارن ڪڌن ۽ بڇڙن عملن کان نفرت هئي. پير صبغت الله به هڪ پير هو، سندس گادي ان وقت جي وڏيرن ۽ مان مرتبي وارين گادين مان هڪ هئي پر جڏهن اهو پير انگريزن سامراج سان ٽڪر کائي ٿو ته ڏيپلائي صاحب ان پير جي پاسي ٿي بيهي ٿو. هن کي اها پرواهه به ناهي ته ان ويڙهه ۾ ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو پر هن لاءِ اهم ڳالهه هي آهي ته ڪير ڪنهن سان وڙهي ٿو ۽ ڪهڙي مقصد ڪارڻ وڙهي ٿو؟
    ڪير حق آهي ۽ ڪير باطل آهي؟ جنگ جي ميدان جي پرک اها ناهي هوندي ته ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو، پر اصل ڳالهه هي هوندي آهي ته ڪير ڪئين وڙهيو ۽ ڪنهن سان ۽ ڇا لاءِ وڙهيو؟ ڪربلا جو فاتح يزيد آهي يا حسين؟
    اهو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي، ساڳئي نموني حر تحريڪ جو فاتح انگريز آهي يا پير صبغت الله اها ڪٿ به بنهه سولي آهي.
    ان ڳجهارت جي هڪ ڀڃڻي هي به آهي ته ڏيپلائي صاحب جو هيرو پير پاڳارو آهي ۽ انگريزن سامراج هن اڳيان ”ڍلن“ آهي. آئون ته اهو چوندس ته سنڌ جي نسبت سان ڪڏهن به انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي کان تاريخ گڏ ڪئي ويئي ته ان لاءِ بنيادي دستاويز سانگهڙ ناول آهي. اڄ جو سامراج آمريڪا آهي جنهن پنهنجي ساٿارين سان گڏجي افغانستان ۽ عراق جا شهر تباهه ڪيا آهن. اتان جي ماڻهن کي بمن ۽ گولين جو نشانو بنايو آهي. ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو آهي. سندن وطنن تي قبضو ڄمايو آهي. ساڳئي نموني ڪالهه سامراج برطانيا هو. جنهن ننڍي کنڊ تي قبضي کان پوءِ پهريون سنڌ تي هوائن مان بم وسايا ۽ اتي مارشل لا لاڳو ڪيو. اها انساني حقن جي لتاڙ نه هئي ته ٻيو ڇا هو؟ انگريز سامراج جي انهن غير انساني، غير اخلاقي ۽ سامراجي ڪاررواين جو جيڪڏهن ڪوبه مستند ۽ معتبر ريفرنس آهي ته اهو ”سانگهڙ“ ناول ئي آهي ڇاڪاڻ ته اهو تاريخي اندازن، قياس آرائين، تجزين کان وڌيڪ حقيقي واقعن ۽ ڪردارن تي ٻڌل آهي.
    ان کانپوءِ ڏيپلائي صاحب جي ٻئي پهلو، سنڌ دوستي ڏانهن اچان ٿو.
    سنڌ اها ڀاڳڀري، سدا سهاڳڻ، مٺڙي ۽ مهان ۽ مهانتائن جي وارث ڌرتي آهي، جنهن تاريخ جي هر ڪنهن زماني ۾ پنهنجي سدا سائي ڪک مان هزارن ڳڻن سان مالامال، ڪردار ۽ گفتار جي سچن، باصلاحيت ۽ باوقار سرويچن، سورمن ۽ سالارن کي جنم پئي ڏنو آهي. اهو ئي ماڻهن آهن جيڪي سندن سونهن ۽ سوڀيا جا محافظ، ساکي ۽ ڌڻي رهيا آهن. ڏيپلائي صاحب به سنڌ جو سچو ۽ سڀني وصفين سهڻو پٽ هو. هن کي Son of soil جو خطاب ڏجي ته انهي اصطلاح سان انصاف ٿيندو. هن جون لکڻيون، هن جو ڪردار، هن جو هر عمل سنڌ سان محبت جو عڪس پيش ڪري ٿو. هونءَ ته سندس وطن دوستي لاءِ اهو ئي چوڻ ڪافي آهي آهي ته پاڻ ٽي ڀيرا 1958ع، 1961ع ۽ 1953ع ۾ جيل ڀيڙو ڪيو ويو. هن ڪابه چوري نه ڪئي هئي. هن ڪنهن کي رستي ويندي به نه ڦريو، نه ئي هن ڪنهن تي بندوق تاڻي هئي پر پوءِ هن کي جيل جي سزا ڇو ٻڌائي ويئي. ان جو جواب هي آهي ته هن پنهنجي وطن واسين ۽ وطن جي بچاءُ جي جنگ قلم وسيلي وڙهي. حڪمرانن جي سازشن، انهن جي سنڌ مخالف قدمن، فيصلن ۽ پاليسين جا وکا پڌرا ڪيائين. اهو ئي سندس ڏوهه هو پر هتي سندس وطن دوستي تي روشني وجهڻ لاءِ ڪجهه حوالا ضرور ڏيڻ چاهيان ٿو.
