اڄ پڻ چڪيم چاڪ (امر جليل جي منهنجي مدد ڪيو جي جواب ۾ لکيل)

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خـــــواب نـــــگـــــر

    اڄ پڻ چڪيم چاڪ

    محمود مغل

    [justify]اڄوڪي ڪاوش ۾ جليل صاحب جو خط پڙهي، الاءِ ڪيترا لمحا، پنهنجو آواز گم ٿيندي محسوس ڪيم. حياتيءَ ۾ اها وڏي ”متاع، هوندي آهي جو انسان پنهنجو آواز پاڻ ٻُڌي سگهي. اسين سڄي ڄمار، ٻين کي ٻُڌڻ لاءِ ته شايد وقت ڏئي به وجهون، پر پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ لاءِ اسان وٽ، نهڪار“ جا ويهه بهانا هوندا آهن.ڪم جي زور اوري، مصروفيت جي شدت، ٿڪاوٽ جو زور.... پنهنجو پاڻ سان ملاقات گم ٿيندي رهندي آهي. ۽ ائين جي وڌيڪ وقت گذري وڃي ته پنهنجو آواز پاڻ کان ”پرانهون“ محسوس ٿيندو آهي..
    .
    اهو سڀ خالي انهن ڪارڻن جي ڪري ناهي ٿيندو، جي دل گهريو وجود، ڪنهن رنج ۾ وڪوڙجي، جي خدانخواسته کيس ڪجهه ”تنگ“ ڪندو هجي ته به پنهنجي صدا ئي گم ٿيندي آهي. پنهنجو پاڻ ”ڇسو“ لڳڻ شروع ٿيندو آهي. ڪجهه نه ڪرڻ جي سگهه ساريندي، پنهنجو پاڻ ئي ”چڙ“ اچڻ شروع ٿيندي آهي.... گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ دل بس چوندي ئي رهندي آهي.

    اسان مان الاءِ ڪيترن جا ”ذهني استاد“ آهن جليل صاحب.... ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾، نوجوانن کي سائين جي ڪهاڻين جا مڪالما ياد هوندا هئا. بلڪه ڪن ڪن کي ته پورا پورا پئراگرافس ”برزبان“ هوندا هئا. اسين سندن ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪنداهئاسين ”دل ڀڳي ته ڄڻ ڪائنات جو نظام ئي درهم برهم ٿي ويو...“ اسان کي رٽيل هوندو هو....“ تنهنجي منهنجي شادي، منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي ڊيڊيءَ جي سماجي رتبي جي فٽ بال مئچ تي منحصر آهي... جنهن ۾ منهنجو پيءَ هڪ زخمي گول ڪيپر آهي...“ هر ڪنهن کي پنهنجا جملا لڳندا هئا. مشاهدي ۽ معاملي ۾، سائينءَ جو ڪمال، ڄڻ لازوال آهي... سنڌ کي امر جليل وري ناهي ملڻو... هاڻي هن جي اندر جي ڄر ڇا، علم و ادب جا پانڌيئڙا محسوس نه ٿاڪن؟

    عجيب ”ذهني عذاب ڏيندڙ ٽولو“ آهن هي پبلشرز به..... بظاهر، سنڌي علم و ادب جا خير خواهه، جيڪي صرف ۽ صرف نقصان کائيندي به، هر دفعي ڪنهن نئين ڪتاب کي ڇاپڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن... هن جهان جو هي عجيب ڪاروبار آهي، جيڪو گهاٽي ۾ به جاري آهي... جنهن ۾ نقصان به پلئه پوي ٿو، ۽ دڪان به ٺهي ٿو وڃي.... موٽر سائيڪل کان پوءِ ڪار به وٺجي ٿي، گهر به ٺهي ٿو... نقصان بهرحال هلندو رهي ٿو..... جنهن جي رڙ، هنن وٽان جاري هوندي آهي....

