ٻوڏ ۽ ڳوٺاڻن جي همٿ

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    Miracle of being active!
    همٿ مردان مدد خدا؛
    هيءَ همٿ ڏياريندڙ آکاڻي ٻڌائڻ وارو آهي محترم محمد موسا رند،
    حوالو؛
    Activecitizens-blogspot
    مترجم ؛ نثار ابڙو​

    خاص سنڌ سلامت لاءِ
    *******************
    [JUSTIFY]محمد موسا رند ٻڌايو ته گذريل اونهاري واري ٻوڏ ۾ جڏهن ٻوڏ جو پاڻي سندن ڳوٺ طرف اچي رهيو هو ۽ ٻوڏ جو خطرو سندن اچي مٿان بيٺو ته بجاءِ هنن ڳوٺ ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي ، ڪيئن پنهنجي ڳوٺ کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان بچائي ورتو ...
    سنڌ جي پاڻيءَ واري کاتي The Irrigation Department Sindh جڏهن ڪاري موريءَ وٽان جوهي ڪئنال کي گهارو هڻي ٻوڏ جي پاڻيءَ کي طوري بند کان گذاريندي منڇر ڍنڍ ڏانهن ٿي اماڻيو، ان گهاري سبب ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان جوهي شهر ۽ اوس پاس جي ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو هو، انجي بجاءِ جو اسين گاڏيون ڪرائي تي ڪريون ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪريون، اسين پنهنجي شهر جوهي جي حفاظتي بندن کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ جو سوچيو.
    ضلعي انتظاميه ۽ علائقي جي ايم اين اي رفيق جماليءَ اعلان ڪرايو ته جلد کان جلد شهر خالي ڪيو وڃي، جنهن سبب شهر جي ماڻهن ۾ تمام گهڻي پريشاني ڦهلجي وئي ۽ ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته هو تڙ تڪڙ ۾ ڇا ڪن.
    جوهي سنڌ جي اهم شهر ۽ بندرگاهه ڪراچيءَ کان. لڳ ڀڳ 320 ڪلوميٽر پري آهي .
    مقامي ٻوڏ ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ماهرن ۽ آفيسرن جي سهڪار سان، مون اهو اندازو لڳايو ته اسانکي شهر ۾ رهڻ گهرجي ۽ اسانکي ڪوشش ڪري شهر جي پاسي واري بند کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ گهرجي. مون پنهنجن دوستن جو هڪ ٽولو گڏ ڪيو، جن ۾ قربان کوکر، غلام قادر لغاري ۽ ڊاڪٽر ابراهيم رند شامل هئا. ۽ شهر ۾ پڙهو گهمايو، مسجدن مان اعلان ڪرايو ۽ رڪشي ذريعي پڙها ڪرايا ۽ ماڻهن کي ان ڳالهه تي اڀاريو ته اچو ته سڀ شهري گهرن مان نڪري گڏ ٿيو ۽ اسان سان سهڪار ڪريو ته جيئن بند کي مضبوط ڪجي.


    [​IMG]

    خوشقسمتيءَ سان ماڻهن تمام سٺي موٽ ڏني، ۽ هر طرف کان هر قسم جي ساهتا ٿيڻ شروع ٿي وئي، ماڻهن سامان مهيا ڪيو، مزدوريءَ لاءِ تيار ٿي ويا، پئسا ڏنا ۽ کاڌو وغيره ڏنو. ۽ سڀ پنهنجو پاڻ بند جي مختلف پاسن تي اچي گڏ ٿيا. بند کي 10-11 ڪلوميٽر چورس فٽن تائين مٿاهون ڪيو ويو، بند تي لڳ ڀڳ 12 اهڙيون جايون هيون جت شهري 24 ڪلاڪ پاڻيءَ جي لاه چاڙهه کي ڏسي رهيا هئا ۽ گڏوگڏ بند کي مٿاهون پڻ ڪري رهيا هئا، اهو سلسلو لڳ ڀڳ هڪ مهينو مسلسل هليو ۽ اسان پاڻيءَ مٿان قابو ڪري ورتو، اسان ڳوٺ وارن جو سمهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ عيد جي نماز پڻ بند تي گذري.