    اسين ته سمجهون ٿا ته جا اخبار پنهنجي وطن جي غلامي خلاف آواز بلند نٿي ڪري يا الٽو ان (غلامي) جي فائدي ۾ ٿي لکي ته اها بند ٿي ڀلي آهي.
    هيءُ ٽڪرو ڏيپلائي صاحب جي ” عبرت“ اخبار لاءِ لکيل ايڊيٽوريل مان ڏنو ويو آهي. ون يونٽ جي سياسي سازش خلاف هونءَ گهڻن محاذن تان جنگ وڙهي ويئي پر صحافتي ميدان ۾ مرد مجاهد ڏيپلائي صاحب ئي رهيو. هن اخباري مضمون ۽ ايڊيٽوريل وسيلن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ ۽ صوبن جي تاريخي حيثيت ۽ سندن اقتدار اعليٰ ۽ حق حاڪميت جي بحالي جو مطالبو ڪيو. جنهن جي موٽ ۾ سرڪار اخبار جا اشتهار بند ٿي ڪري ڇڏيا، هن ايڊيٽوريل ۾ ڏيپلائي صاحب جنهن عظيم پنجاب“ ٺاهڻ واري منصوبي جو حوالو ڏنو آهي اهو بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ واري پاڪستان ۾ ڪيترونه سچ ثابت ٿيندو رهيو آهي.
    ”سنڌ جون رڙيون“ نالي ايڊيٽوريل ڏيپلائي صاحب جي لکڻين مان خاص ڌيان ڇڪرائي ٿو، جيڪو ان وقت جي فوجي حڪومت پاران مقرر ڪيل تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف آهي، جن ۾ ٽين درجي کان وٺي اردو لازمي قرار ڏني ويئي هئي ۽ ڇهين درجي کان ان کي تعليمي ذريعو بنائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. پاڻ هن ايڊيٽوريل ۾ سنڌي ٻولي جو دفاع ڪندي لکي ٿو:
    ”ههڙي ترقي يافته زبان سنڌي، جا اڍائي سؤ سالن کان ذريعه تعليم پئي رهي آهي ۽ اٽڪل پنج هزار ورهين کان هڪ وڏي ايراضي جي ڳالهائڻ خواهه لکڻ جي زبان ٿي رهي آهي. تنهن کي هن طرح يڪ قلم نابود ڪرڻ جهڙين رٿن تي سنڌي وائيس چانسلر ڪنهن به صورت ۾ صحيح نه پائي ها پر محترم صديقي صاحب کي انهن ڳالهين جو علم ڪونه هو ۽ فطري هو اردو جو دلدادو هو، ان ڪري هن بنا ڪنهن چون چران جي کڻي انهي ”سنڌي ڪش“ رپورٽ تي صحيح ڪئي“.
    مٿي جنهن ايڊيٽوريل جو حوالو ۽ اقتباس ڏنو ويو آهي، اهو هر ڪنهن سنڌ سڄڻ کي پڙهڻ کپي ۽ مٿي ڏنل ٽڪري ۾ ”سنڌي ڪش“ لفظ جو واهپو ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪيو ويو آهي. اهڙي ڪوشش هڪ سچو ۽ نج پج هڪ سنڌ دوست انشا پرداز ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو.
    آخر ۾ آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڏيپلائي صاحب هڪ عظيم انسان دوست، وطن پرست ۽ سچ جو علمبردار ليکاري هو. هو وهمن ۽ وسوسن کان آجي سنڌ جو حقيقي پرچارڪ هو ۽ هڪ نفرت، بدي، ڪوڙ، مذهبي تعصب ۽ مٿڀيد کان آجي سماج جو وڪيل هو.
    اهڙا ماڻهو پنهنجي مٽ پاڻ هوندا آهن. انهن جو ڪم لفظي ساراهه کان گهڻو گهڻو مٿانهون هوندو آهي. ڏيپلائي صاحب جهڙا ليکڪ يا ته ڪنهن روايت جو انت هوندا آهن يا ڪنهن نئين طرز فڪر جي ايجاد ڪندڙ هوندا آهن اهي يا ته اهڙا باغي هوندا آهن ۽ پراڻين روايتن تي ڪاپاري ڌڪ هڻندا آهن اظهار جا نوان قالب گهڙيندا آهن ۽ نئون سوچ ۽ فڪر جو نظام تخليق ڪندا آهن. هو پنهنجي زماني کان گهڻو اڳتي سوچيندا آهن ۽ پنهنجي دور جي آرسي هوندا آهن. جيڪا اڳتي هلي سمئه جي صدا بنجي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسين هن کي ياد ڪريون ٿا، سچ پچ ته ڏيپلائي صاحب جي ڪيل ڪارنامن ۽ خدمتن جو ڪوبه ملهه ناهي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي هن محسن کي پنهنجي وجود جي بقا تائين وساري نه سگهندا.
    بشڪريه عبرت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو