۔ادا افتخار چوهاڻ صاحب ، اميد ته خوش ۽ خيريت سان هوندو، ادا ڪڏهن ڪراچي اچو ته ديدار ضرور ڪرائيندا ته مهرباني ٿيندي، ادا توهان منهنجي ڪيل ڪم۔۔۔۔ عالمن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، ڪالم نويسن، محققن جا البم۔۔۔ پسند ڪري ۽ سنڌ سلامت تي سنڌي شخصيتون گڏ ڪرڻ وارو ڪم توهان به شروع ڪيو آهي اهيو ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس پئي ٿئي، ادا اهيو سوانح عمري وارو ڪم سنڌ سلامت تي تمام سٺو ٿئي رهيو آهي مگر اڃان به ان تي وڏو ڪم رهيل آهي جيڪو انشاء الله وقت به وقت ٿيندو رهندو، پوء ڪجهه توهان دوست ڪوشش ڪريو ته ڪجهه هي ناچيز بندو به ڪوشش ڪندو، ۽ انشاء الله هڪ ڏينهن هي اسان جو سنڌ سلامت سنڌي شخصيتن جو انسائيڪلوپيڊيه سڏجڻ لڳبو۔ ادا افتخار صاحب توهان جي مهرباني جو توهان صديقي خاندان جي ڪجهه شخصيتن جي زندگي تي روشني وجهي رهيا آهيو۔ ماضي ۾ سنڌ جا جيڪي شهر علم ادب جو مرڪز رهيا آهن انهن ۾ ٺٽو، بوبڪ ۽ پاٽ شريف اهم آهن سنڌ جي ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي شهر پاٽ به سنڌ جون ڪيتريون ئي عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جهڙوڪ علامه آءآءقاضي، اڳوڻو اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آفتاب قاضي ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي،ڪريم بخش چنه، بيگم امينه خميساڻي جنهن شاه صاحب جي شاعري جو انگريزي ۾ بهترين ترجمو ڪيو آهي، مخدوم عبدالجبار صديقي، ارشد لطيف چنه جسٽس مختيار احمد جوڻيجو، ۽ محترم سائين عبدالغفار صديقي صاحب جن جون شخصيتون شامل آهن، پاٽ شريف پڻ ماضي ۾ علم ادب جو هڪ وڏو مرڪز رهيو آهي، ۽ هن شهر جو ذڪر سنڌ جي ماياناز عالم اديب، مرزا قليچ بيگ رح جن به پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ جا شهر ۽ ماڻهون ۾ به ڪيو آهي، ان کان علاوه سنڌ جي مشهور محقق عالم محترم علي شير قانع ٺٽوي پڻ هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي۔ پاٽ جو موجوده ڳوٺ سنڌو نديءَ کان هڪ ڪلو ميٽر اولهه طرف آهي ۽ دادو شگر ملز پياروڳوٺ کان ڇهه ڪلو ميٽر اوڀر طرف ۽ دادو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي. هن موجوده ڳوٺ کان اڳ ۾ جيڪو شهر ڦٽي ويو ان کي “پاٽ پراڻي... جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، ادا افتخار چوهاڻ صاحب مان زندگي ۾ هڪ ڀيرو پاٽ شريف پنهنجي دوست علي شير مستوئي سان گڏ ويو آهيان ۽ مون کي ان شهر ۾ تمام گهڻو مزو آيو هو، ادا هن شهر جي مڪمل معلومات لاء اسان جي پياري دوست محترم زاهد سومرو صاحب جن پاٽ شريف تي محترم گلزار علي ڪلهوڙو پاٽائي جو لکيل تحقيقي مقالو ۔۔۔ سنڌ جو تاريخي ۽ تعليمي ماڳ “پاٽ شريف”تحقيقاتي جائزو .......پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو جنهن پڻ پاٽ شريف جي تاريخي حيثيت ۽ پاٽ شريف جي شخصيتن تي سٺي روشني وچي آهي ۔ان کان علاوه زاهد سومرو صاحب پاٽ شريف جون تصويرون پڻ ونڊ ڪيون هيون جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن، ادا افتخار چوهاڻ صاحب توهان سنڌ جي تعليمي ماهر جناب عبدالغفار صديقي صاحب جو مضمون ونڊ ڪري هڪ بهترين ڪم ڪيو آهي، صديقي صاحب هڪ نهٺو ۽ نماڻو انسان آهي، پاڻ تمام ٿڌي مذاج وارا انسان آهن سندس ڳالهائڻ جو انداز به هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، ڪجهه وقت پهرين ڪي ٽي اين واري پروگرام اپٽار ۾ پڻ محترم عبدالغفار صديقي صاحب کي مهمان بنائي گفتگو ڪئي هئي، جنهن جون پڻ هت وڊيوز ونڊ ڪجن ٿيون، ادا افتخار صاحب اوهان جي مهرباني جو توهان سنڌ جي شخصيتن کي سهيڙڻ ۾ پاڻ نڀائي رهيا آهيو۔ ادا مان ته اهيو ئي چاهيندس ته سنڌ سلامت جي هن سيڪشن ۾ سنڌ جون وڌ ۾ وڌ شخصيتن جا پروفائيل هجن تاڪ اسان جي هن فورم تي سنڌ جي هر شخصيت جو تعارف ۽ سوانح ملي سگهي، ادا اميد ته اهڙيون محنتون ۽ ڪوششون جاري ۽ ساري رکندا ۽ سنڌ جي عظيم عالمن اديبن ليکڪن جون سوانح عمريون گڏ ڪري سنڌ سلامت جي فورم کي مالا مال ڪندا،۔ مهربانيون
سنڌ جي تعليمي ماهر جناب عبدالغفار صديقي صاحب جو هڪ مضمون۔۔۔ صوفي شاهه عنايت جي شهادت ۔۔۔۔ پڻ هت ونڊ ڪجي ٿو، ان مان سندس لکڻي جو به انداز ملي ٿو۔
صوفي شاهه عنايت جي شهادت
مصنف؛ عبدالغفار صديقي صوفي شاهه عنايت الله شهيد بن مخدوم فضل الله پنهنجي وقت جو ڪامل درويش، ولي الله، جليل الصدر صوفي سنڌ جي بٺوري پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ نصريه ۾ سال 1656ع ڌاري ڄائو. انهيءَ ڳوٺ ۾ متعلوي سيد رهندا هئا. جنهن جي ڪري اهو متعلوي سيدن جو ڳوٺ به سڏبو هو.
شاهه عنايت شهيد جا وڏا فقيري ۽ توڪل جي طريقي تي هلندڙ صاحب ولادت ۽ صاحب ڪرامت ٿي گذريا آهن. سنڌ جي تاريخ تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته شاهه عنايت شهيد جو تڙ ڏاڏو مخدوم صدر الدين پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ وڏي ۾ وڏو پير هو. اهڙو ته ترڪ توڪل جو صاحب هو جو رات جو مٽن جو پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هوته ” نئون ڏينهن نئون زرق“ انهي ڳوٺ جا سيد سندس مريد هئا شاهه عنايت شهيد جواني ۾ حق جي ڳولا ۽ علم جي طلب ۾ ملڪ جهاڳيندو وتيو آخرڪار دخن هندوستان جي برهانپور شهر ۾ شاهه عبدالملڪ جي صحبت ۾ پنج ورهيه رهي رياضتن ۽ عبادتن وسيلي تصوف جون منزلون طئي ڪري ظاهري عمل حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي اجازت سان شاهه جهان آباد ۾ مقيم شاهه غلام محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه سال رهي ظاهري علوم جي تحصيل ڪيائين هتان پوءِ واپس وري برهانپور شاهه عبدالملڪ کان وڌيڪ هدايتن حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو شاهه عبدالملڪ کيس گاڙهو خرقو، تلوار ۽ ٽوپي ڏئي صوفي جو لقب عطا ڪري سنڌ ۾ خانقاه ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. شاهه غلام محمد جيتوڻيڪ ظاهري علم ۾ صوفي شاهه عنايت جو استاد هو پر سلوڪ جو منزلون صوفي شاهه عنايت شهيد وسيلي طئي ڪيون هئائين سو به شاهه عنايت سان گڏجي ٺٽي آيو جتي هو نياز ۽ ارادته جي اهڙن طريقن تي ڪاربند رهيو جيڪو شريعت ۾ جائز نه هئا مثلا هو شاهه عنايت کي تعضيم وچان سجدو ڪندو هو جڏهن وقت جي عالمن کي انهي ڳالهه جي خبر پئي ته چوطرف سندن خلاف چو پڇو شروع ٿي وئي جنهن تي شاهه عنايت کيس شاهه جهان آباد واپس وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ وڃين ميرانپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين ميرانپور ميرپور بٺوري ۾ ”نمازيان“ جي ڪناري هن وقت جهوڪ جي نالي سان مشهور آهي هتي پهچڻ کانپوءِ رياضتن ۽ عبادتن ۾ مصروف ٿي ويو سندس صوفياڻي طريقي، فيض ۽ ارشاد جي سرچشمي جي شهرت هر طرف پکڙجي ويئي جنهن ڪري روز بروز عقيدت مندن جو تعداد وڌندو ويو عقيدتمندن، مريدن ۽ فقيرن جو گهڻو تعداد ڏسي آس پاس جي پيرن ۽ زميندارن ۾ رقابت جي باهه ڀڙڪي اٿي. انهن مان هڪڙو سيد عبدلواسع بلڙي جي درگاهه جو گادي نشين هو. جنهن جا ڪيترائي مريد کائنس منهن ڦيري اچي صوفي شاهه عنايت جا مريد ٿيا هئا. ۽ زميندارن ۾ ٿر جا ٻه وڏا زميندار پليجاڻي جو نور محمد پليجو ۽ ٻيو حمل جت هئا. جيڪي هارين سان بي انصافي ڪندا هئا. ۽ کين فصلن جي پيدائش مان پورو حق نه ڏيندا هئا. جنهن ڪري سندن ڪيترائي هاري صوفي شاهه عنايت جا مريد ٿي چڪا هئا مطلب ته بلڙي جا سادات ۽ مقامي زميندار هن حق پرست صوفي جا سخت مخالف بڻجي ويا ۽ کيس نقصان رسائڻ لاءِ سازشون سٽيندا رهيا نيٺ پاڻ ۾ ملي هڪڙي ڏينهن اوچتو شاهه عنايت شهيد جي مريدن ۽ خادمن تي حملو ڪرائي ڏنائون انهي حملي ۾ ڪيترائي عقيدتمند شهيد ٿي ويا جن جا وارث دهلي جي بادشاهه فرخ سير وٽ دانهي ويا ٻئي پاسي ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان قاتلن ۽ سازشن جي پٺڀرائي ڪندي شاهه عنايت خلاف گهٽ وڌ لکي دهلي ڏانهن ڏياري موڪليو پر فرخ سير پوري جانچ لهي قانون مطابق قاتلن جي زمين عقيدمندن شهيدن جي وارثن حوالي ڪري ڍل به معاف ڪري ڇڏي هن فيصلي تي ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان کي وڌيڪ چڙ لڳي ٻئي پاسي صوفي شاهه عنايت جي حق پرستي، حق گوئي ۽ منضف مزاجي ڏسي ڪيترائي غريب ۽ عام ماڻهون هندستاني عملدارن جي سختين کان تنگ اچي صوفي شاهه عنايت جي پناهه ۾ آيا ۽ اتي آباد ٿيندا ويا اهڙي ريت هي درگاهه عام هارين، غريبن ۽ مظلومن لاءِ هڪ پناهه گاهه بنجي وئي.
