• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيئي جيئي سنڌ سونهاري

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل
جيئي جيئي سنڌ سونهاري
مونکي آهي جان کان پياري
مهان منهنجي سنڌ جا شاعر
شاهه سچل استاد بخاري
سڀئي سنڌ جا پورهيت ڀائر
پيٽ جي خاطر کڻن تغاري
سنڌ ۾ اڳ هئي سک ۽ شانتي
هاڻي وڌي وئي چوري چڪاري
پي وٽ ڏاج لئي ڏوڪڙ ڪونهن
ويٺي آ گهر ڌي ڪنواري
بابا مونکي ڇو ٿو مارين
ڏي هان تنهنجي ناهيان ڪاري
چند ٽڪن جي خاطر پاگل
وٺي وڃي معصوم ٿي ماري
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
Back
Top