عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي
سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ۽ اسان سڀني جي عاشق (ڇو ته عاشق پاڻ سگنيچر ۾ لکيو آهي اوهان جو عاشق) عاشق سولنگيء کي 500 موضوع ونڊ ڪرڻ تي دلي واڌايون۔ عاشق اسان جي سنڌ سلامت جي انهن دوستن مان آهي جيڪي گهڻو ڪري فورم تي موجود هوندا آهن۔
عاشق سنڌ سلامت سان گڏ فيس بوڪ تي هر وقت موجود هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جملا وال تي لکندو آهي جو مونکي لڳندو آهي ته عاشق ڪو ديوانو عاشق آهي۔ سندس ڊزائن ڪيل شاعري تمام سهڻن رنگن سان سجايل هوندي آهي۔ هڪ ٻي ڳاله ته سدائين سکڻ جي جستجو ۾ رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سوال ڪري اسان کي به الجهائي ڇڏيندو آهي ۽ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي تمنا ٿيندي آهي۔ هميشه سنڌ جي ڳاله ڪندو آهي ۽ اهي جيڪي سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد جي نالي تي سنڌين سان ئي ويساه گهاتيون ڪندا آهن انهن جو سخت مخالف هوندو آهي۔
سندس فورم لاء ڪيل ڪوششن تي کيس سلام۔ دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش هجي ۽ اهو عاشق ٿي ڏيکاري جنهن جو ذڪر لطيف سرڪار ڪيو آهي۔
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي