• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شري ٻڌ ديو جا ڪجه قول؛

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! چوندا آهن علم ۽ سٺي شئي جتان به حاصل ٿئي ضرور ڪجي!

شري ٻڌ ديو جا ڪجه قول؛

ٻڌ ديو جنهنجي پٺيان ٻڌ ڌرم آهي ...

هِڪ شبد جو تمام گهڻي غصي ۾ چئجي سوسڀ کان تِکي ترار آهي، لالچ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ زهر آهي، اندرين خواهش سڀ کان وڌيڪ تيز باهـِ آهي ۽ اَگيانُ (جهالت) سڀ کان وڌيڪ اونداهي رات آهي.

انهيءَ انسان کي فائدو ٿو رسي جو ٻين کي ڏي ٿو، سڀ کان وڌيڪ نقصان سهڻ وارو اهو انسان آهي جو ٻين کي فائدي پهچائڻ کانسواءِ کانئن پاڻ ڪجهـ وٺي ٿو ۽ آتمڪ گياني ئي سڀني کان وڌيڪ ڪارائتو هٿيار آهي.ـ

اَگيانُ سڀني کان وڌيڪ بربادي جو ڪارڻ آهي؛ حسد ۽ خود غرضي دوستي ٽوڙين ٿا، ڌِڪار سڀکان تيز ۽ سخت بخار آهي
 
Back
Top