هزارين سور ۽ ننڌڻڪو سنڌي عوام جاويد مهر هن ڀيري سمجهه نه پئي آيو، ته ڪهڙي مسئلي تي لکجي؟ ڇاڪاڻ ته 64 سالن دوران هٿرادو طريقي سان پيدا ڪيل هڪڙي مسئلي مان جند مس آجي ڪرايون ٿا، ته ٻيو بلڪل ائين چنبڙايو وڃي ٿو، جيئن حسني مبارڪ 31 سالن تائين مصري اقتداري ڪرسيءَ سان چنبڙيل رهيو، جڏهن ته هاڻ لبيا جو صدر ڪرنل قذافي سندس نقش قدم تي هلندي عوام سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، سو دل چيو ته ٻين مسئلن کي ڇڏي عرب دنيا ۾ ايندڙ انهيءَ تبديليءَ تي لکڻ گهرجي، وري خيال آيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي 15/20 ڏينهن جي مهم کان پوءِ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن 21 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ٿيل بي ترتيب احتجاج تي ڇو نه لکجي؟ جنهن ۾ چند اديب اختلافن جي ڀريل بارود باوجود شريڪ ته ٿيا، پر صحافين جي هڪ گروپ سان ”چانهه جي ڪپ“ تي خودڪش بمبار وانگر ڦاٽي پيا ۽ هنن اختلاف پڌرا ڪري اتي ويٺلن کي حيران ڪرڻ سان گڏوگڏ پريشان به ڪري ڇڏيو، اسان جا اهي اديب اڃا پنهنجي ساٿي اديبن جي غيبت ۾ مصروف هئا، ته پريس ڪلب ٻاهران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جي اڀ ڏاريندڙ نعرن کين مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اٿڻ تي مجبور ڪيو، جتي پهچڻ وقت ايس ٽي پي، جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، سيوسنڌ موومينٽ ۽ ٻين پارٽين جي جلوسن ۾ سنڌي ادبي سنگت کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جا عهديدار ان وقت صحيح نموني ظاهر ٿيا، جڏهن بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، علي حسن چانڊيي، نورنبي راهوجي ۽ يونس مهر جي اڳواڻيءَ ۾ آيل قوم پرست ڪارڪنن جا جلوس واپس هليا ويا، تڏهن ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي ڏسي پڪ ٿي ته سائين اڪيلو نه پر پنهنجي 30 کان 40 ساٿين جي جٿي سان مرڪزي سڏ کي ورنائڻ لاءِ موجود هو. اها ٻي ڳالهه آهي، جو ان ڏينهن ساڳئي هنڌ هڪ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙن جو جلوس روايتي ثقافتي انداز ۾ ظاهر ٿيو، جنهن ۾ سوين ماڻهو شامل هئا! سنڌي ادبي سنگت جي اهڙي غير فعال احتجاج واري طريقي تي لکندي لکندي ذهن ۾ اوچتو سنڌ اسيمبليءَ جي تازي شروع ٿيل اجلاس جي پهرين ڏهاڙي واري ڪارروائي ڏانهن خيال هليو ويو، جنهن ۾ ايم پي اي حميرا علواڻيءَ جي بنگالين، بهارين، برمين، افغانين ۽ ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بابت جمع ڪرايل ٺهراءُ تي بحث ڪرڻ بدران پي پي ميمبرن ان کان ائين ڀڄي جان ڇڏائي، جيئن نوازشريف پنجاب حڪومت کان پ پ کي ڌار ڪري ڇڏيو. نوازشريف چواڻي هن اهو قدم انهيءَ ڪري کنيو آهي، جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سندس 10 نقاطي ايجنڊا تي ڪا اڳڀرائي نه ڪئي، انهن سان هلڻ ڏکيو ٿي ويو هو، پر عوام جي درد توڙي غم کي پنهنجو سمجهندڙ نوازشريف کان ڪو صحافي يا پاڻ کي وڏا داناءَ سمجهندڙ ٽي وي اينڪر اهو پڇڻ لاءِ تيار ناهن، ته سرڪاري ادارن/ڪارپوريشن مان ڪرپشن جي خاتمي، اهل ماڻهن جي مقرري، سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل، ميگا اسڪينڊلز جي شفاف جاچ، حڪومتي خرچ گهٽائڻ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي فارغ ڪرڻ جهڙن نقطن تي هن ماضيءَ ۾ ٻه ڀيرا حڪومت ۾ رهڻ دوران پاڻ ڪيترو عمل ڪيو؟ يا هاڻ هو پنجاب ۾ خادم اعليٰ سڏائيندڙ ۽ بادشاهن وانگر زندگي گذاريندڙ پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کان 3 سالن ۾ ڪيترو عمل ڪرايو آهي؟ جنهن 1988ع ۾ ڇانگامانگا واري سياست وقت لوٽن کي خريد ڪرڻ کان پوءِ ڪوهه مري ۽ ٻين هنڌن تي سندن حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي ڀاءُ جو نه صرف هٿ ونڊايو، پر سياسي انتقامي جي بنياد تي سلمان تاثير کي پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم پي اي هجڻ باوجود پوليس وارن هٿان ٽنگو ٽولي ڪرائي، موبائيل ۾ اڇلرائي تذليل ڪرائڻ بعد گرفتار ڪرايو هو، اهو ئي اهو ڏينهن هو، جڏهن سلمان تاثير جي ذهن ۾ شريف ڀائرن لاءِ نفرت جنم ورتو، جيڪا سندس قتل ٿيڻ تائين ختم نه ٿي سگهي. موضوع جي چونڊ لاءِ لکڻ لاءِ سوچيندي سوچيندي عوامي آواز جي ايڊيٽوريل صفحي تي سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراهه امير ڀنڀري جو مضمون به سامهون اچي ويو، ”نئين آدم شماري سنڌ جي قيمت جو ڇا ٿيندو؟ جي عنوان سان لکيل ان لکڻي کي پڙهڻ سان محسوس ٿيو ته ڪجهه قوم پرست اڃا به قوم جا فيصلا قسمت تي ڇڏيون ويٺا آهن؟ جڏهن ته ڪي معاملا اهڙا ٿين ٿا، جن ۾ پنهنجي مدد، همت ۽ سگهه جي بنياد تي صورت حال جو مقابلو ڪرڻو پوندو آهي، جنهن ۾ قسمت جو پري پري تائين به ڪو تعلق ناهي هوندو، هاڻي جيڪڏهن قوم پرست قيادت پهرين اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر ۽ آدم شماريءَ لاءِ پنهنجي ڪارڪنن کي سرگرم نه ڪندي ته پوءِ ڌارين کي جيڪو ڪرڻو هوندو سو ته هو ڪندا؟ ڀلا ان ۾ قسمت جو ڪهڙو عمل دخل هوندو؟ انهيءَ ڪري هن ڀيري سمورن سنڌين کي اکيون ۽ ڪن کولي رکڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته اصل ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ ڪيئن تبديل ڪجي؟ اها سازش تڏهن ئي ناڪام بڻائي سگهجي ٿي، جڏهن ٻروچ ۽ مسمات جي قبيلائي فرق ۾ ڦاٿل برادريون ٻولي واري خاني ۾ مادري ٻولي ”سنڌي“ لکرائينديون، ساڳئي سوچ ڪڇين ۽ ميمڻن کي به اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪي ماضيءَ ۾ مادري ٻولي اردو لکرائي ڌارين جو تعداد وڌائيندا رهيا آهن، جنهن لاءِ سنڌي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي منظم طريقي سان شعوري مهم هلائڻي پوندي، جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن به قوم پرست ڌر پاران اهڙو ڪو روڊ ميپ ناهي ڏنو ويو، جيڪا فڪر جوڳي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اقليت ۾ تبديل جي سازش کي مظاهرن يا جلسن جلوسن سان ناڪام نٿو بڻائي سگهجي، قوم پرستن جي خاموشي تي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هو ان مسئلي بابت آل پارٽيز ڪانفرنس يا هڪ ٻي ڏانهن ڪهي وڃي ڪو لائحه عمل ترتيب ڏيڻ کان ڇو پيا ڪيٻائين؟ پر اهو سوچي قلم وڌيڪ لکڻ لاءِ ساٿ نه ڏنو ته اسان جا اڳواڻ ڪجهه معاملن تي ”اناپرست“ جو آهن؟ ان ڪري سوچيو تعليم کاتي جي انهن هزارين ننڍن ملازمن جي ڪراچيءَ ۾ ٿيل احتجاج تي لکجي، جيڪي پنهنجي امڪاني برطرفي ۽ هڪ هفتي اندر پڪو ڪرڻ جي حڪومتي واعدي تي عمل نه ٿيڻ خلاف سنڌ اسيمبلي پهچي احتجاج ڪرڻ چاهيندا هئا، پر آرٽس ڪائونسل چورنگي ويجهو مٿن لٺيون وسايون ويون، ساڳيو ئي طريقو رات جي وقت وزيراعليٰ هائوس ٻاهران ڌرڻي جي ڪوشش دوران اختيار ڪيو ويو، جنهن ۾ جس لهڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ جنهن عورت هوندي پوئتي هٽڻ بدران ملازمن سان پاڻ ملهايو ۽ هڪ موقعي تي گرفتاريءَ به پيش ڪئي، ان ڏينهن شام جو وزيراعليٰ هائوس آڏو هڪ مذهبي تنظيم کي نه صرف ڌرڻو هڻڻ ڏنو ويو، پر صوبائي وزير رفيق انجنيئر سندن اڳواڻن سان ملاقات ڪري مارجي ويل ٻن ڪارڪنن جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي، افسوس ته سنڌي ملازمن کي وزيراعليٰ هائوس اچڻ کان روڪڻ لاءِ شيلنگ ڪئي وئي، جن لاءِ 11 جنوري 2011ع تي سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تان مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي جي مهملي واري رٿ جو جواب ڏيندي چيو هو ته ”تعليم کاتي جي ننڍن عارضي ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو“ ان وقت موصوف اهو به فرمايو هو ته پ پ اڄ تائين ڪنهن پٽيوالي يا چوڪيدار کي برطرف ناهي ڪيو، سندس چواڻي هو روزگار ڏيندا آهن، کسيندا ناهن، جڏهن ته اڳتي هلي ناليواري ليکڪ منظور سولنگي کي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان هٽائي ”بينظير ايندي روزگار ڏيندي“ جي نعري جي لتاڙ ڪئي وئي، ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي قلم ذريعي ڪجهه تلخ حقيقتون لکيون هيون، جنهن جي سزا کائين 20 سالن کان هلندڙ پورهيو کسي ڏني وئي! سنڌ سان ٿيندڙ هيڏن هاڃن ۽ مسئلن تي قلم کڻڻ جي ڪوشش دوران ان قلم ڌڻي کي به موضوع بڻائڻ لاءِ سوچيو، جيڪو اٽڪل 15 سال اڳ صحافتي برادريءَ جو اهم حصو هو، پر ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ تي اسان کيس زندهه دفنائي ڇڏيو، ها زندهه دفنائي! ان ڪري جو مصادق بڙدي جي ڪنهن به سار نه لڌي نه وري نام نهاد صحافتي تنظيمن ۽ ڪنهن دور ۾ مرحوم جي ويجهو رهندڙ دوستن کي اها خبر پئجي سگهي ته ماضيءَ ۾ ڪامريڊي لڏي جو شهزادو رهندڙ بختاور ڪالوني جي ”پيالا هوٽل“ تي سڄو ڏينهن ڪهڙي سوچ ۾ ويٺو هوندو هو؟ اها سوچ جيڪا هو ڪڏهن قلم مان سرجندڙ لفظن ذريعي اخبارن ۾ لاتعداد مضمون لکي قوم تائين پهچائيندو هو. اهو سڀ ڪجهه سوچيندي سوچيندي ذهن مائوف ٿي وڃي ٿو ۽ سوچ ورائي وڃي ٿي ته آخر ڪهڙي مسئلي کي موضوع بڻائجي؟ شايد ناليواري شاعر تاجل بيوس انهيءَ ڪري چيو هو ته هڪڙو قلم هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان، ڇا لکي ڇا لکان؟ واقعي ئي ڇا لکجي؟ سنڌ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هر شعبي ۾ موجود سنڌ پرستن کي قومي شعور جو مظاهرو ڪري تبديليءَ جو علم بلند ڪري عمل واري ميدان تي لهڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اهي مسئلا ڌٻڻ بڻجي ويندا ۽ ڌٻڻ ۾ ڦاٿلن جو ڪهڙو حشر ٿيندو آهي، ان بابت وڌيڪ ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته شعوري ماڻهو ان جو مطلب سولائيءَ سان ڪڍي سگهن ٿا. 28/2/2011 عوامي آواز
جواب: هزارين سور ۽ ننڌڻڪو سنڌي عوام گهڻ رخو ليک آهي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف اشوز تي لکيو ويو آهي هڪ ڳاله ته 21 فيبروري تي مان به پريس ڪلب پهتو هوس ان وقت جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ خالق جوڻيجو ، سنڌ ترقي پسند اڳواڻ علي حسن چانڊيو ۽ سچل ڳوٺ مان گهڻا دوست شامل هئا جن ۾ سچل ڳوٺ جي مختلف سياسي پارٽين کان سواء مختلف دوست پنهنجي منهن اچي به شامل ٿيا هئا۔ اتي ئي مونهنجي ڪريم چانڊيو صاحب سان به ملاقات ٿي، ذوالفقار بهڻ، هدايت بلوچ به موجود هئا۔ صفدر سرڪي ۽ بشير قريشي دير سان پهجتا هئا انهن کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جا دوست مختلف ٽي وي چينلز کي انٽرويو به ڏئي چڪاا هئا۔ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي پهچڻ سان وڌيڪ جوش پيدا ٿيو هو۔ مهرباني سٺي لکڻي ونڊ ڪرڻ جي
جواب: هزارين سور ۽ ننڌڻڪو سنڌي عوام ادا سنڌي عوام سدائين نڌڻڪو رهيو آهي ڌڻين هوندي به اسين ويچارا ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو