تندرستي جا قرآني اصول

'صحت سرير جي' فورم ۾ غلام قاسم تسنيمي طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    تندرستي جا قرآني اصول
    قرآن مجيد، الله سائين طرفان هميشه رهڻ وارو پيغام آهي. جنهن جو بنيادي مقصد ڪاميابي ۽ سعادت ڏانهن هدايت ڪرڻ آهي. ۽ ڇو جو تندرست انسان پنهنجي ذميوارين کي بهتر ۽ سهڻي نموني سان انجام ڏيئي سگهي ٿو تنهنڪري پاڪ دين اسلام، تندرستي جي خاص خيال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
    رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم به ”سالم ذهن ۽ عقل لاءِ تندرست جسم جي ضروروت آهي“ واري مقولي جي تاڪيد ڪئي آهي ۽ ٻين علوم سان گڏ طب کي به محترم ڳڻيو آهي. تنهنڪري پاڻ سڳورا بيمارن کي طبيب ۽ ڊاڪٽڙ ڏانهن موڪليندا هئا ڀلي اهو مسلمان به نه هجي. ۽ اهل ايمان کي سفارش ڪندا هئا ته طب کي به ٻين علوم وانگر جتي به ڏسن حاصل ڪن. پاڻ ڪريم صلي الله عليه و آله و سلم کان منقول حديث آهي ته: پنهنجي دوا ڪندا ڪريو ڇو جو جنهن مرض ڏنو آهي، تنهن دوا به نازل ڪئي آهي. «تداووا فان الذي انزل الداء انزل الدواء»( طب و طبيب و تشريح، )
    قرآن مجيد به تندرستي کي وڏي نعمت ڄاڻائيندي، تندرست رهڻ جا ڪارڻ به ٻڌايا آهن، جن ڏانهن هتي اشارو ڪجي ٿو. پر پهريان اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته انسان، جسم ۽ روح جو مرڪب آهي، تنهنڪري انهن ٻنهي جي تندرستي لاءِ بهترين نسخا بيان ڪيا آهن.
    الف) روحاني ۽ معنوي تندرستي
    قرآن مجيد، جي نزول جو هڪ مقصد دل ۽ روح کي مختلف قسم جي بيمارين کان نجات ڏيڻ آهي: ”و ننزل من القرآن ما هو شفاء“، سورت اسراء، آيت82. ان روحاني تندرستي لاءِ قرآن مجيد ۾ ڪيترائي سنهري نسخا بيان ڪيا ويا آهن، جن مان ڪجهه ڏانهن اشارو ڪجي ٿو:
    1)الله سائين تي ايمان
    جيڪو به انسان الله سائين تي ايمان رکي ٿو، ان الله تي جيڪو بي انتهاعلم، حڪمت، قدرت ۽ سڀني نيڪ صفتن جي مجموعيهجڻ سان گڏوگڏ ٻاجهه وارو به آهي، ته سندس دل ۾ خوف، ڊڄ ۽ بي قراري نه ايندي، بلڪه هو پنهنجي دل ۾ سڪون ۽ آرام محسوس ڪندو؛ ڇو جو الله سائين اهل ايمان جي دل ۾ سڪون ۽ آرام نازل ڪندو آهي: «هوالذي انزل السكينه في قلوب المؤمنين...»فتح/ 4 .
    2) الله جي ياد
    الله سائين کي ياد ڪرڻ سان انسان کي حقيقي سڪون ملندو آهي: «....اَلا بذكرالله تطمئن القلوب ، رعد/28 » ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو به ٻاجهاري ڌڻي جي ياد کان غافل رهندو، تنهن جي زندگي مشڪل ٿي ويندي: «و من اعرض عن ذكري فان له معيشه ضنكا... طه/124».
    3) دعا
    قادر مطلق کان مدد گهرڻ ۽ دعا ڪرڻ، دنيوي ۽ اخروي زندگي م ڪاميابي جي ضمانت آهي. بي شڪ دعا، الله ۽ ٻانهي وچ ۾ بهترين رابطو آهي.
    4) نماز
    نماز، خالق جي ويجهي ڪرڻ واري بهترين عبادت آهي جنهن کان مشڪلات ۾ مدد گهرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي: « واستعينوا بالصبر و الصلوه.... بقره/45 ».
    ب) جسماني تندرستي
    دين جا ڪجهه حڪم اهڙا آهن جن ۾ جسماني تندرستي جو به خيال رکيو ويو آهي، انهن جي رعايت ڪرڻ سان انسان ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رهي سگهي ٿو. جئين جئين علم ترقي ڪندو وڃي ٿو، ديني احڪام ۾ موجود اهڙا فائدا ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ٿا. جسماني تندرستي جا ڪجهه قرآني اصول هتي ذڪر ڪريون ٿا:
    1) حلال ۽ پاڪيزه شيون کائڻ: قرآن مجيد ايمان وارن کي اهڙين شين جي کائڻ جي هدايت ڪري ٿو جيڪي پاڪ ۽ حلال هجن: .«يا ايها الذين ءامنوا كلوا من طيبات ما رزقناكم .....بقره/172» ، «و كلوا مما رزقكم الله حلالا طيباً .....مائده/88 » بي شڪ پاڪ شيون کائڻ سان نه صرف جسم سالم رهندو بلڪه انجا معنوي فائدا پڻ آهن.
    2) ناپاڪ ۽ حرام شين کان پرهيز ڪرڻ: انسان جي پالڻهار ۽ خالق سندس ڀلائي ڏسندي ڪجهه شين کي انسان لاءِ حرام قرار ڏنو آهي، جئين رت، مردار، سور جو گوشت، جن شين کي الله جي پاڪ نالي سان ذبح نه ڪيو وڃي وغيره: حرمت عليڪم الميته والدم و لحم الخنزير وما اهل لغير الله...سورت مائده، آيت 3. اسلام طرفان حرام ڪيل شين مان ڪيترين شين جو انساني صحت لاءِ نقصانڪار هجڻ اڄڪلهه جي علم سان ثابت ٿي چڪو آهي، اهڙي نموني سور جي گوشت جا انساني غيرت تي ڇڏيل مضر آثار به بالڪل روشن ٿي چڪا آهن.
    3) کائڻ پيئڻ ۾ افراط و تفريط کان پاسو ڪرڻ يعني ضرورت مطابق کائڻ پيئڻ. جئين ته ارشاد آهي: ڪلوا واشربوا ولا تسرفوا،سورت اعراف، آيت 31. کائو پيئو پر اسراف نه ڪريو.
    4) صفائي جو خيال رکڻ: اسان جي پاڪ دين ۾ جسماني صفائي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، ايتريقدر جو انهن کي عبادت ڄاڻائي ٻين عبادتن لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جئين وضو ۽ غسل،”يا ايها امنوا اذا قمتم الى الصلوة فاغسلوا و جوهكم وايديكم الى المرافق و امسحوا بروسكم و ارجلكم الى الكعبين ...“ سورت مائده، آيت 6 گڏوگڏ ڪپڙن کي به پاڪ ۽ صاف رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي: و ثيابڪ فطهر“ سورت مدثر، آيت 4.
    جنسي تندرستي لاءِ هر قسم جي ناجائز رابطي کان روڪيو ويو آهي، پنهنجي بالڪل ويجهي مائٽن جئين ماءُ، ڀيڻ ۽ڌي وغيره سان شادي کي حرام قرار ڏنو آهي. پنهنجي گهر واري سان به مخصوص ڏينهن ۾ پرهيز جو حڪم ڏنو آهي. همجنس بازي کي تمام وڏو گناه ڪوٺو آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    مهرباني سائين تسنيمي صاحب

    تمام بهترين ليک جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔ دين ۾ ٻڌايل ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان تندرستي يقيني آهي۔

    لک قرب
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    ادا جزاڪم الله خير الجزاء ادا جاري رکندا اهڙي ايمان افروز لکيڻ کي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    جزاڪ الله خئير،

    پاڪيزه ۽ شڪرگذاري جي زندگي کان وڌيڪ ڪا به صحتمند ڳالهه ناهي،

    بيشڪ جيڪي ماڻهون پنهنجي تن ۽ من کي صاف رکن ٿي اهي ئي الله جي نور کي حاصل ڪري وٺن ٿا۔

    آ چوندس پنهنجي ديني ڀائرن کي ته هو تسنيمي صاحب جي ليکن مان پرائي عمل ڪن ته جيئن ٻنهي جهانن ۾ سوڀارا ٿي سگهن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    تسنيمي صاحب! هي ليک تمام زبردست آهي، قرآني اصولن سان ئي زندگي بهتر گذاري سگهجي ٿي،
     
  6. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    سائين تسنيمي صاحب تمام بهترين سمجهاڻي آندي اٿو ۽ انهي تحريرن سان ئي اسان قرآن کي سجهي سگهون ٿا ۔۔۔تمام بهترين ۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول


    ماشاء الله تندرتي تي مبني تمام بهترين پيرائي ۾ مضمون لکڻ تي اوهان کي مبارڪون هجن ، الله تعالى سڀنن کي هن نعمت جي صحيح قدر ۽ تصرف ڪرڻ‌جي توفيق عطا فرما ، آمين
     
  8. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    ادا ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته قرآن مجيد، سرور ڪائنات فخر موجودات حضرت محمد مصطفى جي رسالت ۽ نبوت تي زنده معجزو آهي۔ جنهن ۾ انسانن جي هدايت ۽ ڀلائي جو هر نسخو بيان ڪيو ويو آهي قابل تعريف آهن اهي دوست جيڪي پاڻ به هدايت جو اهو پيغام پڙهن ٿا ۽ ٻين کي به آگاهي ڏين ٿا ادا تسنيمي صاحب بغير مبالغي جي اوهان جو هر ليک ايمان کي تازگي عطا ڪري خالق ڪائنات جي ياد ڏياريندو آهي اميد آهي ته اهڙين ايمان افروز لکڻين کي جاري رکندا ساٿ سلامت
     
  9. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    ادا سائين قران شريف جو نزول انسان جي ڀلائي لاءَ آهي۔اسانکي ڪامل يقين آهي ت قران شريف ۽ محسن انسانيت حضرت محمد مصطفئ صلئ الله عليه والسلام جي حديث پاڪ ۾ هر مسئلاء جو حل موجود آهي ۔جنهن جو مثال آوهان جو هي ليک آهي جنهن ۾ تندرستي جا قراني اصول ٻڌايا آهن۔توهان جي محنت تمام گهڻي تعريف جي قابل آهي۔قران شريف مان رهنمائي ڪري هڪڙو وڏو ڪم ڪيو آٿو۔الله سائين اوهان کي آجر ڏيندو۔هميشه خوش رهو
     
  10. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    سڀني ڀائرن جي مهرباني جو هن تحرير تي پنهنجا رايا ڏيئي ڪري هن حقير جي حوصله افزائي فرمايو۔ سدا خوش هجو شال۔
     
  11. پنجتني

    پنجتني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مارچ 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    تمام بهترين معلومات ڏيڻ تي اوهان کير لهڻا، سائين اهڙيون ڪوششون جاري رکندا۔
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تندرستي جا قرآني اصول

    جزاڪ الله خئير،
    بهترين سائين ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو