جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
هر ڪنهن کي لاچار ڏسان ٿو
پيٽ بکايل ٻار ڏسان ٿو
کائن حق غريبن جو ٿا
سي ٺڳ مان ڀوتار ڏسان ٿو
ڪو به نه ڪنهنجي مدد ڪري ٿو
هر ڪو خودمختيار ڏسان ٿو
هڪڙي بوند لئي مارُن کي مان
روئندي زارو زار ڏسان ٿو
جيڪو آهه خدا جو خلقيل
ڪوڙو سو سنسار ڏسان ٿو
ڀٽ جي دعا سان هن ڌرتيء کي
تڏهن ته مان گلزار ڏسان ٿو
اڳ وارا سڀ سخي مري ويا
خالي رڳو درٻار ڏسان ٿو
گلڙن جهڙي ڌرتي تي مان
روز نوان آثار ڏسان ٿو
واهه ڙي قدرت تنهنجي نگري
پڙهيل لکيل به ڌنار ڏسان ٿو
جاويد چئي مان ملڪيت وارا
رشوت جا پيئنار ڏسان ٿو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
هر ڪنهن کي لاچار ڏسان ٿو
پيٽ بکايل ٻار ڏسان ٿو
کائن حق غريبن جو ٿا
سي ٺڳ مان ڀوتار ڏسان ٿو
ڪو به نه ڪنهنجي مدد ڪري ٿو
هر ڪو خودمختيار ڏسان ٿو
هڪڙي بوند لئي مارُن کي مان
روئندي زارو زار ڏسان ٿو
جيڪو آهه خدا جو خلقيل
ڪوڙو سو سنسار ڏسان ٿو
ڀٽ جي دعا سان هن ڌرتيء کي
تڏهن ته مان گلزار ڏسان ٿو
اڳ وارا سڀ سخي مري ويا
خالي رڳو درٻار ڏسان ٿو
گلڙن جهڙي ڌرتي تي مان
روز نوان آثار ڏسان ٿو
واهه ڙي قدرت تنهنجي نگري
پڙهيل لکيل به ڌنار ڏسان ٿو
جاويد چئي مان ملڪيت وارا
رشوت جا پيئنار ڏسان ٿو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد