عرس پريو
سينيئر رڪن
(شيخ اياز)
پوپٽ نه پڪڙيندو ڪر،
ڄاڻين ٿو ته گل به پٽجي سگهندا آهن؟
هي رابيل جو گل پهنجي زبان کولي
تو لاء ڇا چئي رهيو آهي
اهو فقط گلاب جا ڪن
ٻڌي سگهن ٿا !
تو نٿو ڄاڻين ته پوپٽ جا پر
دعا جا هٿ آهن
جي هو سڳندي
ساري سنسار لاء کڻندو آهي
ء جنهن کان سواء گل بي معني آهن
ء ڦلواڙي ٻسي لڳندي آهي۔
پوپٽ نه پڪڙيندو ڪر،
ڄاڻين ٿو ته گل به پٽجي سگهندا آهن؟
هي رابيل جو گل پهنجي زبان کولي
تو لاء ڇا چئي رهيو آهي
اهو فقط گلاب جا ڪن
ٻڌي سگهن ٿا !
تو نٿو ڄاڻين ته پوپٽ جا پر
دعا جا هٿ آهن
جي هو سڳندي
ساري سنسار لاء کڻندو آهي
ء جنهن کان سواء گل بي معني آهن
ء ڦلواڙي ٻسي لڳندي آهي۔