    [​IMG]
    [​
    ]

    اسانکي ڪڏهن ڪڏهن مايوسي به ٿي رهي هئي پر ماڻهن جي جوش ۽ جذبي سبب اسان پنهنجي مايوسيءَ تي قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. جڏهن مقامي حڪومت اسانکي خوف ڏياريو ۽ پنهنجيون سموريون مشينيون کڻي هليا ويا ۽ اهو چئي ويا ته اوهان پاڻ ذميوار آهيو ۽ پاڻ ڄاڻو. اسين ڪجهه پريشان ٿياسون ۽ دل شڪسته پڻ ٿياسون پر اسانجي شهر جي لوهار جيڪو اسانکي لوهه جو سامان مهيا ڪندو آهي ان چيو ته هو 60 ٽراليون مهيا ڪندو ۽ اهو چيو ته ڪم کي نه روڪيو وڃي. جنهن سبب اسانکي تمام گهڻي مدد ملي ۽ اسانجي پريشاني رفع دفع ٿي ۽ سڪون محسوس ٿيو.
    اهڙي نموني اسانجي ٿڪائيندڙ محنت واري عمل جي موٽ ملي ۽ اسين ڪاميابيءَ سان پنهنجي شهر کي پنهنجي ٻڌي۽ ايڪي، ڦڙتي ۽ همٿ سان ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ۽ هاڻ اسانکي اهو ايمان آهي ته اسين پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي پنهنجي شهر جي قسمت بدلائي سگهون ٿا ۽ ڳوٺائن کي ڦڙت ۽ مڙسيءَ سان زنده رکي سگهونٿا.
    ڪيترن ئي اخبارن رسالن اسانجي ان همٿ مردان مدد خدا واري آکاڻيءَ ۽ منهنجي اڳواڻيءَ کي ساراهيو آهي ۽ سٺا ليک لکي اسانکي همٿايو آهي ،...
    سنڌ سلامت جي هن اڱڻ ذريعي آءُ پڻ جوهيءَ جي انهن جانباز انسانن کي عقيدت جو سلام ڪريانٿو ۽ سڏ ڏيان ٿو سموري سنڌ کي ته هو پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي پنهنجي قسمت بدلائي سگهن ٿا ... سچائي ۽ همٿ سان تمام وڏا معرڪه فتح ٿين ٿا.
    سلام سنڌ جي سپوتن کي سلام
    [/JUSTIFY]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ٻوڏ ۽ ڳوٺاڻن جي همٿ

    ادا تمام ڪارائتو ۽ عمل ڪرڻ جوڳو مضمون آهي اها حقيقت آهي جيڪر هر ڪو پنهنجي پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪري ته ضرور فتح ۽ ڪامراني حاصل ڪري ٿو سگهجي ، مهرباني
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٻوڏ ۽ ڳوٺاڻن جي همٿ

    سائين نثار مهرباني

    هن ٻوڏ ۾ جتي مايوسيون وڌيون اتي گهڻن دوستن جي همت ۽ ٻڌي ڏسي سچ پڇيو ته دل وڏي ٿي وئي آهي۔ جوهي جو عوام ، جوهي جا دوست ، جوهي جا سنڌي سلام جي لائق آهن جن هيڏي وڏي ٻوڏ سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ڪاميابي ماڻي پنهنجي گهرن ، پنهنجي واهيرن کي بچايو۔

    سهڻي ۽ بي مثال ونڊ تي اوهان کي مبارڪون
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ٻوڏ ۽ ڳوٺاڻن جي همٿ

    سائين ستل سور جاڳائي ڇڏيو

    سائين بيشڪ هنن مرد مجاهدن پهنجي ڳوٺ کي بچائي ورتو

    پر اسان جو ڳوٺ رفيق جماليء ء پير مظهر هٿ سان ٻوڙايو
    منهنجو وس هلي ته هنن کي عالمي عدالت ۾ فاسي ڏياريان

    اهڙو ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٻوڏ ۽ ڳوٺاڻن جي همٿ

    سائين تمام بهترين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو