ساهه به ڪنهن جي مرضي جو غلام آهي!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    نسرين تبسم پونجاڻي

    [​IMG]
    [JUSTIFY]چوڻ لاءِ ته اسين چوندا رهندا آهيون ته ”اسين جديد دور ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون.“ ٽيڪنالاجي ڪيڏي نه ترقي ڪئي آهي پر اڄ به اسان جو حال جهالت جي اونداهه ۾ گم ٿيل، ڀٽڪيل انسان جيان ئي آهي، عورت جي زندگي جي ڪٿا اڄ به ساڳي آهي ۽ هوءَ هميشه جيان اڄ به اونداهه جي واٽ تي هلي روشني جي ڏيئي جي تلاش ۾، اڙانگي سفر جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو وجود جهوري رهي آهي. معاشري جي ستم ظريفي تي نظر پوي ٿي ته وايون بتال ٿي وڃن ٿيون، ڇو ته عورت ئي گهڻو ڪري هن معاشري جي اڻ کٽ تنگ نظريي جو کاڄ بڻجي ٿي، ڪنهن ڪنهن جي درد جي دانهن ڏيان هن سماج کي، ڪنهن ڪنهن عورت جي خوابن جون ڀورا ڀورا ٿيل ذرڙيون ميڙي ماڻهن کي ڏيکاريان ته ڏسو! هي ڪروڙين خواب ٽٽا آهن، اسان جي اڄ جي ڳوٺاڻي عورت ظلم ۽ تشدد جي ڇانوَ ۾ زندگي بسر ڪري رهي آهي ۽ ان تي بيرحمي جا سڀئي هٿيار استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڳوٺاڻي عورت تي گهرو تشدد جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، انهن لاءِ زندگي جو سفر گهڻو ئي تنگ ٿيندو پيو وڃي. جهالت جي چڪي ۾ پيڙهجندڙ انهن عورتن جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ جو انهن جا پنهنجا ئي انهن لاءِ شڪ جون باهيون ٻاري ويٺا آهن.حيدرآباد جي هڪ امير خاندان جي ڇوڪري پاران پيار جو پرڻو ڪري هڪ غريب ڇوڪريءَ کي ڪنوار بڻائي گهر ۾ آڻڻ کانپوءِ ان ڪنوار ثمينا سان به سندس ئي ساهراڻي گهر جا ڀاتي اڍنگو ورتاءُ ڪن ٿا، هڪ ته ثمينا کي سندس مائٽ غريب هجڻ جا طعنا ملن ٿا ۽ وري کيس پنهنجي گهران فرار ٿيڻ جا مهڻا به سهڻا پون ٿا، اهڙي طرح هو جواني ۾ ئي اهڙي ئي ته ڌٻڻ ۾ پاسي پئي آهي جتان نه اڳتي نڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي پٺتي وري سگهي ٿي، هوءَ پنهنجي پريمي مڙس جي اکين ۾ اٿاهه پيار ته ڏسي ٿي پر سندس سس ۽ نڻاڻ کان وٺي ڏيرن تائين جو پيار کيس اڃا نه ملي سگهيو آهي، هو چوي ٿي ته مون کي ڀلي ساهراڻي گهر ۾ گهڻو پيار نه ڏين پر گهٽ ۾ گهٽ مون سان خراب رويو رکي منهنجي تذليل ته نه ڪن، هوءَ چوي ٿي ته ”آئون سس ۽ نڻاڻ جي مهڻن ۽ طعنن وارن جملن کي تير جيان محسوس ڪريان ٿي“. ثمينه کانسواءِ به اسان جي سماج ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون آهن جيڪي اهڙي ڏکي زندگي گذاري رهيون آهن، نه رڳو پيار جا پرڻا ڪندڙ ڇوڪرين کي ساهراڻن گهرن ۾مهڻا ملن ٿا پر جهيڙاڪ سسن ۽ نڻاڻن جي تيز جملن جو شڪار اهي معصوم ناريون به ٿين ٿيون جيڪي پنهنجي غريب مائٽن واري گهر مان گهڻو ڏاج نٿيون کڻي اچن، حيدرآباد ڀرسان ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ مان شهر ۾ پرڻجي آيل شهزادي جي به اهڙي ئي ڪهاڻي آهي، هوءَ پنهنجي سئوٽ سان پرڻجي آئي آهي جيڪو رشتو ننڍي هوندي ئي طئي ٿيل هو پر سندس چاچو وڏو زميندار هجڻ سان گڏ شهر جو ڪاروباري ماڻهو بڻجي ويو ۽ شهزادي جو پيءُ صرف ڏهن ايڪڙن جي زمين تي گذارو ڪري ٿو، تنهنڪري هو پنهنجي ڌيءَ کي ڪو گهڻو ڏاج نه ڏئي سگهيو، جيتوڻيڪ هن ٻه ٽي تولا سون ۽ فرنيچر کان وٺي ٻيو سامان ته ڏنو آهي ته سندس امير ڀاءُ جون ڏاج جي حوالي سان وڏيون گهرجون پوريون نه ڪري سگهيو. ڳوٺن ۾ تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورتون پنهنجي ڏکن جو داستان ته ڪنهن سان به نٿيون