شاهه سائينءَ جو سورمو ”ڄام ابڙو اڙٻنگ“
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي/سيوهڻ
روزانه ڪاوش تان ورتل
ڄام ابڙو اڙٻنگ، شاهه سائينءَ جو هڪ وڏو سورمو هو. هو وڏو سخي، اڙٻنگ، ننگ پال، لڄپال ۽ بهادر شخص هو. هي مشهور سمو سردار ڪڇ جي ”وڏ سر“ جو والي، دودي سومري جو همعصر ۽ دوست هو. هو راڄ ڀاڳ ۾ گڏ اُٿندا ويهندا هئا. اٽڪل 1313ع ڌاري چنيسر جي چُرچ تي علاوء الدين دودي سومري سان لڙائي ڪئي، جنهن ۾ سومرن کي شڪست آئي. عزت بچائڻ خاطر دودي شهيد ٿيڻ کان اڳ حاڪم گهراڻي جون سومريون (عورتون) ابڙي ڏانهن سام ڪري موڪليون. ابڙي اڙٻنگ تڪليفون ڏٺيون، سر ڏنو، پر امانت ۾ آيل سام نه ڏني. وڙهندي ڪنڌ ڪپايائين پر سر نه جهڪايائين. جيئن شاهه صاحب فرمايو:
وڳهه ڪوٽ سومرن جو تخت گاهه هو. رت ريلا ڪري ٿي هليو. چوطرف سومرا ۽ ابڙا گهيري ۾ هئا، پر دودي سومري کي يقين هو ته ابڙو (ابڙا) سمون ايترو ته وڙائتو آهي، جو جيئري سامون نه ڏيندو. شاهه صاحب فرمايو:
چوندا آهن ته شينهن جا ٻچا به شينهن هوندا آهن. اهڙيءَ طرح سان جهڙو هو ابڙو اڙٻنگ، تهڙو هو سندس اولاد. جڏهن سندس اولاد مان راهو، ممٽ، سپڙ ۽ ابڙو سڀ هڪٻئي پٺيان وڙهندي شهيد ٿي ويا ته ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگر راءِ سامن کي وٺي رڻ ڏانهن راهي ٿيو ۽ علاوء الدين جون فوجون سندن پيرا کڻنديون اتي پهتيون. هن به پيءُ وانگر بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. ڏک ڏٺائين پر سومرين جا سڱ نه ڏنائين. سندس ساراهه ۾ لطيف سرڪار فرمايو:
ڄام ابڙي جي پهلواني ۽ سورهيائي اهڙي ته مشهور هئي، جو سنڌ جي سگهڙن ۽ پارکوئن کيس ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي. سندس هٿ ڪشادو ۽ سخا جو دَرُ هو. ان ڏس ۾ لطيف سرڪار سندس ساراهه ۾ فرمايو:
ابڙي جي هاڪ جي ڪري ڪڇ جي اولهه واري حصي جو نالو ئي ”ابڙاسيو“ پئجي ويو. هن وقت اهو حصو هڪ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو، جنهنکي ”ابڙاسيو ضلعو“ چون ٿا. ڪاش هر ماڻهو ڄام ابڙي اڙٻنگ جهڙو ٿي پوي ته اسانجي سنڌ امن جو هندورو ٿي پوي!
سرڻين جي سک لاءِ، سام کنئي سردار،
جي ابڙي جي آڌار، سي سونگ نه ڏينديون سومريون.
..... .....
ابڙو وڏ وڙو، سوڙو جهلي سامن،
سرڻين جا سوٺا سهي، سمو سونهن سڀن،
تو در ترڪ اچن، ڪيئن ڪريندين ڪڇڙي.
..... .....
سرڻين جا سوٺا سهي، وسيلو ولهن،
لڏي ڪين لطيف چئي، اڳيان لال لکن،
جت ڪوڙين ڪين ڪڇن، اتي پاٻوهي پڌرو.

سمو تن سڏ ڪري، جن تي وڏو وير،
اٿي ته آجي ٿيان، پائي پاڳوڙي پير،
توريءَ ٻيو ڪير، سرڻين جا سوٺا سهي.
اٿي ته آجي ٿيان، پائي پاڳوڙي پير،
توريءَ ٻيو ڪير، سرڻين جا سوٺا سهي.
چوندا آهن ته شينهن جا ٻچا به شينهن هوندا آهن. اهڙيءَ طرح سان جهڙو هو ابڙو اڙٻنگ، تهڙو هو سندس اولاد. جڏهن سندس اولاد مان راهو، ممٽ، سپڙ ۽ ابڙو سڀ هڪٻئي پٺيان وڙهندي شهيد ٿي ويا ته ابڙي جو ننڍو پٽ ڏونگر راءِ سامن کي وٺي رڻ ڏانهن راهي ٿيو ۽ علاوء الدين جون فوجون سندن پيرا کڻنديون اتي پهتيون. هن به پيءُ وانگر بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. ڏک ڏٺائين پر سومرين جا سڱ نه ڏنائين. سندس ساراهه ۾ لطيف سرڪار فرمايو:
ٻين سڀني ڏنيون، ڏي نه ڏونگر راءِ،
اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏنيون ڏي ڪياءِ،
لوڙيو لڪ متاءِ، ان مٿيري موٽايون
اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏنيون ڏي ڪياءِ،
لوڙيو لڪ متاءِ، ان مٿيري موٽايون
ڄام ابڙي جي پهلواني ۽ سورهيائي اهڙي ته مشهور هئي، جو سنڌ جي سگهڙن ۽ پارکوئن کيس ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي. سندس هٿ ڪشادو ۽ سخا جو دَرُ هو. ان ڏس ۾ لطيف سرڪار سندس ساراهه ۾ فرمايو:
ابڙو اگهامن ۾، ڀرجهلو ڀاري،
سمي سوالين کي، ويل نه وساري