• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جا اسڪرين سيور

مگسي

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا اسڪرين سيور

پيارا دوستو!
الله جا لکين احسان جو سنڌ سلامت هر ڏينهن نوان ريڪارڊ قائم ڪندي ترقيء جي منزل تي راه روان آهي۔

دنيا ۾ پهريون سنڌي فورم آهي(وي بليٽن تي)
دنيا ۾ پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ مسڪراهٽون ۽ گهڻو ڪجه
هاڻي پيش آهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو سنڌيء ۾ اسڪرين سيور۔

آزمائشي طور صرف ٻه اسڪرين سيور شيئر ڪريان پيو وڌيڪ اسڪرين سيور اوهان دوستن جي راء کانپوءِ۔
اسڪرين سيور ڊائون لوڊ ڪرڻ کانپوءِ رائيٽ ڪلڪ ڪريو پوءِ توهان پنهنجي مرضيء مطابق ٽيسٽ ڪريو،سيٽنگ ڪريو يا انسٽال ڪيو۔
اوهانجي مشورن جو انتظار رهندو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سنڌسلامت (ساوڪ)

سنڌسلامت (ساوڪ)
سنڌي اسڪرين سيور

ڊائون لوڊ ڪريو

43298979.jpg
 
اسلام عليڪم ادا مگسي
ادا توهان جي محنت جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي توهان جيڪي ڪوششون سنڌ ۽ سنڌي لا۽ وٺي رهيا آهو ۽ ڪوششون تمام بهترين آهن
ادا هي اسڪرين سيور مان ڊائونلوڊ ڪري انهن مطلق پو۽ ئي پنهنجي را۽ ڏيندس بهرحال اها ڳالهه به گهٽ ناهي ته توهان سنڌي ۾ اسڪرين سيور ٺاهي ورتا آهن
تمام بهترين ادا مگسي مون کي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته توهان جي محنت جي ڪهڙي نموني مان تعريف ڪيان بهرحال يار مان آهيان فقير ماڻهو ٿورو چيو گهڻو سمجهندا
دعائن ۾ ياد
 
ادا مونکي تعريف نه پر مشورا کپن۔
توهان اسڪرين سيور ڊائون لوڊ ڪري وٺو ننڍڙا آهن هڪ ايم بي کان به ڪجه گهٽ آهن۔
مهرباني ادا ڦلپوٽا فقير
 
سنڌ سلامت جي سچي سنڌي سپوت جي سچي محنت هي اسڪرين سيور ڊائون لوڊ ڪري ڏٺاسين سوپر۔ ادا مگسي لکين کيرون لهڻو۔ وڌيڪ ڇا چوان لکين شابسون توهان کي اڄ شڪر الحمد الله بجا طور اهو چئي ٿا سگهون اسان جا سنڌي هر فيلڊ ۾ لاجواب آهن ۔ توهان جي محنت هي ٻه اسڪرين سيور هر لحاظ کان بهتر کان بهترين آهن۔
 
سائين نثار ناز!
ريپلي ڪرڻ لاء توهانجا ڪروڙين قرب۔
سائين مونکي اهو مشورو ڏيو ته ايندڙ اسڪرين سيورن ۾ ڇا هئڻ کپي ۽ ڪهڙن موضوعن تي اسڪرين سيور تيار ڪجن،ته توهان جا لکين ٿورا ٿيندا۔
 
سائين نثار ناز!
ريپلي ڪرڻ لاء توهانجا ڪروڙين قرب۔
سائين مونکي اهو مشورو ڏيو ته ايندڙ اسڪرين سيورن ۾ ڇا هئڻ کپي ۽ ڪهڙن موضوعن تي اسڪرين سيور تيار ڪجن،ته توهان جا لکين ٿورا ٿيندا۔
ضرور ادا مگسي۔ جهڙيءَ طرح ساوڪ جي بيڪ گرائوڊ ۾ سينري آهي چشما وغيره ڏيکاريل آهن اهڙي طرح توهان بيڪ گرائونڊ ۾ سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جِي لوڪيشن کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، سنڌ جي ڪنهن خوبصورت ڳوٺ جي سينري، جنهن ۾ سرنهن جي گُلن جي هيڊاڻ ڏيکاريل هُجي، يا سورج مُکي پنهنجي ڦُوهه جواني ۾ ٽڙيل هُجن، مٿان وري لطيف سائين جي بيت جي ڊيزائن هُجي، هيٺان سنڌ جي انهيءَ ڳوٺ جو نالو تحرير هُجي۔ توهان سنڌ جي هر ڳوٺ جو نظارو ڪريو، سنڌ سموري پاڻ کي جنت وانگر نظر ايندي۔ سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڃان تائين اُٺ نار وهائيندو نظر ايندو آهي، پوءِ نار جي لوٽن مان پاڻي جو ڪرڻ انهي پاڻي جو وري اڏن ۾ وهي وڃڻ اهڙو دلڪش نظارو اصل روح کي راحت ڏيو ڇڏي۔ يا وري مهراڻ جي موجن ۾ بتيلن جي رواني وارا نظارا، مٿان وري سنڌ جي قومي شاعرن جي شاعرن جي شاعريءَ جون ٻه ٻه سٽون۔ وري سنڌ جي شهرن جون تصويرون ۔ الغرض توهان تخليق ڪار آهيو۔ ۽ توهان جي هردي ۾ سنڌ سان محبت نينهن وانگر ڀري پيئي آهي ۽ مُنهنجو ايمان آهي، محبت ۽ نينهن هر تخليق کي نت نيون معنائون ڏين ٿا۔ تُنهنجي سيني ۾ سنڌ لاءِ تڙپ آهي ۔ شال تُنهنجو سنڌ سان اهو محبت جو جذبو ساري ۽ جاري رهي ، ۽ سنڌ واسي سدائين توهان جي نڪور تخليقن کي پسي سرهائي ماڻيندا رهن۔ (آمين) شال سَرَها هُجو پنهنجي پيارن سان(آمين)
 
