افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب
تحرير ؛ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري
ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب 1 جنوري 1937 ء تي ڪريم بخش صديقي جي گهر پاٽ شريف ، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو . صديقي صاحب ابتدائي تعليم مقامي پرائمري اسڪول ۾ بعد هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ گورمنٽ ڪاليج دادو مان انٽر سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ، ايم اي ، ايم اي ايڊ ڪرڻ بعد هاءِ اسڪول ٽيچر ، سپروائز ، ايس ڊي او ، ڊسٽرڪ آفيسر ايڊيوڪيشن پروجيڪٽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪول ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن حيدرآباد ، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، رٽائرمينٽ بعد پي ايڇ ڊي ڪري ٻه عدد جلد ڪتاب انسان جا لکي چڪا آهن . کين ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق ٿي چڪو هو . برک رسالن ، اخبارن ۾ سندس تحقيقي مضمون ، شاعري شائع ٿي چڪي آهي . تعليم بابت سندس مقالا وڏي اهميت رکن ٿا . درياھ ۽ سامونڊي علائقن ۾ ماڊل پرائيمري اسڪول جي استاد لاءِ اخلاقي ڪوڊ تعليم سان لاڳاپيل ڪتاب . جڏهن ته تاريخ جي موضوع تي لکندي باب الاسلام جي عنوان سان تاريخ صديقي خاندان تحرير ڪئي اٿس . پاڻ تعليم کاتي ۾ هوندا هئا ته تمام هردلعزيز آفيسر هئا.
ورتل؛ سنڌ جا تعليمي ماهر (ڀاڱو ڇهون)
مرتب؛ نور محمد ڀٽو
ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