ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! ڊاڪٽر انور لغاري سنڌي اخبارن جي اندرين صفحن تي اڄ ڪلهه سنڌ جي ڀوتارن ۽ ڪامورڪي راڄ جي ڪار گذارين جو ذڪر اڪثر ڪري لکجي پيو، آئون به جيئن ته ساڳئي سسٽم جو هڪ ننڍڙو حصو آهيان روز ايترو پڙهڻ کان پوءِ منهنجي اندر به اڌمو کاڌو ته مان ڇو رهيل آهيان، ٻه ٽي اکر آئون به لکان ۽ پنهنجو اندر هلڪو ڪريان. چوندا آهن ته اندر جو اٻار ۽ ضمير جو اٻاريا ته روئڻ سان هلڪو ٿيندو آهي يا لکڻ سان هلڪو ٿيندو آهي. مون قلم کڻن کي ترجيح ڏني. ڪجهه سال اڳ ڊبليو ايڇ او طرفان اسان کي سنڌ ۾ هلندڙ پوليو مهم جي نگراني لاءِ چونڊيو ويو. اسان کي سنڌ جو بلڪل هڪ غريب ضلعو ڏنائون ۽ اتي جيئن ته ان وقت پوليو جا هڪ ٻه ڪيس به ٿيا هئا، تنهن ڪري اسان کي نگراني دوران تمام سخت هدايتون ڏنائون ته ڪنهن سان به رياڪاري ناهي ڪرڻي ۽ ڪم جي سڌاري لاءِ سخت ڪوشش وٺڻي آهي. اسان جيئن ئي اتي پهتاسين ته ضلعي ۾ هيلٿ کاتي تي اهڙو همراهه اي ڊي او مقرر ڪيائون، جيڪو ان وقت پنهنجي پوئين ڪار گذاري سبب معطل ٿيل هو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته همراهه کي اي ڊي او ٿيڻ جو شوق هو. سو سائين جن شوق جي پورائي لاءِ هڪڙو اڀرو سڀرو گهر هئس، سو به وڪيائين. هڪ زندگي جي پوري ڪمائي مان گاڏي ورتي هئائين سا به وڪيائين ڪجهه ڳهه وغيره گروي رکي ڏوڪڙ گڏ ڪري مٿي مالڪن سان رسائي ڪري اي ڊي او هيلٿ جو آرڊر وٺي آيو. همراهه ويچارو ٿورو موالي پڻ هوندو هو، جيسين من هوندو هو، ڪم جو به واهه واهه، مگر جڏهن نشا ٽٽنس ته ميٽنگ ۾ انگريزن سان به سنڌي ۾ ويٺو ڳالهائيندو. وري جڏهن کيس تيار ڪيو وڃي. اڃا همراهه ائين ڏهين ڏينهن مس ساهه پٽي ته مٿان واري جي چمچن جو فون اچيس ته ابا هفتو پهچائي وڃ. ائين هر هفتي جيڪو ڪمائي سو کسيو وڃنس، ايتري تائين جو هڪ هفتي جو ڀتو ڏيڻ ۾ دير ڪيائين ته ماڳهين نوڪري مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ٿي ڏنائونس، ڇا ڪري ويچارو ٻيا پئسا ڪو نه هٿ آيس، پوليو جي ٽيمن جا پئسا کڻي مٿي ڀتي خورن کي ڏيئي آيو. هتان اسان اچي کنيوسيونس، ابا هي ڇا ڪيئي ٽيمن کي پئسا ڏيڻا آهن. سو ويچاري ڇا ڪيو جو پنهنجي پٽ جي طهر جا ڪارڊ ڇپائي، ڀت جو اعلان ڪيائين ۽ سڄي ضلعي ۾ دعوت ڏنائين. پوءِ اڀرو سڀرو ڀت کارائي، پوئي جا پئسا گڏ ڪري شام جو اچي چيائين ته ادا پئسا اچي ويا آهن. غريبن جو حق ڪو نه کائيندس ۽ ويچاري ٽيمن کي پئسا به ڏنا. باقي ڪم ۾ زبردست آفيسر، ڪنهن سان به رعايت نه ڪرڻ وارو جوان، ليڪن ڏوهه اهو هئس ته غريب هو، ڪو به اوهي واهي ڪو نه هئس، شوق ۾ جيسين موبائل فون جي ڪارڊ وانگر پئسا پئي وڌائين، ڪارڊ به هلندو رهيو، جڏهن ڏٺائونس ته همراهه مان هاڻي رت جو ڦڙو به ڪو نه نڪرندو سو واپس جتان آيو هو. ٽن مهينن کان پوءِ کيس معطل ڪري گهر ڀيڙو ڪيائونس ۽ وري نئن همراهه کان بريف ڪيس وٺي نئون ڪارڊ جاري ڪيائون ۽ هو سلسلو اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب وڃڻ ٿيو، راولپنڊي ۾ ان وقت اسان جي سنڌ جو هڪ سٺو آفيسر رڳو ان ڪري هتان بدلي ڪرائي ويو هو، جو ان جي چواڻي ته ادا سنڌ جي نوڪري ڀوتارن جي رحم ڪرم تي آهي. تنهن ڪري پنهنجي عزت بچائي هتي بدلي ڪرائي آيو آهيان، اسان جي ويٺي پٽيوالو پرچي کڻي آيو پڇڻ تي ٻڌايائين ته هتان جو ايم پي اي آهي. پر ٻاهر ويٽنگ روم ۾ انتظار پيو ڪري ۽ اندر ملڻ لاءِ به پرچي ٿو موڪلي. پڇيومانس ته ادا ڀلا ڪهڙا ڪم کڻي آيو هوندو؟ چيائين ته علائقي جون اسڪيمون کڻي آيو هوندو. پڇيائين ته ڀلا سنڌ ۾ ڪيئن آهي. ٻڌاءِ ته ائين آهي؟ چيومانس ته ادا توکي پاڻ خبر آهي، باقي مون کان ڇو ٿو پڇين. چيائين ته سنڌ ۾ هئس، آفيس ۾ اڃا مس ڪو فائل ڏسان ۽ جيسين پڙهان ۽ ڪجهه لکان، ته هڪ ايم پي اي مٿان ٻيو ايم پي اي مٿان وزير، مٿان ايم اين اي مٿان وري ڪو ائڊوائيزر يا ڪو ضلعي ناظم ڪو پارٽي صدر يا جيالو، وٺ وٺان ٿي ويندي آهي، چيومانس ڪهڙا ڪم کڻي ٿي آيا؟ ٻڌايائين ته ڪهڙا عوامي چڱائي جا ڪم کڻي ٿي آيا، رڳو بدلين جا ڪم هئن ته اسان کي فلاڻو آفيسر رکي ڏيو. هي آفيسر ڪڍي ڏيو، چيومانس ته ادا سنڌ جا ڪامورا به ڀوتارن جي سوچ سمجهي ويا آهن. حڪومت ڪهڙي به هجي. وزير ڪبير ڀلي ڪير به اچن، پر اسان جو ڪامورو سدائين جاون ۾ آهي. حڪومت بدلي، مارشلائي راڄ ختم ٿيو، پر توهان کي سنڌ جي هن عوامي جمهوري دور ۾ به تقريبن ساڳيائي چهرا هر کاتي ۾ هر جڳهه تي نظر ايندا. انهن ڪامورن، سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن جي وهيل پگهر ۽ رت جي پورهئي جي ٻل کي نچوڙي، ان مان پنهنجا بريف ڪيس ڀرڻ، پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ ۽ وري سنڌ جورت چوسڻ جو ڄڻ ته پڪو پهه ڪيل آهي.ا ڳي سنڌ ۾ ڀوتارن کي پنهنجي ڀوتاري، برقرار رکڻ لاءِ رڳو ٿاڻي جو صوبيدار ۽ تپيدار ليول جي ماڻهن جي ضرورت پوندي هئي. اهي صوبيدار ۽ تپيدار هاڻي ڀوتار جي ڪمدارن جا نوڪر آهن ۽ اهي ڪمدار، ڀوتارن جي پويان اوطاقن جا خرچ ۽ پنهنجي پٽڪي جا ور صوبيدارن کان ڏياريندا آهن ۽ ماڻهن کي ڏنڊا هڻائيندا آهن ۽ جيلن ۾ وجهرائي، وري ڇڏرائيندا آهن ۽ غلامي جو اهو سلسلو جاري آهي، ڀوتارن جون نظرون وري ضلعن جي وڏين بجيٽن تي کتل هونديون آهن، اتي جتي ڏوڪڙ جام هجن، پهرئين ڪوشش ڪندا ته سندن ڀاءُ، پيءُ دوست يا ويجهو مائٽ اتي رکرائي، سڄي جو سڄو بجيٽ پنهنجي هٿ وس رکن. جي ڪٿي مٽ مائٽ ڪونهي ته سڄي سنڌ مان نڀاڳو ڪرپٽ ۽ چمچي قسم جو ماڻهو هٿ ڪري ان کان ڀريل بريف ڪيس به وٺندا ۽ هر هفتي ڀتو به وٺندا. گاڏي جي تيل کان وٺي گهر جو خرچ ۽ شاپنگ، سڄي ان غلام تي هوندي ۽ پوءِ ان غلام کي پوري آزادي ڏني ويندي آهي ته وڃي ضلعي جي بجيٽ جي ڀيل ڪر ۽ ان ڀيل جا قصا اسان روز اخبارن ۾ پڙهون ٿا. اخبارن ۾ تمام گهڻي مشهور ماڻيندڙ پوليس کاتي جي ايماندار آفيسرن کي سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ اهم ذميواريون ملڻ کان پوءِ به خبر نه آهي ته ڇو روز سنڌ ۾ بدامني وڌي وڃڻ جون خبرون اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون. ٻڌائڻ وارا اهو به ٻڌائن ٿا ته انهن ايماندار آفيسرن جا هٿ ڀوتارن ٻڌي ڇڏيا آهن ۽ هي صاحب لوڪن سندن ”جي ۾ جي“ چوڻ شروع ڪيو آهي. شروع شروع ۾ ته اهي آفيسر اڪثر ڀوتارن جي ”جي حضوري“ ڪرڻ جا انڪاري هئا. خبر نه آهي ته ڪهڙي مجبوري کين موهي وڌو آهي. يا اهي همراهه به زماني جي لٽ ۾ لٽجي چڪا آهن ۽ جڏهن کان صاحب لوڪن ڀوتارن جي ها ۾ ها چوڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ سندن بدلين خلاف عوامي احتجاج جي خبر ڪنهن به اخبار ۾ ڪو نه پڙهي اٿئون. ها پر اهو عام طور ٻڌو ويو آهي ته انهن ايماندار آفيسرن جا پئٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنون سنڌ جي اڪثر وڏن شهرن ۾ ضرور لڳيون آهن. سنڌ جي ماڻهن پنهنجون محبتون، پنهنجا خواب اوهان جي مٿان نڇاور ڪيا آهن. هڪڙي پير تي نچيا آهن. پر خدارا انهن جي منهن تان مرڪون ته نه کسيو. سنڌ جا شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ وستيون اوهان جي چڱين ڪار گذارين جون منتظر آهن. اڄ جيڪو پوکيندو، ان جو ڦل سڀاڻي لڻندو، سنڌ جي زخمي سيني تي پها رکڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي زخمي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪيو، لوڻ ٻرڪڻ سان ڦٽ ناسور به ٿي سگهي ٿو ۽ ناسور جو علاج تمام ڏکيو آهي. ميرٽ ۽ جسٽس کي ترجيح ڏيو. ايماندار آفيسرن جي سنڌ ۾ کوٽ ڪونهي. سنڌ ماضي ۾ تمام ايماندار آفيسرن کي جنم ڏنو آهي. جن جي اڄ ڏينهن تائين ڳالهه ڳائجي ٿي. محمد هاشم ميمڻ کي اڄ ڏينهن تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. عثمان علي عيساڻي به سنڌ جو آهي، ادريس راجپوت، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر محمد عظيم عالماڻي، پروفيسر محمد حسين لغاري، ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور ۽ ٻين اهڙن انيڪ نالن کي هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي ڪيل خدمتن آهر ياد ڪيو ويندو، موجوده دور ۾ به ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جن ۾ ڊاڪٽر ولي الله دل ۽ ان جهڙا کوڙ آفيسر هن وقت به سنڌ ۾ موجود آهن. جن اڃا تائين ڀوتارن آڏو هٿ ٻڌڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ ان سبب ئي اڃا تائين رنگ کان ٻاهر آهن ۽ يقينن اهي ماڻهو بيشمار صلاحيتن هوندي پنهنجي پلئه کي داغدار ٿيڻ کان بچائڻ خاطر پاڻ کي پاسي تي رکيو آهي. تاريخ ۽ وقت انهن کي يقينن سرخرو ڪندو ۽ صحيح وقت تي اهي پنهنجون ذميواريون سنڀالي، تبديلي جو سبب بڻيا.تنهن ڪري حقيقي تبديلي لاءِ لازمي آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي تبديل ڪري، تبديلي لاءِ ڪم ڪريون ۽ صرف ۽ صرف اهليت، ايمانداري ۽ ميرٽ کي پنهنجو جز بڻايون ته پوءِ ڏسون ته تبديلي ڪيئن نٿي اچي. رڳو ڪاغذن تي ترقي ڪو نه ٿيندي، ترقي جيڪا زمين تي ٿئي. ماڻهن جي چهرن تي ڏسڻ ۾ اچي ۽ انڊلٺ جي ست رنگن جيان جرڪي پوي، ڪاش! ائين ٿئي بشڪريه عوامي اواز.
