• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪي ميچز ۾ ويسٽ انڊيز هالينڊ کي ۽ زمبابوي ڪينڊا کي چيڀاٽي ڇڏيو۔۔۔

جواب: اڄوڪي ميچز ۾ ويسٽ انڊيز هالينڊ کي ۽ زمبابوي ڪينڊا کي چيڀاٽي ڇڏيو۔۔۔

گهٽ‌۾ گهٽ‌هالينڊ مان اڄ وڏيون اميدون هيون ڇو ته ان ٽيم انگلينڊ‌جي رانديگرن کي پگهر ڪڍرائي ڇڏيا هئا پر اڄ ڪاري آنڌي يعني ويسٽ انڊيز جي سامهون هالينڊ‌ فلاپ ٿي وئي۔۔ ڪيمران روچ هن ورلڊ‌ڪپ جي پهرئين هييٽ ٽرڪ پڻ‌مڪمل ڪئي۔۔
ادا اپڊيٽ‌ڪرڻ‌جي مهرباني۔۔ خصوصي طور تي موبائل جي ذريعي اپڊيٽ‌ڪرڻ‌جي مهرباني​
 
جواب: اڄوڪي ميچز ۾ ويسٽ انڊيز هالينڊ کي ۽ زمبابوي ڪينڊا کي چيڀاٽي ڇڏيو۔۔۔

جي ها ادا مست هن ورلڊ ڪپ جي ۽ ڪيمران روچ جي پهرين جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي پنجين هيٽ ٽرڪ هئي۔۔۔ ان کان اڳ انڊيا جو چيتن شرما، پاڪستان جو ثقلين مشتاق، آسٽريليا جو بريٽ لي ۽ سري لنڪا جو چمندا واس هيٽ ٽرڪ ڪري چڪا آهن۔۔۔۔ هن ميچ ۾ ڪيمران روچ بهترين ۽ تباهي واري بالنگ هلائيندي 27 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون (جنهن ۾ آخري ٽي هيٽ ٽرڪ تي مشتمل هيون) ورتيون۔۔۔۔
جن دوستن هي هيٽ ٽرڪ ڏسڻ مس ڪئي هجي انهن جي لاءِ ڪيمرون جون ڇهئي وڪيٽون وڊيو جي صورت ۾ حاضر آهن۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=VA5yAbdQmWI
 
جواب: اڄوڪي ميچز ۾ ويسٽ انڊيز هالينڊ کي ۽ زمبابوي ڪينڊا کي چيڀاٽي ڇڏيو۔۔۔

اڄ ئي ورلڊ ڪپ جي ستين هيٽ ٽرڪ سريلنڪا جي لسيٿ ملنگا به ڪينيا جي خلاف ڪئي۔ هن مسلسل چار بالن تي چار وڪيٽون ورتيون ۽ ميچ ۾ ڪل 6 شڪار به ڪيا. هڪ ٻي دلچسپ حقيقت ته هن 6 وڪيٽون بولڊ يا ايل بي ڊبليو جي صورت ۾ حآصل ڪيون

http://www.youtube.com/watch?v=e84rUIhp2JM
 
جواب: اڄوڪي ميچز ۾ ويسٽ انڊيز هالينڊ کي ۽ زمبابوي ڪينڊا کي چيڀاٽي ڇڏيو۔۔۔

سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي پر الائجي ڇو آهي ۔۔۔

” جيئن ٻرڙو ڪري ٻارن سان“

اهڙي حالت ڪيائون انهن ويچارين ٽيمن سان جو اصل رحم ٿي آيو

اڄ جا مقابلا ايئن ٿي لڳا جيئن هاٿيءَ سان ڪِوِلِ جو جهيڙو ۔۔۔ خئير اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟
 
جواب: اڄوڪي ميچز ۾ ويسٽ انڊيز هالينڊ کي ۽ زمبابوي ڪينڊا کي چيڀاٽي ڇڏيو۔۔۔

دوستن جي مهرباني جو موضوع کي اپڊيٽ رکندا پيا اچن
 
Back
Top