• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان سري لنڪا کان ورلڊ ڪپ رائونڊ ڪرڪيٽ ميچ کٽي ورتي

دوستو ڪرڪيٽ جو شوق رکندڙ رڪنن جي لا هي يقينن هڪ سٺي خبر آهي
ته ورلڊڪپ 2011 جي اهم ميچ ۾ پاڪستان هيان جڪيڙيندڙ مقابلي کانپو
هي مقابلو 11 رنسن تان کٽي ورتو۔۔۔

ميچ ۾‌پهريان بيٽڪنگ ڪندي پاڪستان جي ٽيم مقرر 50 اورن ۾‌277 رنسون ٺاهيون۔

جنهن جي جواب ۾‌سريلنڪا جي ٽيم به مقرر 50 اورن ۾‌9 وڪيٽن جي نقصان تي 266 رنسون ٺاهي سگهي۔


جنهن سبب فتح پاڪستاني ٽيم جي نصيب ۾ آئي۔۔۔


شاهد آفريدي 34 رنسن جي بدلي 4 وڪيٽون ورتيون جنهن سبب ان کي مک کيڏاري يعني مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو۔۔۔۔



ٽيم جي خوشي جا ڪجهه منظر


world-cup-2011-kenya-vs-pakistan-shahid-afridi.jpg


images

۔
pakistan-world-cup-Cricket-Team2011.jpg






۔
 
جواب: پاڪستان کٽي ويو

ادا پاڻ ڪرڪيٽ نه ڏسون نه ئي ٽينشن وٺون باقي شوقينن کي اسان پاران مبارڪون هجن ۔۔۔۔
 
جواب: پاڪستان کٽي ويو

سنڌ سلامت انتظاميه پاران پڻ دوستن کي مبارڪون هجن

شل اهڙي طرح سان منزلون طي ڪندا رهن

سدائين گڏ
 
جواب: پاڪستان کٽي ويو

مون سان گڏ هڪ دوست به ويٺي ميچ ڏٺي ۔۔۔۔ پر همراهه تيسيتائين اٿ ويهه ۽ هٿ مروڙڻ جاري رکيا جيسيتائين پاڪستان ميچ نه کٽي۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=qn5tkacrhgc&feature=player_embedded

ان ڪري پاڻ اهو ٽينشن وٺن ئي ڪونه نه ڏسون نه هٿ مڙوڙوين نه اٿ ويه ڪيون اهو به هڪ نشو آهي خبر اٿئي نه مون وارا ڀاء مظهر جي اڌ رات جو به فون ڪندو اٿئي ابا اسڪور ته ٻڌاء :)):))اهي ٿي موالين جا ڪم
 
جواب: پاڪستان کٽي ويو

ان ڪري پاڻ اهو ٽينشن وٺن ئي ڪونه نه ڏسون نه هٿ مڙوڙوين نه اٿ ويه ڪيون اهو به هڪ نشو آهي خبر اٿئي نه مون وارا ڀاء مظهر جي اڌ رات جو به فون ڪندو اٿئي ابا اسڪور ته ٻڌاء :)):))اهي ٿي موالين جا ڪم

رات 3 بجي رنگ ڪري چيائين ته ڪرڪيٽ ميگزين موڪلڻ جي مهرباني۔۔۔۔
 
جواب: پاڪستان سري لنڪا کان ورلڊ ڪپ رائونڊ ڪرڪيٽ ميچ کٽي ورتي

ادا پاڻ ڪرڪيٽ نه ڏسون نه ئي ٽينشن وٺون باقي شوقينن کي اسان پاران مبارڪون هجن ۔۔۔۔

سائين ڏاڍو سٺو جو ڪي دوست اسان جا هم خيال به آهن هن وقت ته ڪرڪيٽ ڏسڻ‌ لاء به ڪجهه اصول ٻڌايا ويا آهن جيئن تازو فقير سائين ايس ايم ايس ڪري آگاه ڪيو ته سائين پاڪستان جي مئچ ڏسڻ جا هي آداب آهن۔

1۔ پاڪستان مئچ باوضو ٿي ڏسڻ گهرجي۔
2۔ دوران مئچ آيت الڪرسي جو ورد جاري رکڻ گهرجي۔
3۔ ڪيچ ڇڏائجي وڃڻ جي صورت ۾ لاحول پڙهڻ گهرجي۔
4۔ ڪيچ حاصل ٿيڻ جي صورت ۾ الله تعالى جو حمد ڪرڻ گهرجي۔
5۔ سيمي فائنل يا فائنل واري ڏينهن روزو رکڻ گهرجي۔
6۔ مئچ مصلي تي ويهي ڏسڻ گهرجي۔
7۔ جيڪڏهن پاڪستان مئچ کٽي وٺي ته سجدي ۾ ڪري پئجي۔


ان طرح ڪرڻ سان هيڏو هيڏو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ثواب ملندو۔

لڳي ٿو فقير سائين جون دعائون اگهامي ويون۔
ليڪن اگر مئچ ڏسندي ڪنهن جو وضو ڀڄي پيو ته پوء پاڪستان جي خير نه آهي۔
ان ڪري مئچ ڏسڻ وارن کي اپيل آهي ته مٿين آدابن جو خيال رکن ته پاڪستان جي عزت بچي۔
 
Back
Top