ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا
بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا
گرج چمڪ بن وسڻ جا حال لڳن ٿا
ڪڏهن ته چوندو هو ڪجھ ته ڳالهاءِ
اڄ ٿو ورجائي اُبتا تنهنجا سوال لڳن ٿا
ڪنهن ته چُهنڊڙي چڀي آهي چاھ ۾
اڄ منهن محبوب ۾ ٿيندي قتال لڳن ٿا
بي خطرقرب ونڊيندا ها سين ڪسرت سان
ڏيھ ڏسي چوندو هو هي قوال لڳن ٿا
هاڻي ته عجيب چُپ ساڌي آهي سڄڻن
ڳالهائڻ ۾ حضرت کي ڪي سال لڳن ٿا
ڏاڏل سڄڻن کي ڪهڙيون ميارون ڏينداسين
بس اسان جا ئي سمجهو رستا بتال لڳن ٿا
گرج چمڪ بن وسڻ جا حال لڳن ٿا
ڪڏهن ته چوندو هو ڪجھ ته ڳالهاءِ
اڄ ٿو ورجائي اُبتا تنهنجا سوال لڳن ٿا
ڪنهن ته چُهنڊڙي چڀي آهي چاھ ۾
اڄ منهن محبوب ۾ ٿيندي قتال لڳن ٿا
بي خطرقرب ونڊيندا ها سين ڪسرت سان
ڏيھ ڏسي چوندو هو هي قوال لڳن ٿا
هاڻي ته عجيب چُپ ساڌي آهي سڄڻن
ڳالهائڻ ۾ حضرت کي ڪي سال لڳن ٿا
ڏاڏل سڄڻن کي ڪهڙيون ميارون ڏينداسين
بس اسان جا ئي سمجهو رستا بتال لڳن ٿا