رنگ شباب اکين ۾ سرخ گلاب اکين ۾ کين اکيون ئي پڙهنديون پيار ڪتاب اکين ۾ اوسئڙن جا سانڊيا کوڙ عذاب اکين ۾ بند ڀڳا لڙڪن جا ڄڻ سيلاب اکين ۾ سونهن ملهار ڀري وئي اڻ کٽ خواب اکين ۾ (ملهار چانڊيو)
جواب: کين اکيون ئي پڙهنديون پيار ڪتاب اکين ۾ سونهن ملهار ڀري وئي اڻ کٽ خواب اکين ۾ اڙي ادا عاشق ڇوٿو اسانجي دل تي ڇريون هلائي، سونهن سان خوابن جو پئدا ٿيڻ ته قدرتي آهي، سونهن ئي ته انسان کي پاڻ ڏانهن ائين ڇڪيندي آهي جيئن چقمق ڇڪي لوهه کي ۔۔ عاشق ته هوندا ئي زهر پياڪ آهن ۽ سونهن جا پوڄاري ۔۔۔ ملهار صاحب جا لفظ ۽ اوهانجي چترڪاري اصل ڪمال ڪري ڇڏيو اهي ۔۔۔ لک ٿورا
جواب: کين اکيون ئي پڙهنديون پيار ڪتاب اکين ۾ سائين چانڊيو صاحب جي شاعري۔۔۽ سولنگي جي چونڊ اوهانکي پسند آئي۔۔۔انهي جي لا اوهانجي مهرباني۔ باقي پاڻ به چڱا پلا۔۔سونهن جا سڙيل آهيون۔ :d