جواب: ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! سائين سڀ کان وڏي فتح اها ئي آهي ته انسان ننڍي فائدي لاءِ پاڻ کي جه ڪيرائي ۽ اها حقيقت آهي ته سڀ کان وڏو فائدو انسان پنهنجي ضمير آڏو سرخرو هجي جيئن ڪنهن چيو آهي شاعر هون فقط اتنا جانتا هون ڪي بي جان لفظون ۾ جان ڊالتاهون اسرارِ معشيت سي هون اتنا عرف ضمير ڪي آواز ڪو خدا ڪي آواز مانتاهوم الله اسن کي پنهنجي ضمير جي تعبيداري ڪرن جي ائين توفيق عطا ڪري جيئن انبياء اولياء جو سمجهاڻيون آهن وه اڪ سجده ڪي جسي تو گران سمجهتا هي هزار سجدون سي ديتا هي آدمي ڪو نجات
جواب: ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! وه اڪ سجده ڪي جسي تو گران سمجهتا هي هزار سجدون سي ديتا هي آدمي ڪو نجات ادا ڀاء منهنجا ڏاڏل شينو صاحب اميد ته توهان خوش باش هوندا، ۽ اسان جي دعا به اهيا آهي ته رب پاڪ توهان کي هميشه خوش رکي ۽ پنهنجي پناهه ۾ رکي۔ ادا ڏاڏل شينو صاحب۔۔ توهان جو لکيل هي شعر مون کي ته تمام گهڻو پسند آيو، ان جي خاص وجه اهيا آهي ته ان شعر جي اندر الله جي توحيد جو سبق ڏنل آهي، جيڪو ڪم هڪ لک چوويهه هزار پيغمبرن ۽ نبين تي سونپيو ويو هو۔ ۽ انهن بيشمار تڪليفون برداشت ڪري به پنهنجو اهيو سونپيل ڪم نڀايو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان کي هڪ الله جي عبادت ڪرڻ جو سبق مليل آهي۔ مگر ادا افسوس جو اسان زبان سان ته اهيو چئون ٿا ته هڪ سجدو هزار سجدن کان نجات ڏياري ٿو مگر ادا اسان پاڻ به ان ڳالهه تي عمل ڪو نه ٿا ڪريون، ۽ اسان اهو هڪ سجدو ڪندي به ٻين هزار خواهشن جي بدن کي روز پيا سجدا ڪريون۔ پوء اهي ڪنهن وٽ ڪهڙا آهن ته ڪنهن وٽ ڪهڙا، هرڪو پنهنجي مرضي ۽ خواهش جا بت ٺاهيو ويٺو آهي۔ جنهن کي ٿو جيترو پڄي سو ٿو ڪري ۽ گهٽائي ڪير به ڪو نه ٿو۔ ۽ ان هڪ سجدي جي حقيقي مطلب ۽ سبق کي وساري ويٺا آهيو۔ ادا ڏاڏل صاحب حقيقت ته اهيا آهي ته ( مون سميت ) اسان رڳو واعظ ڪرڻ جي شوق ۾ پورا آهيون ۽ اسان صرف واعظ ڪرڻ ئي ڄاڻون باقي عملي زندگي اسان کان ڪوهين پري آهيون ، جيڪا ڳالهه شايد اسان سڀني کي تلخ به لڳي مگر ڇا ڪجي اهيا آهي ته حقيقت، ۽ حقيقت ڪيتري به ڇو نه لڪائجي پر اها حقيقت ظاهر ته ٿيڻي آهي پوء اها ڪهڙي به وقت ٿئي، ادا ڏاڏل دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطاء ڪري آمين ، باقي اسان جا حال پورا آهن۔ بقول شاهه صاحب ته ۔۔۔ عدلئين آءُ نه ڇٽان ڪو ڦيرو ڪج فضل جو۔
