ابتي سياست پ پ ۽ ن ليگ جي تاريخ ڪڏهن به حقيقي اتحاد جو ڪردار ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو آهي . جڏهن به لاڳاپا بهتر ٿيا آهن ته ان جي پٺيان بهڪو مقصد لڪل هوندو آهي ڪوئي سياسي مقصد هجي يا ذاتي مفاد، انهن ٻنهي پارٽين ڪنهن به مقصد سان ٿيل اتحاد جي عمر تمام گهٽ رهي آهي. هي هڪ عام ذهن رکندڙ ماڻهون به سمجهي سگهي ٿو ته جيڪو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ته اهو موقعي جي انتظار ۾ هوندو آهي پر جيڪڏهن ڪوئي حقيقي اتحاد چاهيندو آهي ته ان کي اتحاد جي دعوت جي لاءِ موقعي جو انتظار نه هوندو آهي يا ڪو وقت گهربل نه هوندو آهي. اسان تاريخ جي ورقن کي اٿلائينداسين ته انهن ۾ اها ڳالهه واضي ٿي ويندي ته ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد ٺاهڻ ۾ موجوده حڪمران پارٽيءَ هميشه اڳڀرائي ڪئي آهي. اتحاد ڪراچي واري پارٽيءَ سان هجي يا پنجاب واري پارٽيءَ سان هر دفعي حڪمران پارٽيءَ ئي مفاهمت جو هٿ اڳي وڌايو آهي. هلندڙ حڪومت پنهنجي شروعاتي وقت ۾ تمام سياسي قوتن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي هڪ مضبوط ۽ بهتر حڪومت کي تشڪيل ڏنو. پوري دنيا جي ايوانن ۾ اهو چرچو عام ٿي ويو ته پاڪستان هن وقت ترقيءَ جي راهه تي پنهنجو سفر شروع ڪري رهيو آهي، سياسي پارٽين جو اتحاد به اهڙي ئي صورتحال جو نظارو ڏئي رهيو هيو. پر ماضي جيان ساڄي پاسي واري سياستدانن ۾ ذاتي مفادن جون اميدون رکندڙ ماڻهن کي هن ڀيري سندن مفاد حاصل ڪرڻ جو آسرو نظر ڪو نه آيو ۽ هر دور جيان هن دور ۾ به فقط ذاتي مقصد مڃائڻ لاءِ اتحاد ۾ ڏار وجهڻ جون راهون ڳولي حڪومت اتحاد کي ناڪام بڻائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون جيڪي اڄ به جاري آهن، ۽ اهو ئي مقصد آهي ته اڄ عوام جا مسئلا بهتر طريقن سان حل نه ٿي سگهيا آهن. مخالف ڌر جو درجو رکندڙ پنجاب واري پارٽيءَ جي اڳواڻن ججز جي بحاليءَ کي بهانو بڻائي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو رستو ڳوليو ۽ ججن جي بحاليءَ واري تحريڪ جو سهرو پنهنجي سِر تي سجائڻ ٿي چاهيو. پر ججز جي بحاليءَ جي حقيقت ڇا آهي اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي وزير اعظم هڪ ڪاغذ تي صحيح ڪري ان کي ايگزيڪٽو آرڊر جو درجو ڏنو هاڻي ان ايگيڪٽو آرڊر ۾ اهو لکيل هيو ته وزير اعظم پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي ( فوجي آمر پاران ) معزول ڪيل ججز کي بحال ڪريان ٿو. وڪيلن جي جدوجهد ۽ تحريڪ جو هن بحاليءَ ۾ وڏو ڪردار آهي. پر پنجاب واري پارٽيءَ ان سموري جدو جهد کي لانگ مارچ جي ٻن لفظن قيد ڪرڻ ٿي چاهيو مطلب ته هڪ تير ۾ ٻه شڪار، اتحاد ٽوڙڻ ۽ ججز جي بحاليءَ جو سهرو پنهنجي سر تي سجائڻ. پر چوندا آهن ته جيڪو سچ هوندو آهي اهو سامهون ضرور ايندو آهي. هن وقت ملڪ جو ٻچو ٻچو اها ڳالهه ڄاڻي ٿو ته ججن جي بحالي وڪيلن جي جدوجهد ۽ وزير اعظم جي ايگزيڪٽو آرڊر جي بدولت ئي ممڪن ٿيو. پنجاب جي سياسي قيادت جيڪا وفاق ۾اپوزيشن ڌر جو درجو رکي ٿي ان حڪومت کي 10 نقاتي ايجنڊا ڏنو ته هن تي عمل ڪيو وڃي ان مان هڪ ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايجنڊا ڏيندڙ سياسي ڌر کي جمهوري حڪومت جو تجربو ڪونهي ڇو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪابه چونڊيل حڪومت اپوزيشن جي ايجنڊا تي نه هلندي آهي جيڪڏهن هاڻي حڪومت اپوزيشن جي ايجنڊا تي لازمي عمل ڪري ته پوءِ ڪجهه سوال اٿن ٿا ته (1) ڇا هاڻي حڪمراني ڪرڻ (مرضيءَ جا فيصلا ڪرائڻ) جي لاءِ سياسي پارٽيون اپوزيشن ۾ اچي ايجنڊا تحت حڪمراني ڪنديون؟ (2) اپوزيشن ۾ رهي ڪري پنهنجن فيصلن تي عملدرآمد حڪومت لاءِ لازمي قرار ڏيڻ ابتي حڪمراني آهي؟ (3) ڇا دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ڪا اپوزيشن جي حڪمراني وارو نظام آهي.؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ پاڪستان ۾ به ڊيڊلائن وارو سسٽم بند ٿيڻ گهرجي. اپوزيشن ۾ رهي فيصلا مڃائڻ لازمي ڪرڻ واري خواهش جو ابتي سياست ۽ ابتي اپوزيشن وارو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ پارٽين ۾ صوبائي اختلاف ۾ شديد اضافو ٿيندو. تحرير: عمران درويش سومرو ۔ روزاني هلال پاڪستان ۾26 فيبروري تي شايع ٿيو ۔ ۔ روزاني تعمير سنڌ ۾ به 26 فيبروري تي شايع ٿيو ۔ روزاني پاڪ ۾ پڻ 26 فيبروري تي شايع ٿيو ۔