    انهيءَ رڙ جو نسخو به آسان آهي.... صرف ۽ صرف هڪڙو سوچ ته، متان ليکڪ، مسودي جا پئسا نه گهري وٺي... متان کيس ڪجهه ڏيڻو نه پئجي وڃي.... ها... اهو ٺيڪ آهي ته ڇپجڻ کان پوءِ چاليهه کن ڪاپيون مٿي ۾ هڻي ڇڏجنس... باقي ”روڪڙ“، اهو ڪنگلو اديب ڇا ڪندو؟... ۽ اهو هنر، هٿ ۾ رکي، صرف مسودو هٿ ڪبو آهي ۽ بس.... ۽ مٿان وري قدرت خدا جي ڏسو... اسان وٽ جيڪو نئون ليکڪ اچي ٿو، سو پيارو، پنهنجي کيسي ۾ پهرئين ڪتاب جا پئسا کڻي گهمندو آهي... هتان، اداري مان پبلشر صاحب ”هائو“ ناهي ڪئي، هوڏانهن موڙي حاضر.... مطلب.... اسي سيڪڙو کان مٿي، جيڪي ليکڪ ڇپجن ٿا، اهي پنهنجي موڙي پاڻ لڳائين ٿا....پوءِ ڪتاب ڇپجڻ جي صورت ۾ ڪتابن جون ڪاپيون کين ملن ٿيون.... اداري جو نالو پنهنجيءَ جاءِ تي... ۽ خيرن سان، ان نالي ڏيڻ ۾ به، ٺيڪ ٺاڪ مال ڪڍي وٺبو.... مطلب پنهنجو ڪجه به ناهي. ڪلهو به پرايو آهي ۽ بندوق به پرائي... ”نشانو“ رڳو پاڻ وٺڻو هوندو آهي... جنهن ۾ سندن ڪمال ته ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

    ڳالهه رڳو اتي نه ٿي کُٽي.... ڪتاب، اسٽال تي پهتو ته اڌ قيمت، خيرن سان اسٽال واري جي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪنڌ ۾ به ڪا هلڪي سلڪي ڪلي ناهي لڳل.... پنجاهه سيڪڙو تي ڪتاب کڻن ٿا، ۽ ”گد گد“ ٿيندي، نوي ڏينهن ۾ واپسيءَ جو اعلان ڪن ٿا، ڪتاب نه ٿا وڪڻن، ڄڻ اليڪشن ڪرائيندا هجن.... جي اوهان تي مهربان ٿيا ته ٿڌا ٿورا ڪندي 40 سيڪڙو تي کڻي کڻندا....

    هاڻي ان سي تناظر ۾ غور ڪيو. ٻن سئو پيجز جو، سٺي ڪاغذ تي ڪتاب، کائي ويندو تقريبن اسي هزار روپيا.... سي به، پنج سئو ڪاپيون، پڪي بائينڊنگ ۾... قيمت لکبس ساڍا ٽي سئو روپيا.... گهر ۾ پيو وڃي هڪ سئو سٺ روپين ۾.... معنى في ڪاپي وڌيڪ لکبي هڪ سئو نوي روپين جي.... هاڻي ساڍا ٽي سئو مان ٿلهي ليکي، هڪ سئو چاليهه ٿي ويو في ڪاپي اسٽال واري جو.... معنى، جي سڀ ڪاپيون هليون ته هو کڻندا 65000 روپين جو.... باقي ڪتاب لڳايل قيمتن موجب هڪ لک ٻاهٺ هزار، پنج سئو روپين مان، پبلشر کي ملندا، يا سيڙپ ڪار کي ملندا ستانوي هزار پنج سئو روپيا.... اسي هزار مور ڪڍوس ته بچيا وڃي، سترنهن هزار پنج سئو روپيا.... جيڪا صافي بچت آهي... اها خالي هڪ عام ڪتاب جي ڪٿا آهي...