جواب: ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! سائين بلڪل سچ آهي اسانپاڻ کي حق جي تابع ڪرن بجاءِ پنهنج خواهشن جي مطابق حق گهرون ٿا خدا اسان جي اذڪار ۽ ڪردار کي هڪڙي راھ ۾رلڻ جي توفيق ڏئي ايتري وڏي جواب ڏيڻ ۽ سهڻي سمجهاڻي لاءِ اوهان جا ٿورا الله اوهان کي پنهنجي حبيب جي صدقي ۾ صحتِ قُلي و شفاءِ ڪامله وعاجله عطا ڪري آمين۔ وسلام
جواب: ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! سنڌ جي ڀوتارن اسن کي تباهي جي ڪناري تي آڻي پهچايو آهي۔ مان ته چوندس ته ان تباهيء ۾ اسان جا بيوروڪريٽ به برابر جا شريڪ آهن۔ چند آفيسرن کي ڇڏي سڀ جو سڀ صرف ڳالهيون ٿا ڪن ۔۔ عملي ڪم ڪٿي به نظر ڪونه ٿو اچي۔ اسان جي ادارن ۾ اسان جا سنڌي ويٺا آهن ، سنڌي ادبي بورڊ ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌ الاجي، ثقافت کاتو ، يونيورسٽين ۾ ڪير ويٺا آهن ؟؟؟ منهنجي نظر ۾ عوام ۽ عام ماڻهو به ان ۾ برابر جو شريڪ آهي جنهن ڪڏهن به ڪا تحريڪ ، ڪو پريشر گروپ ڪونهي ٺاهيو۔ سٺو ليک آهي پر حقيقتون اڃان به گهڻيون آهن ۔۔۔۔۔۔
جواب: ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جون ڳالهيون مون کي دل سان لڳيون، ادا اهيو به سچ آهي ته اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون کي وڏيرن ڀوتارن ۽ انهن جي پاليل ڌاڙيلن تمام وڏو نقصان ڏنو آهي، پر ان سان گڏ اسان جن ڪامورن ۽ پڙهيل لکيل ڌاڙيلن به اسان کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي، پڙهيل لکيل ڌاڙيل مان انهن کي ٿو چوان جيڪي آفيسن ۾ ۽ وڏن ادارن ۾ وڏين پوسٽن تي ويٺا آهن ۽ سرڪار جو ۽ عوام جو پيئسو لٽي رهيا آهن، جنهن ۾ سنڌ جي هن غريب عوام جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، ۽ ترندي نظر ڪو نه ٿو اچي۔جنهن جي فڪر ۾ اسان جو غريب عوام اڃان به پريشان ۽ لاچار مجبور ٿيندو ٿو وڃي۔ ۽ عام سنڌي ماڻهون وڃي ٿو مهانگائي جي ڪن ۾ ڦاسندو، جنهن کي ان مان نڪرڻ جي ڪا به واهه نظر ڪا نه ٿي اچي۔ ۽ اهي پڙهيل لکيل ڌاڙيل ان لٽ مار کي پنهنجو حق سمجهي ڪري لٽي رهيا آهن ۽ ان کي پنهنجي عقل ۽ دانائي جو ڦل سمجهي ڪري کائي رهيا آهن، جنهن جو حساب هنن کي هُت ته ڏيڻو ئي پوندو پر هت دنيا ۾ به ڏيڻو پوندو، پوء ان جا ڪيترائي مثال آهن۔
جواب: ڀوتارن ۽ ڪامورن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سنڌ! وقت جي معاشري تي سٺيروشني وڌل آهي مضمون ۾ ۔ بس ادا ممتاز الله تعالى بچائي اهڙن ڀوتارن ۽ ڪامورن کان مهرباني اهڙي ڪارائتي ۽ وقتي حالتن تي مبني ونڊ لا