مرحوم و مغفور سائين مخدوم طالب المولي جي شاعري کي پياري ۽ من موهيندڙ فنڪاره محترمه رونا ليلي جي آواز ۾ ٻڌو۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=G9mAH-vvTZQ&feature=related
تمام بهترين ادا زاهد جهڙا توهان آهيو اهڙي ئي پياري شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو ، پر ادا موبائيل ته کليل ڇڏيندو ڪر . سدائين گڏ
سٺو گيت آهي ... جهڙي شاعري طالب المولا جي مٿان وري رونا ليلا جو آواز ... جيئن کير ۾ کنڊ sindhsalamatsaathsal
مٺڙا فقير سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني جاني ٻه ٽي ڏينهن اڳ منهنجي سم ڪارڊز وارو ڇلو وڃائيجي ويو هئو سو مون به اهو سوچيو هو ته جيستائين فقير ڪو ڦيڻو نه ٿو پڙهي تيستائين مان به انهي کي ڪونه ڳولهيندس ۔۔۔۔۔ ٿيو به ائين فقير سائين اوهان جيڪو ڦيڻو پڙهيو انهي واقعي ڪم ڪري ڏيکاريو هڪڙي دوست مونکي اچي اهو سمن وارو ڇلو ڏنو۔۔۔۔۔ فقير سائين هاڻي اوهان کي منهنجو نمبر بند نه ملندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
مهرباني سائين نثار ابڙا صاحب اوهان کي سائين مخدوم طالب المولي جي شاعري سرور ڏنو ۽ مٿان وري رونا ليلي جو پيارو آواز اصلي سوني تي سهاڳو۔۔۔۔ لک قرب اوهان جا۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
زبردست شيئرنگ آهي۔۔۔ پر ڪير ٻڌائيندو ته رونا ليلا بنگلاديش وڃي سنڌي زبان وساري ته نه ڇڏي آهي ۽ ڇا هو اڃان به سنڌي ڳائي سگهي ٿي۔۔۔۔