    هاڻي اعتراض انيڪ ٿي سگهن ٿا.... ڪتاب گهٽ هلي ٿو.... ليکڪ کي ڪاپيون ڏيڻيون پون ٿيون.... ته ان جو به جواب عرض آهي.... ته پنج سئو جو مطلب ... فڪس پنج سئو ناهن هونديون.... پندرنهن ويهه، ”اُڙيون ٿڙيون“ نڪري ئي اينديون آهن.... ۽ پرنٽنگ جي جهان ۾ اهو به سمجهڻ گهرجي ته، جيترو تعداد وڌندو ويندو، اوترو ئي، ڪاپي سستي پوندي ويندي.... مٿان وري ڪتاب جي نه وڪجڻ جو ڪروڌ... ته قبلا جي نه ٿو وڪجي ته ”ٻيون ڇاپو“ ڪهڙي خوشيءَ ۾ ٿو اچي؟... جي پهريون ڪاپيون ئي نه ٿيون هلن ته ٻيون ڇو ٿا ڇپرايو؟...

    جليل صاحب جي خط، چاڪ چڪائي ڇڏيا آهن.... تقريبن ٽيهارو سال اڳ، ائين نقشِ قدمن تي هلندي، مون به امڙ سائنڻ جي وي، سي، هم نه تم ڪندي، هڪ عظيم پبلشر جي هڪدم حوالي ڪئي هئي. جيڪو يڪمشت پئسا کڻي پوءِ هٿ اچڻ کان محال ٿي ويو هو.... خدا خدا ڪري، منٿون ميڙون ڪري.... ڇهن مهينن ۾ ڪتاب نڪتو هو، سو به ان لڳايل قيمت جي اڌ ۾ ڇپيو هو... جليل صاحب سان، جيڪو هن سال ٿيو آهي، يا پَر سال..... اهو، سالن کان هلندو اچي ٿو.....

    اسان کي اک پٽڻ گهرجي.... اسٽال تي، اسٽال واري کان ”رعايت“ وٺڻ گهرجي ۽ پبلشرز سان، مسودي ڏيڻ مهل، ”ٺاهي ٺڪي“ ڳالهائڻ گهرجي.... ائين غير مناسب ڇپجڻ کان بهتر آهي ته انهيءَ مسودي کي ڀلي وقت جي ”اڏوهي“ کائي.....
    شيخ اياز صاحب، به سڄي عمر، پنهنجن مجموعن تي ”اداسي“ ئي ڏيکاري.... نظم جي ليجنڊ کان پوءِ هاڻي نثر جي ”آءِ ڪون“ اندر جو ڏُک ڪڍيو آهي. اهو ڏک جيڪو تقريبان هر ليکڪ جو آهي.... اها سائينءَ جي ڪمال هنر آهي جو هن پبلشر جو نالو ناهي لکيو.... جي لکي به ها ته به ڇا ٿئي ها... هنن جي صحت تي اڳ ۾ ڪو اثر ٿيو آهي، جيڪو هاڻي ٿيندو؟

    اندر جو آواز، الاءِ ڪيڏانهن هليو ويو آهي. جليل صاحب جي خط ۾ ڇپيل ”بيوسيءَ“ پنهنجو پاڻ تي چڙ آڻي ڇڏي آهي.اسين پنهنجي ئي مدد نٿا ڪري سگهون ته جليل صاحب جي مدد ڪٿان ڪري سگهنداسين.[/justify]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اڄ پڻ چڪيم چاڪ (امر جليل جي منهنجي مدد ڪيو جي جواب ۾ لکيل)

    ادا سليمان صاحب۔محمود مغل صاحب جو تجزيو جيڪو توهان هن آوطاق جي زينت ڪيو آهي ۔پنهنجي اندر هڪ وڏو احساس ٿو رکي۔بيشڪ هنن حالتن ۾ ڪو ڪتاب ڇپرائڻ ليکڪ لاءڪنهن جهاد کان گهٽ ن آهي ۔هون ب چوڻي آهي ت لٺيون کائي ڀولڙو پيسئا ڪمائي مداري۔هر باشعور انسان لاء لمح فڪر آهي۔محنت ڪنهنجي فائدو ڪير پيو وٺي۔دل کي ڇهويندڙ شيئرنگ آهي۔جس هجوئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو