سنڌ ۾ نوجوانن جا مسئلا

'تعارف' فورم ۾ Muhammad Hayat wassan طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. Muhammad Hayat wassan

    Muhammad Hayat wassan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جنوري 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student of engineering
    ماڳ:
    temperary adress: sachal goth karachi
    ادا جيتريقدر آءُ ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ نوجوانن سان مسئلا وڌيا آهن خاص ڪري ڪراچي ۾۔

    انهن کي ڪراچي ۾ ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا نه ٿي ڏني وڃي ۽ اگر اسان جو ڪو سنڌي مزدوري خاطر ڪراچي ۾ اچي ٿو ته ان کي واپس ڪيو ٿو وڃي ....... اهو ڪيستائين
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سند ۾ نوجوانن جا مسئلا

    [justify]ڀا حيات وساڻ صاحب، اوهانجي ڳالهه سان سئو فيصد متفق ٿيندي چئبو ته سنڌي نوجوانن سان گڏ سموري سنڌي قوم مسئلن جو شڪار اهي، جڏهن قوم پوري مشڪلاتن ۾ هوندي ته ان جو هر طبقو مشڪل ۾ هوندو آهي ۔۔۔ چاهي نوجوان هجي يا ٻڍو، مرد هجي يا عورت، پڙهيل لکيل هجي يا اڻپڙهيل ۔۔

    خاص ڪري اوهان ڪراچي جو ذڪر ڪيو آهي ته ادا سائين ڪراچي ته اسان ڌارين جي حوالي ڪري چڪا آهيون، بلڪ ايم ڪيو ايم ته هاڻ چوي ٿي ته سنڌ جا ته اسان مالڪ آهيون ئي آهيون جو پاڪستان ٺاهي اسان سنڌ فتح ڪئي اهي، باقي هاڻ چون ٿا ته پوري پاڪستان ۾ 3 نمبر وڏي پارٽي اسانجي آهي ۔۔۔ مطلب مستقبل قريب ۾ هي صاحب پوري پاڪستان تي قبضو ڪندا ۔۔

    ڇونه ڪن، جڏهن ڌرتي ڌڻي ننڊ ۾ هجن ۽ ڀاڙ جا ترا هجن ته ڌارين جي وات ۾ ماکي پوندي سندن وات سڙندو ڇا ؟

    اچو ته اسين سڀ سنڌي هڪ مٺ ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ جيڪي به سنڌين کي ويڙهائڻ يا الڳ الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن انهن جو منهن ڪارو ڪري گڏهه تي ويهاري، سنڌ جو سير ڪرايون ۔۔۔

    اوهانجي سيني ۾ موجود سنڌ دوستي سبب اسانکي آٿت ۽ سڪون مليو آهي

    لک ٿورا
    [/justify]
     
  3. Muhammad Hayat wassan

    Muhammad Hayat wassan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جنوري 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student of engineering
    ماڳ:
    temperary adress: sachal goth karachi
    جواب: سنڌ ۾ نوجوانن جا مسئلا

    سائين آءُ به توهان جي ڳاله سان متفق آهيان پر نوجوان ڪنهن به قوم جو سرمايو هوندا آهن . چوندا ناهن ته اگر نوجوان اٿي پون ته اهي پهاڙن مان به رستا ٺاهي سگهن ٿا. اسان کي انهي گهري ننڊ ما اٿي سجاڳ ٿيڻو پوندو
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سند ۾ نوجوانن جا مسئلا

    ادا ضرورت آهي ته سچي رهنما جي ، ضرورت آهي هڪ پليٽ فارم جي جنهن تي اچي سڀ گڏ ٿي سگهن۔ ڏسون ٿا ته ڪير ٿو اڳيان اچي واڳ سنڀالي ۔ڇو ته اسان جا قومپرست توڙي ٻيون سياسي جماعتن جو حال آوهان جي اڳيان آهي۔ باقي اوهان جي درد ۽ ترجماني سان بلڪل گڏ آهيون !!!!
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ۾ نوجوانن جا مسئلا

    ان سمجهان ٿو تعليم ۽ اها به معياري تعليم ئي اسان کي هن ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي۔ نوجوانن کي هنري تعليم ڏانهن خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي۔ اهو بلڪل صحيح آهي ته هن وقت نوجوانن جا مسئلا وڌندا پيا وڃن پر پوء به ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪاميابي ڏانهن وڌڻ کانسواء ڪو چارو ڪونهي۔

    هڪ ڳاله ته اسان کي ڪنهن جو سهارو ڳولڻ نه کپي، انتظار ڪرڻ نه کپي بس اڳتي وڌڻ جو سوچڻ گهرجي ۔۔۔ منزل مشڪل ضرور آهي، پيچرا اڻانگها ضرور آهن پر ۔۔اياز جي سٽن سان وڌڻو پوندو

    جي هانء نه هارين ڪوهيارا ات ڏينهن به گهاري وينداسين
    ڇو پير پساري ويٺو آن اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين

    ڇا لاء تڪين ٿو ڪنڌيء ڏانهن ٻي ٻيڙي مور نه اچڻي آ
    جي تون به اچين او ڪوهيارا توکي به اُڪاري وينداسين


     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ ۾ نوجوانن جا مسئلا

    ادا جيستائين اسان دينئي ۽ دنيائي تعليم ۾ ڀڙه نه ٿينداسين تيستائين اسان ڪنهن به قوم سان مقابلو نه ڪري سگهنداسين.افسسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان تعليم صرف نوڪري لاء حاصل ڪندا آهيون ۽ نالج لاء نه۔اسان کي يقين آهي ته اسان جي قوم ۾ به اهو ٽيلنٽ موجود آهي جنهن جي صحيحي رهنمائي ڪئي وًًًًًًًً جي ته گهڻيون inviation ٿي سگهن ٿيون جيڪي ملڪ ۽ قوم جي لاء ڏاڍي فائيدمند ٿي سگهن ٿيون۔اسان کي ڪنهن ٻئي سان شڪايت ڪرڻ جي بدران پنهنجي پاڻ کي سڌارڻ گهرجي۔ٽيلنٽ کي نه ته سفارش جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن تعليمي آداري جا دروازا هن تي بند ٿيندا آهن.
     
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ ۾ نوجوانن جا مسئلا

    ادا وساڻ مان ڪجهه حد تائين اوهان جي ڳالهه سان مطفق آهيان اسان سڀني کي گڏ جي اڳتي وڌڻو آهي بغير ڪنهن جي انتظار جي پو سڀ اچي گڏبا ادا سليمان جي ڏنل شاعري کي اڳتي وڌائيندي اهو ضرور چوندس ته

    هي رات ته اچڻي وڃڻي آ باقي به گذاري ويندا سي
    پر ويندي ويندي سنڌڙي جي سينڌ سنواري ويندا سي۔​

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو