• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ "ڪرڪيٽ" کٽي ورتي۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
انڊيا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ لٽل ماسٽر ٽنڊلڪر پنهنجي 47 هين ۽ ورلڊڪپس جي تاريخ ۾ پنهنجي پنجين سينچري ٺاهي ريڪارڊ جوڙي ورتو۔۔۔

129135.jpg

جڏهن انڊيا 338 رنسن جو جبل جيڏو اسڪور بڻايو ته صاف ٿي لڳو ته انگلينڊ جي لاءِ حدف بلڪل به آسان نه آهي۔۔۔ پر انگلينڊ جي ڪپتان همت نه هاري ۽ 158 جي شاندار اننگ کيڏي ورتي۔۔۔۔۔

129155.jpg

جڏهن انگلينڊ جي اننگ جا 43 اوور گذري چڪا ته انڊيا وارن جا کٽڻ جا خواب بلڪل ختم ٿي چڪا هئا پر حيران ڪن طور هتي لڳاتار 3 وڪيٽون ڪري پيون ۽ ظهير خان ميچ جو پاسو تبديل ڪري ورتو۔۔۔ انگلينڊ جي هٿن مان راند نڪري وئي صورتحال ايتري خراب ٿي جو آخري اوور ۾ انگلينڊ کي 14 رنسون گهربل هيون جڏهن ته سندن صرف هڪ رانديگر پوئتي هيو۔۔۔ هن اوور ۾ پاڪستاني نزاد اجمل شهزاد ڇڪو هڻي ميچ ۾ سنسني پيدا ڪري ڇڏي ۔۔۔

129164.jpg

۽ انگلينڊ آخري بال تي هڪ رن ٺاهي اسڪور برابر ڪري ورتو۔۔۔۔
اعصابن کي شل ڪندڙ ميچ جو انت ٿيو ۽ نتيجو ٽائي تي ختم ٿيو۔۔۔ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائينٽ ڏني وئي۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=mTGGvKZi3nk
 
جواب: انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ "ڪرڪيٽ" کٽي ورتي۔۔۔۔

واقعي ادا اهو ميچ ”ڪرڪيٽ“ کٽي ورتو، 50 اوورن جي ميچ جي مٿان جيڪي اعتراض‌هئا، اهڙين مئچن سان سڀني کي خبر پوندي ته 50 اوورن واري ميچ ڪيترو نه ضروري آهي ڪرڪيٽ لاءِ۔۔​
 
جواب: انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ "ڪرڪيٽ" کٽي ورتي۔۔۔۔

بهترين ميچ رهي ۔ پر لطف ۽ سنسني خيز ۔۔۔۔۔۔۔واقعي اڄ ڪرڪيٽ جي فتح جو ڏينهن هو
 
Back
Top