ٻئي طرف ٺٽي جي نواب اعظم خان صوفي شاهه عنايت کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو هو. ڪجهه ملان، پير ۽ زميندار پنهنجا حمايتي ڏسي پهرين ته صوفي صاحب کي خانقاه سان لاڳو زمين جو ڍلون جيڪي دهلي جي درٻار مان شاهي قانون تحت معاف ڪيون ويون هيون سي نئين سر مڙهي هڪدم ادائگي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيائين. انهي جي جواب ۾ صوفي شاهه عنايت چيو ته ” اهو ظلم آهي“ جڏهن اهي ڍلون بادشاهه جي طرفان معاف ٿي چڪيون آهن، تڏهن اوهان کي انهن جو وصول ڪرڻ جو حق ڪهڙو آهي. اعظم خان انهي جواب تي بگڙي پيو ۽ پنهنجي عملي ۽ سرڪاري عملدارن سان صلاح ڪري مرڪزي حڪومت کي ڪاوڙائڻ لاءِ هڪ زوردار ڪوڙو خط لکي موڪليائين ته ” صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقير سرڪاري محصول ادا نه ٿا ڪن“ حڪومت جا دعويدار بنجي رهيا آهن منجهائن بغاوت جي بوءِ اچي رهي آهي ۽ خليفه الله جي حڪم جي نافرماني ڪري رهيا آهن کين جوڳي سخيت ڏني وڃي مرڪز وٽان حڪم پهتو ته سندن فتني جو خاتمو ڪيو وڃي جنهن بعد اعظم خان پنهنجي فوج کانسواءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين رئيسن ڏانهن احڪام جاري ڪيا ته اهي پنهنجا لشڪر وٺي سندس مدد لاءِ انهي فوج ۾ شامل ٿين.
تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته اعظم خان سنڌ جي سڀني علائقن مان فوج جو وڏو ڪٽڪ وٺي صوفي شاهه عنايت تي حملو ڪيو ”مقالات الشعراه“ ۾ لکيل آهي ته نواب اعظم خان بادشاهه جي درٻار ۾ عرض ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ سڀني زميندران توڙي انهن سڀني ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جا حڪم ورتا جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳين ئي صوفي عنايت ۽ سندس فقيرن سان ڪينو هو انهي سلسلي ۾ هڪ خط قاضي عبدالرسول جي بياض ۾ نقل ٿيل آهي جو سنڌ يونيورسٽي جي ملڪيت آهي. ٻيو خط يار محمد خان عباسي جي ڪنهن خاص رفيق ميران سنگه کتري جو جنگ جي ميدان مان ميان نور محمد ڪلهوڙي کي لکيو آهي.
جنهن ۾ جهوڪ واري واقعي جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي. هيءَ خط به قاضي عبدالرسول جي خطن واري بيان تان نقل ڪيل آهي انهيءَ خط ۾ لکيل آهي ته؛
” شاهه عنايت سوچيو ته قلعي ۾ ويٺي رهڻ مان نتيجو چڱو ڪونه نڪرندو ان ڪري هن ٻن هزار ماڻهن کي مقابلي لاءِ ڏياري موڪليو، جن خدا يار خان عباسي ( يار محمد خان) جي هاٿيءَ کي گهيرو ڪيو. صاحبزادي دائود خان عباسي (يار محمد خان جو پٽ) ڪجهه هزار سوارن سان، مردانگي سان مقابلو ڪيو ۽ صوفي عنايت جي لشڪر جا ڳچ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿي ويا.
هيءُ هنگامو هڪ ٻن مهينن تائين جاري رهيو. آخر شاهه عنايت هڪ درخواست موڪلي، جنهن ۾ پنهنجن ڏوهن جي معافي گهري هئائين، شاهه صاحب کي پوءِ قيد ڪيو ويو هو بيمار هو ۽ انهيءَ ئي بيماري ۾ وفات ڪيائين، خط جا اصل لفظ هي آهن ” چون آزاري هم دوشت داشت، ازجهان فاني گشت“
خدا يار (يار محمد خان) جي خط ۾ لکيل آهي ته ”آءُ“ ۽ نواب اعظم خان ٿل درياهه مان اڪري جهو پهتاسين جيئن ته قلعي جي چوڌاري اونهيءَ کاهي کوٽيل هئي. ان ڪري لشڪر کي جهوڪ کان اڌ ڪوهه پري رهايو ويو.17 ذي القعد تي سوارن ۽ پيادن سان کاهيءَ، قلعي ۽ پسگردائي جو چڪر لڳايوسين. شاهه عنايت کي مقابلي جي همت نه ٿي ٻئي ڏينهن آچر جي رات جو، جڏهن صبح ٿيڻ ۾ اڃا پهر کن هو ته شاهه عنايت جي فوج جا هڪ هزار سترهن پيادا ڇاپي هڻڻ جي خيال سان آيا. اسان جي لشڪر جا ڪجهه ماڻهو مارجي ويا، ليڪن بهادرن فسادين کي تلوارن سان کڻي ڇڏيو ۽ تمام ٿورا ماڻهو جان بچائي سگهيا، باقي سڀ شهيد ٿي ويا. صبح ٿيڻ تائين هنگامو جاري رهيو، اسان جي خيمن جي نظرداري لاءِ جيڪي فقير مقرر ٿيل هئا، اهي ٽڙي پکڙجي ويا. فسادين اسان جي ڏيڍئي تي حملو ڪيو...“ خط جي پچاڙي ۾ لکيل آهي ته ” دائود خان ( يار محمد جو پٽ) سخت بيمار آهي اميد آهي ته خدا جي رحمت سان شفا حاصل ٿينديس. هن کي تلوار جا پنج ڇهه زخم منهن تي ۽ بدن جي ٻين حصن تي رسيا آهن“ (اهي ٻئي خط فارسي ۾ لکيل آهن)
جهوڪ جي لڙائي ۽ شاهه عنايت جي شهادت جو وڌيڪ احوال تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعراءِ ۾ آهي.
تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته ” پورا چار مهينه گهيرو جاري رهيو فقير رات جو لڪي حملا ڪندا هئا. انهيءَ ڪري شروع ۾ گهيري ڪندڙن جي فوج ذري گهٽ ناس ٿيڻ ويجهي وڃي پهتي هئي. هڪڙي رات هڪ درويش ٿاٻو کاڌو ۽ اسم ذات جو نعرو بلند ڪيو. جنهن تي ٻيا درويش به سندس همنوا ٿيا. جنهن بعد ڪيترائي درويش تلوارن سان شهيد ٿي ويا. ان هوندي به گهيري ڪندڙن کي ڪاميابي جا ڪا به صورت نظر نه آئي. ان ڪري لاچار صلح جي فريب جو دروازو کڙڪايو ويو. ” تاريخ 9 صفر 1130 هه مطابق پهرين جنوري 1718ع تي شاهه عنايت آڏو صلح جي پيشڪش ڪئي وئي.
مقالات الشعراء ۾ آهي ته ” حملي آور لشڪر جي سپهه سالارن مان جن قرآن وچ ۾ رکي صلح ڪرايو، تن ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي جو پٽ ۽ مير شهداد خان ٽالپر به شامل هئا. معاهدو ٿيو ته درويشن جي مال ۽ جان ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو“.
مير شهداد ٽالپر جيڪو صلح ڪرائڻ ۽ معاهدي ۾ شامل هو. تنهن بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته” ٽالپر پهريائين ڪلهوڙن جا مريد هئا. پوءِ جڏهن ڪي ٽالپر ڪلهوڙن کي ڇڏي وڃي صوفي ٿيا ته ڪلهوڙ شاهه عنايت جا دشمن ٿيا..... مير شهداد خان ٽالپر، شاهه عنايت جو سنڍو به هو ۽ مريد به هو. ٻنهي جي گهرن ۾ ٻه سوڍيون هيون، جي پاڻ ۾ ڀيڻون هيون“.
تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته صلح ۽ معاهدي کان پوءِ صوفي شاهه عنايت جڏهن نواب اعظم ڏانهن ويو ته معلوم ٿيس ته هن جيڪر جان ۽ مال جو معاهدو ڪيو هو، سو سراسر ڌوڪو هو. کيس گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد اعظم خان کائنس جيڪي سوال ڪيا. تن ۾ پهريون سوال هو ته ٻڌاءَ ته تو ايتري شورش برپا ڪئي هئي؟ جنهن تي شاهه عنايت جواب ڏنو ته ؛
آن روز که تو سن فلک زين کردند
آرائش مشتري زپروين کردند
اين بود نصيب ماز ديوان قضا
ماراچه گناه قسمت ما اين کردند
شاهه عنايت کان ڪيترائي سوال پڇيا ويا.
پاڻ هر سوال جو جواب حافظ شيرازيءَ جي ديوان مان فارسي شعرن ۾ ڏنائين. ائين ٿو لڳو ڄڻ حافظ شيرازيءَ جو سڄو ديوان کيس ياد هو.
مرزا قليچ بيگ قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته ” شاهه عنايت شاعر به هو ۽ سندس فارسي ۽ سنڌي ڪلام تمام عمدو آهي“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته؛
شاهه عنايت جو ڪلام هٿ نه آيو آهي، سواءِ هڪ ٻن بيتن جي، پروفيسر محبوب علي چنه پنهنجي هڪ مقالي ۾ شاهه عنايت رضوي، عنايت فقير ڏيرو سان گڏ جنهن ٽئين شاهه عنايت جو شاهه جي رسالي ۾ آيل ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي سو شاهه شاهه عنايت شهيد جو آهي چنا صاحب ڪن بيتن ڏانهن اشارا ڏنا آهن، جن ۾ ”عنايت“ تخلص وارا بيت شاهه شهيد جا ڄاڻائي ٿو. هڪ بيت هي نروار ڪيو اٿس.
هلڻ مون تي حق ٿيو، پهچڻ پنهونءَ وس،
آري عنايت چوي، لوڙي آءُ لهنديس،
اتي نهاريندس، جيڏيون پنهنجي جت کي.
پروفيسر بدويءَ به هڪ بيت ڏنو آهي ، جو هي آهي
اڌر نڌر اڀري ڪوجهي ڪميڻي،
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيون، هوت ڏسي هيڻي،
اگهائي شاهه عنايت چوي، تنهن جي ٽڪر مان ٽيڻي،
جا هيءَ واجي وهيڻي، تنهن محب مليو ماباڙ ۾.
شاهه عنايت جي شهادت جي باري ۾ تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته اعظم جون حق شناسيءَ واريون اکيون بند ٿي ويون جنهن ڪري ظاهري ۽ باطني علمن جا جامع (مخدوم) کي شهر جي ٻاهران آڻي، زنجيرن ۽ ڳٽن ۾ پڌرائي، ڪيترو وقت قيد رکيائين ۽ پوءِ شهيد ڪري ڇڏيائين.
مقالات الشعراء ۾ آهي ته؛ ڪيترن ئي سوالن پڇڻ کان پوءِ اعظم خان صوفي عنايت کي قيد ۾ وجهڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. آخرڪار 15 صفر سن 1130 هه مطابق ستين جنوري 1817ع تي کيس شهادت جو جام پياريو ويو. پوئين گهڙي پاڻ هي شعر پڙهي رهيو هو.
رهائيدي مرا از قيد هستي
جزاک الله في الدارين خيرا
تلوار گردن تي پئي چار دفعه الله اڪبر چوندي واصل باالله ٿيو.
نا الله وانا اليه راجعون