• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيڻ

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل
افسوس نيڻ تنهنجا مونکي نه پنهنجو ڪن ٿا
مون ڏانهن ايندي تنهنجا رڪجي قدم وڃن تا

وقتن جي وهڪرن ۾ اڇليندو آيو آهين
ان ڳالهه جي گواهي هي لڙڪ منهنجا ڏين ٿا

هٿ هٿ جي هڻي مٿڙان ڏيئين ٽهڪ رقيبن سان
سي ٽهڪ تنهنجا مونکي ڏورون پيا ڏنگن ٿا

پنهنجن کي ماري پنهنجا اڳ ڇانو ها رکيندا
اڄ بي رحم ٿي تن کي اُس ۾ کڻي سٽن ٿا

هڪ سڪ ۽ ٻيو وري جو ڇڪ ساهه کي هجي ڀي
يادن جا پل پهر پو ڏاڍو ڏکيو ڇڏن ٿا

هو ڏس الان فلانڻي پٽ پي کي وڌو ماري
خبرون ڪنين پون ٿيون هي ڏوهه ڀي ڏڪن ٿا

تنهنجي ستم جي هوندي پو ڀي نه ٿا هي روئن
هي نيڻ منهنجا تنهنجو ڪيڏو ڀرم رکن ٿا

هي گهر گهٽيون به هي در دريون به ساڳيون
تنهنجا نه پير پو ڀي جاويد اڱڻ اچن ٿا

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد​
 
جواب: نيڻ

سنڌ سلامت تي ڀاء جاويد پنهنجي شاعريء سان رونقون بخشي رهيو آهي

لک ٿورا اوهان جا
 
جواب: نيڻ

هائو ادا، اڄڪلهه زمانو بدلجي ويو آهي ۔۔۔ اڳ پنهنجا ماري ڇانوَ ۾ اڇلائيندا هئا پر هاڻ، اس ۾ ڦٽو ڪيو ڇڏين ۔۔۔ سچ چيو اٿوَ ۔۔۔

ڏسو ويٺا زماني جا رنگ

شاعري جي ميدان ۾ اوهانجي غزلن ۾ رواني به آهي، ترنم به آهي ۽ خيال به سٺا آهن پر ڪٿي ڪٿي لفظن جي ٻاڙائي لڳي ٿي، ممڪن شهدادڪوٽ واري پاسي بلوچي لهجي جي ميلاپ سبب ائين هجي ۔۔۔

تمام سهڻا خيال
 
جواب: نيڻ

ادا اوهانجي وڏي مهرباني پر سائين هڪڙي ڳالهه ضرور پڇندس جيڪو منهنجو حق نه آهي اها ڳالهه هي ته هن غزل ۾ اوهانکي ڪاٿي ۽ ڪهڙي بند ۾ ڪا ڪمي نظر آئي جي وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي جيئين مان وڌيڪ ڪوشش ڪيان سٺي شئي لکڻ جي مهرباني۔
 
جواب: نيڻ

ادا اوهانجي وڏي مهرباني پر سائين هڪڙي ڳالهه ضرور پڇندس جيڪو منهنجو حق به آهي اها ڳالهه هي ته هن غزل ۾ اوهانکي ڪاٿي ۽ ڪهڙي بند ۾ ڪا ڪمي نظر آئي جي وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي جيئين مان وڌيڪ ڪوشش ڪيان سٺي شئي لکڻ جي مهرباني۔
 
Back
Top