واه سائين واه
زبردست مشورا آهن مان اڄ ئي ڪم شروع ٿو ڪريان۔
راهنمائيء لاء توهانجا ڪروڙين قرب۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
 
ادا مگسي بلوچ

ادا اوهان جي محنت کي سارهيندو هلان ته اوهان جو ٿيل ڪم تمام بهترين آهي۔۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب اوهان کي تمام سهڻا مشورا ڏنا آهن۔۔۔ مزيد مشورا ڪجهه هن ريت آهن۔۔۔۔

1۔ سنڌ ۾ صوفي بزرگن جي مزارن جا ڏيک
2۔ تاريخي جايون
3۔ پنهنجي سنڌ جي ٽپيڪل ثقافت
4۔ ٿر واريون ڀٽون
5۔ ماروئڙن جا پکڙا (گهر)

انهن جي مٿان سهڻي لطيف جي شاعري۔۔۔

ادا اوهان جي اهڙي ڪاوش تي منهنجي طرفان لکين کيرون لهڻو۔۔۔۔۔۔۔

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
مگسي صاحب، اسڪرين سيور کي هلائڻ جو ڪو آسان طريقو به ٻڌايو، مون وٽ ته ڪم نه پيو ڪري.

ادا ابو زين توهان اسڪرين سيور تي رائيٽ ڪلڪ ڪريو
پهريون آپشن آهي ٽيسٽ جو يعني توهان صرف ڏسي سگهندا۔
ٻيون آپشن آهي سيٽنگ جو ان کي ڇڏي ڏيو۔
ٽيون آپشن آهي انسٽال ڪرڻ جو انسٽال ڪرڻ کانپوءِ توهان پنهنجي مرضي مطابق ٽائيم وغيره سيٽ ڪري هلائي سگهو ٿا۔
بلڪل ڪم نٿو ڪري ته ٻيهر ڊائون لوڊ ڪري ڏسو۔
آگاه ڪرڻ لاء مهرباني ادا۔
sindhsalamatsaathsal
 
ادا مگسي بلوچ

ادا اوهان جي محنت کي سارهيندو هلان ته اوهان جو ٿيل ڪم تمام بهترين آهي۔۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب اوهان کي تمام سهڻا مشورا ڏنا آهن۔۔۔ مزيد مشورا ڪجهه هن ريت آهن۔۔۔۔

1۔ سنڌ ۾ صوفي بزرگن جي مزارن جا ڏيک
2۔ تاريخي جايون
3۔ پنهنجي سنڌ جي ٽپيڪل ثقافت
4۔ ٿر واريون ڀٽون
5۔ ماروئڙن جا پکڙا (گهر)

انهن جي مٿان سهڻي لطيف جي شاعري۔۔۔

ادا اوهان جي اهڙي ڪاوش تي منهنجي طرفان لکين کيرون لهڻو۔۔۔۔۔۔۔

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal

پيارا ڀاء زاهد ريپلي ڪرڻ ۽ مشورا ڏيڻ لاء مهرباني۔
 
ادا مگسي ڪجهه ڏينهن فورم تان غائب ۽ وري واپسي انتهائي شاندار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچي به توهان جي فورم تي ڏاڍي ڪمي محسوس ڪئي پئي وئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان ڏٺو نه سموري ساٿ توهان کي ڪيڏو نه ياد پئي ڪيو۔۔۔۔۔
توهان جو ڪم به انتهائي شاندار آهي ۔۔۔۔۔۔۔ هن سان پنهنجو پيغام انتهائي خوبصورتي سان آن لائين ۽ آف لائين سموري سنڌين تائين پهچندو۔۔۔۔۔۔ منهنجي طرفان مشورو ته سنڌ سلامت جو Url ۽ پنهنجي اي ميل ايڊريس کي ننڍو ڪري منظر کان ٿورو پاسي تي رکو بس توهان جو پيغام يعني شاعري جون ٻه سٽون ۽ منظر ڪشي جاندار هجن۔۔۔۔۔
توهان جون ڪاوشون انتهائي لاجواب آهن ۔۔۔۔ اميد ته اهڙي رنگ کي به جاري رکندا۔۔۔۔
 
ها ادا ايندڙ اسڪرين سيور بلڪل مختلف هوندا۔ان لاء ته مون مشورا گهريا۔
مشورا ڏيڻ ۽ حوصلا افزائيء لاء مهرباني۔
 
ابا مگسي شابس اٿئي جو ڀيرو ڀڳو اٿئي ۔۔۔۔ اميد ته اسڪرين سيور جي ڪا نئين کيپ به اوهان جي مهربانين سان وري ميدان ۾ ايندي۔

لک ٿورا
 
Back
Top