ساڳي ڌرتي ساڳيو نعــرو ، هڪ ٻئي کان پو ڇو ڪنارو ساڳـــي ٻولــي سڀ ٿا ٻوليون ، پو ڀلا ڇو ٽوليون ٽوليون اچو ته اهڙو رستو ڳوليون ، جنهن سان ٿئي ديس سگهارو
جواب: شل سنڌ شادو آباد رهي ،سنڌي ماروئڙا شل سکيا ستا با رهن [justify]بيشڪ سائين محمد ايوب صاحب، اوهانجي ڳالهه 200 فيصد سهي آهي ته ائين ڇو جڏهن جو اسان جي هر شئي هڪجهڙي، هر شئي ۾ ڀاڱيوار پوءِ به نفرتون ۽ قدورتون ۽ جدايون ۽ ٽوليو ٽوليون ۔۔۔؟؟؟ اوهان صلاح ڏني آهي ته رستو ڳولهيون، بلڪل سهي چيا آهي اوهان، جيتوڻيڪ رستو به ڳولهيل آهي ۽ منزل جي به خبر آهي پر ان نااتفاقيءَ سبب هلي نه سگهيا آهيون ۽ سفر شروع نه ڪري سگهيا آهيون، جن سفر شروع ڪيو آهي سي به رستي تي ايندڙ ڪجه خوف ۽ ڪجهه لالچ جي ڌٻڻ ۾ گچي پيا آهن ۔۔۔ بس هاڻ دعا آهي ته سنڌ ۾ اهڙي ڪا سگهه اچي جو هو سفر شروع ڪري ۽ گچي پيل انهن پنهنجن مسافرن کي پڻ ٻاهر ڪڍي اڳتي هلڻ جو اتساهه پئدا ڪري ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ ۽ اسانجي قلم جون ڪوششون جاري و ساري آهن ۔۔۔ اچو ته سڀ سنڌي گڏجي هڪ مٺ ٿيون ۽ سنڌ جي خوشحالي ۽ خودمختياريءَ جي راهه چٽي ڪريون۔ سائين محترم اوهان کي هن اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ هن اڱڻ تي ڪجهه دوست ايندا آهن جيڪي پنهنجي نالي جي پويان ”گهراڻي“ لفظ جو استعمال ڪندا آهن ۔۔۔ ٿوري وضاحت ڪريو ته محمد ايوب گهراڻو ۔۔۔ جنهن کي آسان معنائن ۾ چئجي محمد ايوب جو ڪٽنب يا گهراڻو ۔۔۔ هاڻ جيئن ٻين قومن ۾ هوندو آهي ته سندن نالا ته پنهنجا الڳ هوندا آهن پر جڏهن اجتماعي ڪوٺ ٿيندي آهي ته گهراڻي جو نالو استعمال ٿيندو آهي ته ڇا محمد ايوب اوهانجو نالو آهي يا گهراڻو ۔۔۔؟ ٿورو سمجهائيندا۔۔۔ لک ٿورا، دعائن ۾ ياد سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: شل سنڌ شادو آباد رهي ،سنڌي ماروئڙا شل سکيا ستا با رهن ادا محمد ايوب اوهان جي بهترين سوچ آهي ته جڏهن هڪ آهيون ته پوءِ هي ٽوليون ٽوليون ڇاڪاڻ؟ بلڪل اوهان صحِح معني ۾ شاعري ونڊي آهي، ادا ڇا اها اوهان جي شاعري آهي؟ الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي: (واعتصموا بحبل الله جميعا ولا تفرقوا) ان آيت ڪريمه ۾ پڻ اتفاق ۽ اتحاد ڪرڻ ۽ تفرقي بازي کان پري ٿيڻ جو درس سمايل آهي۔