اوري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي سوچن تي به پابندي جي ديوار اڏائي وڃي ٿي ۽ ساهه به ڄڻ ڪنهن جي مرضي جو غلام بڻجي ويو آهي. هونئن ته عورت تي ٿيندڙ ظلم جي ڪهاڻي طويل آهي. ڪٿي هوءَ شڪ جي بنياد تي ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪئي وڃي ٿي ته ڪٿي وري هڪ نابالغ ڇوڪري کي پوڙهي سان پرڻائڻ جي رسم جاري هوندي. ان معصوم جا اڻ ڏٺل خواب واريءَ جي محل جيان اڏجي ۽ ٽٽي چڪا هوندا. ان پيءُ کي اها نياڻي ڪهڙي نظر سان ڏسندي، جنهن ڪجهه پئسن جي عيوض پنهنجي نياڻين جو سڱ هڪ ٻڍڙي جي حوالي ڪري ڇڏيو هوندو، ڳوٺن ۾ عورتن تي تشدد جي انتها اها آهي جو ٺٽي ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڏير پنهنجي ڀاڄائي تي ڪارنهن الزام مڙهي هن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ان عورت جا وار ڪتري، ان جي هٿن ۽ پيرن جا ننهن ڇڪي ڪڍي ڇڏيا، ان عورت جي روح تي ڄڻ چهبڪ وسيا هوندا، جيڪا عورت عزت ۽ پوتيءَ جي حقدار آهي، ان جي تذليل ڪئي وئي. آخر مرد جي هر ڪاوڙ جو نشانو عورت ئي ڇو بڻجي ٿي. ڇا ان ڳوٺ جي عورت سان انصاف ٿي سگهندو؟ عورت جو وجود اڄ به جهالت جي اوچي ديوار ۾ قيد آهي، انهن عورتن وٽ زندگي جو تصور ڇا هوندو، جنهن لاءِ زندگي هر لمحي اذيت جو نئون باب جوڙيندي هجي. ان عورت جو ڪهڙو ڏوهه هجي ٿو، جيڪا ڪنهن معمولي ڳالهه تان قتل ڪئي وئي هجي. سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي ٻهراڙي جي آبادي تعليم جي حصول کان محروم آهي ۽ ان ڪري ئي اتي جو مرد صحيح ۽ غلط جي مفهوم کي سمجهي ئي نه سگهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو عورت تي تشدد جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ماني ٿوري دير سان ملي، تڏهن به عورت تي ڪاوڙ ۽ جيڪڏهن اولاد جو ٻوٽو نه ٻاري سگهي، تڏهن به ان جو ئي دامن تشدد سان تر ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي جهيڙن ۾ به عورت ئي ستم سهي ٿي. خود غرضي جي ان جنگ ۾ عورت جو وجود ئي سڙي ٿو ۽ اهي قبيلائي جهيڙا ڇا جي بنياد تي پروان چڙهن ٿا؟ جنهن ۾ زندگين جي ذيان کانسواءِ عورت بنيادي طور تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن کان محروم رهي ٿي. اتي جون نياڻيون قلم ۽ ڪتاب جي بدلي هٿيارن جي وچ ۾ زندگي گهارين ٿيون، چوندا آهن ته هر انسان کي هڪ دفعو ئي زندگي گذارڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏڻي ئي آهي پر هن مختصر زندگي کي امن، اعتبار، خلوص، عزت جهڙن زيورن سان سينگارڻو پوندو، پوءِ ڇا ڪڏهن انهن مردن اهو سوچڻ جي زحمت ڪئي آهي ته عورت مرد جي جاگير نه پر انهن لاءِ هڪ رحمت ڪري موڪلي وئي آهي. هڪ ڌيءَ جي روپ ۾، جيڪا پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن لاءِ گهڻي ئي عزت رکي ٿي، جن لاءِ هر گهڙي دعا رهندي آهي، هڪ زال جي روپ ۾، زندگي جي هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ همسفر هوندي آهي، هڪ ماءُ جي وجود ۾، عورت هر پل پنهنجي اولاد تان صدقي پئي ٿيندي آهي ته شل! ڪوسو واءُ نه لڳي منهنجي ٻچڙي کي! ۽ ٻيا انيڪ روپ عورت جي وجود کي ظاهر ڪن ٿا. عورت جو وجود ظلم ۽ تشدد سهي هاڻي ٿڪجي چڪو آهي، اهو وجود هن سماج کان پنهنجو حق گهري ٿو. اهو حق جيڪو ان جي بنيادي زندگي جو حامل آهي، ڳوٺن ۾ عورتن تي وڌندڙ تشدد جو ڪاٿو لڳائي ان کي انصاف ڏيڻ جي ضرورت آهي، نه عورت ڪمزور آهي، نه ئي ان جا ارادا واري جو ڪو ڊٺل گهر آهي، جيڪي ڊهي پٽ پئجي وڃن.[/JUSTIFY]​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو