• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪراچي

سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي -

هَسُ ڳچيءَ جو،

سينڌ ماٿي جو ٽِڪو

۽ ڪرائيءَ جو ڪنگڻُ -



باک بادامي جڏهن ٿِي تنهنجي رستن تي لهي

صبح تنهنجو سونَ- ورنو ٿو لڳي

۽ جڏهن ٿي شامَ گھونگھٽَ کي کڻي

سانوري ڪا ڪنوار آرس ٿي ڀڃي

رات پنهنجا پاندَ ڦهلائي جڏهن ٿِي تو مٿان،

چنڊُ شرمائي وڃي ٿو تو اڳيان.

تنهنجون رمجھم روشنيون

شاهراهن تي تِکين ڪارن منجھان

جنهن گھڙيءَ برسات وانگر ٿيون ڇڻن



هر عمارت جون دريون آڪاس ڇهندي ٿيون کُلن

دُکَ توڙي سُکَ ۾ ٿا تهنجا رهواسي رهن

تنهنجي ديوارن مٿان هي سرمئي،

رنگَ جا ٿا ڪيترا پاڇا لهن.



تون ڪياماڙيءَ، منهوڙي جي هوا!

تون سراپا شاهَه غازيءَ جي دعا.

يا لڳين ٿِي سِپَ جي موتيءَ جيان،

يا اسان جي ڀاڳَ وانگر،

ڪنهن مقدس ماڳ وانگر

تون سمندر جي رهين ٿِي جاڳَ وانگر!



اي ڪراچي!

تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين

۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي

پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين

زندگيءَ مصروف تنهنجي ۾ رهيا،

بي انت ڪيئي حادثا

روشنين جا سلسلا.

احمد سولنگي
downtown-karachi.jpg
 
جواب: ڪراچي سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي

ڪنهن ماڳ يا شهر جي شان ۾ چيل هڪ اعلا گيت، تمام سهڻن جذبن سان اثرانداز ٿيندڙ لفظن سان ايتري سهڻي تعريف ۔۔۔ جواب ناهي ۔۔۔ پڙهي پنهنجو پاڻ لفظ نڪتو ۔۔۔ واه

پر افسوس ايترو ڀاڳوند شهر سنڌ جو ته ضرور آهي پر ڇا سنڌين جو آهي؟

تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين
۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي
پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين

ڇا سنڌين جو پيٽ پالڻ لا مخصوص آهي؟ اصل سوال اهو آهي ۔۔۔۔ حيران ڪندڙ، منجهائيندڙ ۽ جي چوڻ ڏيو ته سنڌين لا شرم جو مقام ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڪراچي سنڌ جي تون نڪَ جي آهين ڦُلي

ڪنهن ماڳ يا شهر جي شان ۾ چيل هڪ اعلا گيت، تمام سهڻن جذبن سان اثرانداز ٿيندڙ لفظن سان ايتري سهڻي تعريف ۔۔۔ جواب ناهي ۔۔۔ پڙهي پنهنجو پاڻ لفظ نڪتو ۔۔۔ واه

پر افسوس ايترو ڀاڳوند شهر سنڌ جو ته ضرور آهي پر ڇا سنڌين جو آهي؟

تون ته پالڻهارَ وانگر ٿِي لڳين
۽ مِلن جي روز چِمنين کي دکائي
پيٽَ بکيا ٿِي ڀرين

ڇا سنڌين جو پيٽ پالڻ لا مخصوص آهي؟ اصل سوال اهو آهي ۔۔۔۔ حيران ڪندڙ، منجهائيندڙ ۽ جي چوڻ ڏيو ته سنڌين لا شرم جو مقام ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين حقيقت بياني گلا ٿي پوي۔۔۔۔سچ ته اهو آهي ته هي شهر سنڌ جي دل ته آهي پر۔۔۔هن شهر ۾ پاڪستان جون سڀ قومون پيٽ پيون پالن۔۔۽ سنڌي ٻاهرين پڌر کان ٻاهر۔
 
408538_10151344598883948_227829465_n.jpg
اي ڪراچي توکي نظر لڳي وئي ۔۔۔!!!
تو جهڙو شهر جنهن قوم وٽ هجي ۽ اها قوم بک ۽ بدحالي ۾ هجي ته ان قوم جي حالت تي حيرانگي ئي ڪري سگهجي ٿي۔​
 
اي ڪراچي تون سنڌ جي دل آهين
اي ڪراچي تو اسان جي سونهن آهين

عاشقن جي چونڊ به سنڌ
 
Back
Top